”طريقي سان ڳالهاءِ، تون به تميز سان ڳالهاءِ“عابد شير علي ۽ ايمل ولي خان اٽڪي پيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران عابد شير علي ۽ ايمل ولي خان پاڻ ۾ اٽڪي پيا.
ڪميٽي اجلاس ۾ عابد شير علي ۽ ايمل ولي خان وچ ۾ ڏند چڪ ٿي. عابد شير علي ايمل ولي کي چيو ته ”مون کي فرق نٿو پوي، مان ڪا غلط ڳالهه نٿو ڪريان، توهان طريقي سان ڳالهايو.“
ايمل ولي خان عابد شير علي کي جواب ڏيندي چيو ته ”هو طريقي سان ڳالهائي رهيو آهي، توهان به طريقي سان ڳالهايو.“
قرت العين مري ۽ ٻين ميمبرن عابد شير علي ۽ ايمل ولي خان وچ ۾ پئي معاملو ٺارڻ جي ڪوشش ڪئي.

You might also like