قومي اسيمبلي جي اسيپڪر حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽين جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.اسپيڪر هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪميٽين جو اجلاس اڄ اربع ڏينهن، منجهند جو هڪ وڳي پارليامينٽ ۾ ٿيندو.پي ٽي آءِ هن اجلاس ۾ لکت ۾ پنهنجا مطالبا حڪومتي نمائندن آڏو پيش ڪندي، اجلاس پارليامينٽ هائوس جي ڪميٽي روم ان ڪيمرا ٿيندو. ياد رهي ته مذاڪراتي ڪميٽين وچ ۾ ڳالهين جا ٻه رائونڊ پهرئين ئي ٿي چڪا آھن.
هن اجلاس کان اڳ عمران خان سان پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪميٽي جي ملاقات پڻ ٿي چڪي آهي جنهن ۾ ڪيترائي اهم فيصلا پڻ ڪيا ويا آھن. پوئين اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪميٽي جي ميمبرن موقف اختيار ڪيو ته، لکت ۾ مطالبا پيش ڪرڻ لاءِ عمران خان کان رهمنائي ۽ منظوري وٺڻ بيحد ضروري آھي. ايستائين ته پي ٽي آءِ جو موقف درست آھي پر پي ٽي آءِ پاران ٿيل پوئين ٻنهي مذاڪراتي ڪميٽين جي اجلاسن ۾ زباني مطالبا ته پيش ڪيا ويا آھن، جن جي پي ٽي آءِ اڳواڻن تصديق پئي ڪئي آھي پر اهي مطالبا لکت ۾ ڏيڻ کان پي ٽي آءِ لنوائي رهي ھئي.
حقيقت ۾ حڪومت ڳالهين کي اينگهائي وقت پاس ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا مطالبا جائز آهن ته پوءِ زباني يا لکت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ڇا زباني پيش ڪيل مطالبا عمران خان جي منظوريءَ کانسواءِ پيش ڪيا ويا آھن يا ڪميٽي تي شڪ آهي ته اهي پي ٽي آئي کي ڪنهن ٻئي طرف وٺي وڃڻ چاهن ٿا ڇوته حڪومتي ڌر جا ڪجهه وزير چون ٿا ته ڪميٽي عمران خان کي بچائڻ بجاء مارڻ چاهي ٿي ، حڪومت جي ان بيان پٺيان ڪيترائي سوال اٿن ٿا. جيڪڏهن اهي مطالبا عمران خان جي منظوريءَ سان پيش ڪيا ويا آھن ته انهن کي لکت ۾ ڏيڻ سان عمران خان جي ڌار منظوريءَ جي ضرورت ڇو پئجي رهي آھي، ان مامري مان ظاهر ٿي رهيو آھي ته پي ٽي آءِ هڪ حڪمت عملي تحت شايد ائين ڪري رهي آھي.
بهرحال پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪميٽي عمران خان سان آزاد ماحول ۾ ملاقات ڪري نئين حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي جنهن کي سڀاڻي(اڄ) واري اجلاس ۾ واضح ڪندي پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪميٽيءَ پاران مطالبا لکت ۾ پيش ٿيندا يا نه بابت جيڪو فيصلو ٿيندو اهو عمران خان جي راءِ مطابق ئي ٿيندو. هتي دلچسپ ڳالھه اها آھي ته هڪ طرف پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳالهين جي ميز تي اچي وئي آھي، ته ٻئي طرف پي ٽي آءِ 14 ڊسمبر کان سول نافرماني جي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو عارضي طور تي معطل يا ملتوي ڪرڻ لاءِ به تيار نه آھي ۽ هر هر اهو چوندا رهيا آهن ته سول نافرماني تحريڪ جي پهرئين مرحلي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي پرڏيهي ملڪن مان پاڪستان پئسا نه اماڻڻ وارو سڏ عمران خان پاڻ ڏنو آھي ۽ سمنڊ پار پاڪستانين سان گڏ ملڪ جو عوام بالخصوص پنجاب صوبو ۽ ڪي پي ڪي جو عوام عمران خان سان والهانه محبت ڪري ٿو جيڪڏهن عمران خان حڪومتي ڳالهين جي ناڪامي کانپوءِ حڪمت عملي تحت اهو سڏ ڏنو ته کيس ڀرپور موٽ ملندي۔ جهيڙي بعد ڌريون جڏهن ڳالهين لاءِ آماده ٿينديون آھن، تڏهن پهريون ڪم سيز فائر جو ٿيندو آھي پر پي ٽي آءِ سيز فائر طور سول نافرماني جي تحريڪ ملتوي ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي ۽ اها تلوار حڪومت مٿان ٽنگي پي ٽي آءِ مرضيءَ موجب پيش رفت ۽ حڪومت جو رويو ڏسڻ چاهي ٿي،پر حڪومت به نانيءَ ويڙهو ٺاهي نوان نوان مطالبا رکي ٿي موٽ ۾ پي ٽي آءِ به آهستي آهستي عقلمنديءَ سان فيصلا ڪرائي حڪومت کي سوگهو ڪرڻ چاهي ٿي هيءَ نانگ ۽ نور جي ويڙهه آهي ۽ هر ڪو پاڻ کي طاقتور ته سمجهي ٿو پر کٽڻ ۽ هارڻ جو فيصلو ٽين ڌر طرف ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
پوئين هفتي وارو عمران خان جو بيان انتهائي اهم هو جنهن ۾ هن چيو هو ته، “مون پنهنجي زندگيءَ ۾ پاڪستان ۾ لاڳو ڪيل تمام مارشلائن، جن ۾ ايوب خان، يحيٰ خان، ضياءِ الحق ۽ پرويز مشرف جي مارشل لا ڏٺي آھي. يحيٰ خان ۽ ضياءَ الحق جي مارشل لا ملڪ جي بدترين مارشل لا هئي، جنهن ۾ جمهوريت کي بلڪل لتاڙيو ويو هو. مشرف جي مارشل لا ان حوالي سان ڪنهن قدر لبرل هئي جيڪو ڪجھه اڄ ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي ٿي رهيو آھي، ان جي ڀيٽ صرف ۽ صرف يحيٰ خان جي دور سان ڪري سگهجي ٿي، مارشل لا ۾ سڀ کان پهرين جمهوريت، آزاد عدليه ۽ آزاد ميڊيا جو گلو گهٽيو ويندو آھي ته جيئن آمر جي غلط ڪارين تي ڪوبه آواز بلند نه ٿئي، اڄ جمهوريت جي آڙ ۾ لاڳو هن مارشل لا ۾ اهي تمام فسطائي حربا اتم درجي تي آھن. هِيءَ ڪهڙي جمهوريت آھي، جنهن ۾ پاڪستان جي مقبول ۽ وڏي پارٽيءَ جي چيئرمين جو نالو به ميڊيا تي وٺڻ تي پابندي آھي۔ سندس ان بيان ۾ کوڙ سارا سوال کڙا ڪيا آهن هن واضح چيو ته فارم 47 جي بوگس حڪومت کي بچائڻ لاءِ تحريڪ انصاف کي چِيڀاٽيو پيو وڃي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ عدليا جي آزاديءَ جو جنازو ڪڍيو ويو آھي. شهباز شريف صرف ۽ صرف جنرل عاصم منير جي ڪٽ پتلي آھي، ان کان وڌيڪ طاقتور وزير اعظم ته پرويز مشرف جي دور ۾ شوڪت عزيز هو، ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ تڏهن چونڊن ۾ ان سطح جي ڌانڌلي نه ڪئي وئي هئي، جهڙي هن حڪومت ڪئي. ڌاندليءَ جي پيداوار فارم 47 جي سهاري بيٺل ناجائز ٽولو اصل ۾ حڪومت جي نالي تي هڪ داغ آھي۔ عمران خان جي اهڙن بيانن کانپوءِ ڪميٽين وچ ۾ رٿيل ڳالهيون ڪهڙا نتيجا ڏينديون اهو هر ماڻهو سمجهي سگهي ٿو هڪ سياسي قيدي حڪومت تي تنقيد به ڪري ۽ فائدا به وٺي اهي ٻئي ڳالهيون هڪٻئي جي ضد ۾ آهن۔ جڏهن ته عمران خان پنهنجي زباني چئي رهيو آهي ته، القادر ٽرسٽ جو فيصلو مون مٿان دٻاءَ وجهڻ لاءِ لٽڪايو پيو وڃي پر مان مطالبو ڪريان ٿو ته اهو فيصلو فوري طور جاري ڪيو وڃي، القادر ٽرسٽ ڪيس هڪ بوگس ڪيس آھي، جنهن ۾ پري تائين ڪا به ميرٽ نه آھي۔مون ڪو بلاول هائوس نه ٺهرايو آھي پر هڪ ڏورانهين علائقي ۾ قوم جي ٻارڙن جي مستقبل لاءِ هڪ فلاحي ادارو قائم ڪيو آھي، جنهن جو مونکي هڪ رپئي جو به فائدو نه ٿيو آھي ۽ نه ٿيڻو آھي. القادر ٽرسٽ يونيورسٽي به شوڪت خانم ۽ نمل يونيورسٽي وانگر هڪ عوامي مدد سان هلندڙ فلاحي ادارو آھي. مان واضح طور تي چوڻ چاهيان ٿو ته، مان نواز شريف ۽ زرداري وانگر اين آر او نه وٺندس ۽ عدالتن مان ڪيس ختم ڪرائيندس۔اسلام آباد قتل عام کي ڇھه هفتا ٿي چڪا آھن، اسان جي گم ٿيل ماڻهن بابت حڪومت پاران ڪا به پيش رفت نه ڪئي وئي آھي، اهو حڪومت جي غير سنجيدگيءَ جو واضح ثبوت آھي
عمران خان جو اهو بيان نهايت ئي اهميت جوڳو آهي جنهن ۾ سندس موقف چٽو نظر اچي ٿو پر اهي سڀ ڳالهيون هينئر عمران خان کي ياد ڇو پيون اچن۔ اسان وٽ اقتداري ڌر پاڻ کي صاف ۽ شفاف سمجهندي آهي جڏهن ته حزب اختلاف وري حڪومت تي تنقيد جا تير وسائيندي آهي۔ پي ٽي آءِ في الحال ڳالهين کي فيصلاڪن مرحلي ۾ داخل نه ٿي ڪرائڻ گهري،ته جيئن ڳالهين واري عمل کي طول وٺرائڻ سان حڪومت کي ڪريڊٽ نه ملي ۽ مامرا ٻئي چينل سان حل ٿي وڃن، اهو ئي سبب آھي جو پي ٽي آءِ لکت ۾ مطالبا پيش ڪرڻ کان پاسو ڪندي رهي،پر سڀاڻ(اڄ) واري اجلاس ۾ اهي مطالبا لکت ۾ پيش ڪرڻ طرف وڃي رهيا آهن پر پوءِ به کين حڪومت طرفان سندن حق ۾ مثبت فيصلا نه ٿيندا ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته صرف عمران خان نه پوري پي ٽي آئي قيادت اسٽبلشمينٽ لاء ناپسنديده ٿي چڪي آهي انڪري اهو مامرو ڊيڊ لاڪ جو شڪار رهندو۔