مشورو، صلاح، نصيحت، هدايت ۽ خوامخواھ تجويزون ڏيڻ انساني فطرت جو سڀ کان پراڻو ۽ قديم عمل آهي. آسماني ڪتابن ۾ پڻ ان جو ذڪر آهي. آدم کي سختي سان تنبيھھ ڪئي وئي ھئي تھ ،اي آدم ڦلاڻي وڻ جو ميوو متان کائين نھ تھ قيامت تائين تون ۽ تنھنجو ايندڙ نسل سزا ڀوڳيندا رهندا. آدم تنبيھھ کي اهميت نه ڏني.جنھن ميووي کائڻ کان آدم کي روڪيو ويو ھو.آدم اھو ئي ميوو کاڌو، تاريخ شاهد آهي ته انسان اڄ تائين پنهنجي بابا آدم جي نافرماني جي سزا ڀوڳي رهيو آهي ۽ اڻ ڄاڻايل وقت تائين ڀوڳيندو رهندو.
عجب جي ڳالهه آهي ته انسان اڄ تائين ملندڙ صلاحن ۽ نصيحتن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندو رھيو آهي.پئدائش جي ابتدائي سالن ۾ انسان ڪمزور ۽ لاچار هوندو آهي، ٻار جو ھوندو آھي ! تڏھن مائٽ دل ۽ جان سان ٻار سان من ماني ڪن ٿا.اڃان ھو بھ سوچ ۽ سمجهه کان عاري ھوندو آهي. والدين پنهنجي پنھنجي عقيدي مطابق عالمن ۽ فاضلن جون خدمتون حاصل ڪندا آهن. عالم ۽ فاضل ٻار جي ڪن ۾ ڪجھھ پڙهي ڦوڪين ٿا ۽ سرگوشي ۾ ڳالھائيندا رھندا ڪندا آهن. پوءِ اهو ٻارچاھي يهودي ھجي، عيسائي هجي، هندو هجي، مسلمان ھجي، چاھي ڪنھن ٻئي عقيدي سان تعلق رکندو ھجي. زندگي جو سڀ کان اهم فيصلو والدين ڪندا آهن. ٻار لاءِ جھنجھڻا ۽ رانديڪا والدين آڻيندا آهن،ڪپڙا لٽا ٻار کي مائٽ پنھنجي پسند پھرائيندا آهن.ھن کي آڱر کان جھلي ھلڻ گھمڻ والدين سيکاريندا آھن.کائڻ،پيئڻ ۽ اٿڻ،ويهڻ جا طور طريقا ٻار کي والدين سيکاريندا آهن. ڪجهه سالن کان پوءِ، جڏهن سوچ ۽ سمجهه جا روشندان کُلڻ لڳندا آھن، ٻار پنهنجي پسند ۽ ناپسند جو اظهار ڪرڻ لڳندو آھي.وڌندڙ عمر سان گڏوگڏ ٻار جي پسند ۽ ناپسند ۾ شدت اچڻ لڳندي آھي.تڏھن والدين ٻار کي پنهنجي پسند جي قميص نٿا پارائي سگھن، پنهنجي پسند جا شوز وٺي ڏئي نٿا ڏئي سگھن. تڏھن شعور جي اچڻ سان گڏ ٻار ۽ والدين جي وچ ۾ هڪ لڪيل ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي آھي.
ان تڪرار ۾ اڪثر سخت مزاج والدين ٻار کي پنھنجي غلبي ۽ وڪڙ ۾ وٺي وٺندا آھن ۽ پنهنجا اڻپورا خواب پنھنجي ٻارن ذريعي پورا ڪرڻ چاهيندا آھن. توهان ڊاڪٽر بڻجڻ پئي چاهيو پر نه بڻجي سگھيا، توهان حتي الامڪان ڪوشش ڪري پٽ کي ڊاڪٽر ڏسڻ چاھيو ٿا.پٽ بار بار توھان کي ٻڌائي چڪو آهي ته هو انجنيئر بڻجڻ چاهي ٿو. پر توھان ضد تي آھيو تھ توھان جو پٽ ڊاڪٽر بڻجي.ان ڇڪتاڻ ۾ توھان جو پٽ گھر ڇڏي ڪٿي ھليووڃي ٿو،سالن بعد اتفاق سان توھان جي ملاقات جڏھن پنھنجي ضدي ۽ نافرمان پٽ سان ٿيندي آھي تھ اھو اٽلي ۾ مصور بڻجي چڪو ھوندو آھي ۽ مجذوب ٻارن جون پينٽنگز ٺاھي نالو ۽ شھرت چمڪائي چڪو ھوندو آھي. ڪير منصف بڻي ؟ ڪير فيصلو ڪري ؟ ڪير ڪنھن کي الزام ڏئي ؟
ھن سڄي تمھيد جو خلاصو ڪجهه اھڙي طرح آھي تھ پئدائش کان مرڻ گھڙي تائين اسين سڄي زندگيءَ نصيحتون ۽مشورا ٻڌندي ۽ وصول ڪندا ڪندا آھيون.زندگي هدايتن سان نه ٿي گذري،زندگيءَ توھان کي گذارڻي پئي ٿي. ٻين جا حوالا ڏيڻ بدران، توهان کي پنهنجو واقعو ٻڌايان ٿو. ٻڌل سڌل ڳالھه نھ آھي،جنھن جي ٻڌڻ جو شوق اسان کي ُستي ۾ ملي چڪو آهي. مان نوي سالن جي چائنٺ تي بيٺو آهيان. پوڙهو کک ٿي چڪو آهيان. ھاڻوڪيون ڳالهيون ڀلجي ويندو آھيان. پراڻيون ڳالھيون گھڙي کن اڳ جون ٻڌل ڳالھيون لڳنديون آھن.جن جن واقعن سٺ ستر سال اڳ دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو ھو، اھو واقعو ڪالھوڪو واقعو لڳي ٿو.هڪ زمانو ھو جڏهن اسان پنهنجي ياداشت تي ناز ڪندا هئاسين. هاڻي ڏينھن ۾ ڏھ ڀيرا ماڻھن کي پڇندا وتون ٿا تھ اڄ اربع آهي يا خميس؟ جواب ملندو آهي، جھونا ، اڄ آچر آهي، اڄ 28 تاريخ آهي. فوراً پڇي وٺندا آھيون تھ مهينو نومبر آهي يا ڊسمبر؟ جواب ملندو آهي ته سر، مھينو جون جوآهي، ۽ اهڙي صورتحال ۾، صلاح ۽ هدايت جي ڀرمار ضروري سمجهي ويندي آهي. ڪنهن مشورو ڏنو تھ توھان بادام، پستا ۽ ڪاجوکائيندا ڪريو، توھان کي وسريل سموريون ڳالھيون ياد اچڻ لڳنديون.جيڪي يادگيريون توهان کي ڏک ڏينديون هيون، اهي وساريل ڳالھيون توهان کي ياد اچڻ لڳنديون.
مون ڦڪي مسڪراھٽ سان چيو ھو، مان فيصلو ڪرڻ ۾ بنھھ ناڪام رھيو آھيان،سرڪاري خزاني مان ملندڙ پينشن مان ، مان دال روٽي کاوان يا ڪاجو اخروٽ کاوان . فوري طور تي ڪنھن افلاطون طرفان پيغام ميلو.اھو هڪ قسم جو مشورو ھو.”قبر ۾ پير پيو آھي ڪنھن مھل بھ مري کپي سگھين ٿو.ڪاجو اخروٽ جي باري ۾ سوچڻ ڇڏ. پنهنجي آخرت کي ياد ڪر. پستا ۽ بادام کائڻ سان توھان آخرت جي ڏينھن تائين زندھ نٿا رھي سگھو.رڳو پراڻين ڳالھين کي،وڃايل دوستن کي ۽ سڄڻن کي ياد ڪري روئندا رھندا.وھندڙ درياھ وري ڪڏھن وھڻ لاءِ موٽي ناھن ايندا، سمنڊ جي وشال گھرائين ۾ گم ٿي ويندا آھن، انساني ذات جي لامحدود تاريخ ۾ ھڪڙو بھ مثال نھ ٿو ملي تھ جنهن ۾ دنيا ڇڏي ويندڙ ڪنھن شخص ڪڏھن ھڪ ڀيري بھ واپس اچي ٻڌايو هجي تھ مري وڃڻ بعد اسان،اسان جو شعور، اسان جو روح سان ڇا ٿئي ٿو.انت بحر دي خبر نھ ڪائي رنگي رنگ بنايا.
(روزاني جنگ جي ٿورن سان)