ڪراچِيءَ جُون سِنيمائُون ــ 1

تحرير: ياسر قاضي

سِنيما اڻويهين صديءَ جي آخر جِي ايجاد آهي. فرانس جي ’لوميري برادران‘ (آگسٽي ۽ لوئيس لوميري) فيبروري 1895ع ۾ سنيما ايجاد ڪئي، جنهنجي پهرين پروجيڪشن ان ئي سال جي آخر ۾ 28 ڊسمبر 1895ع تي پيرس ۾ ڪئي وئي. ان جي ايندڙ سال ئي سنيما هندوستان ۾ به پهچي وئي ۽ اهي ئي لوميري ڀائـرَ، 7 جُولاءِ 1896ع تي واٽسن هوٽل بمبئيءَ ۾ ”هسٽري آف سنيماٽوگرافي“ (سنيما جي تاريخَ)، ”دِي سِي باٿ“ (سمنڊَ جو غُسل) ۽ ”اَرائيوَل آف ٽرين“ (ريل گاڏيءَ جِي آمد) سميت 6 فلمن جي اسڪريننگ ڪرڻ آيا ۽ ان کان ٺيڪ هڪ هفتو بعد 14 جولاءِ 1896ع تي هنن ناولٽي ٿيئٽر بمبئيءَ ۾ ”اي اسٽارمي سِي“ (طوفان وارو سمنڊ) ۽ ”دِي ٿيمس ايٽ واٽرلُو بِرج“ (’واٽرلُو‘ جي پُل تي ’ٿيمس‘ نَدِي) سميت 24 فلمن جي اسڪريننگ ڪيائون. ”دي ٽائيمس آف انڊيا“ اخبارَ هندوستان ۾ سنيما جي ان تعارف کي ”اُڻويهين صديءَ جو معجزو“ قرار ڏنو. ياد رهي ته تيستائين اڃا ننڍي کنڊ ۾ فلمون ٺهڻ شروع ڪونه ٿيون هيون، تنهنڪري سنيما جي ان تعارف ۾ هندوستاني ماڻهن کي انگريزي فلمون ڏيکاريون ويون. هن خطي ۾ گُونگيون فلمون (جن ۾ ڊائيلاگ نه هوندا هئا) ٺهڻ جو معجزو، اڃا ان کان 17 سال پوءِ 20هين صديءَ ۾ ٿيڻو هو ۽ هندوستان جي پهرِين ڳالهائيندڙ فلم (ٽاڪِي) ٺهڻ ۾ اڃا 35 سال هئا. ڇاڪاڻ ته هندوستان جي پهرين بِنا آواز واري فلم ”راجا اندر“، دادا صاحب ڦالڪي 1913ع ۾ ٺاهي، جڏهن ته پهرين ڳالهائيندڙ فلم ”عالم آرا“ 1931ع ۾ ٺهي.

اڄ جيڪي علائقا ”پاڪستان“ سڏجَن ٿا، تن ۾ سنيما 1929ع ۾ آئي، جڏهن عبدالرشيد ڪاردارَ ”يونائيٽيڊ پليئرز ڪارپوريشن“ قائم ڪئي، جنهن لاهور فلم انڊسٽريءَ جي پيڙهه رکِي. هتي سنيما اچڻ کانپوءِ سنيما هالن ۾ پهريان ٽي سال بنا آواز واريون فلمون ئي نمائش ٿيون، ڇاڪاڻ ته اڃا هندوستان ۾ آواز واريون فلمون ٺهڻ ۾ 3 سال باقي هئا. ننڍي کنڊ جي هر شهر ۾ سنيما جي ڌار ڌار تاريخ هُوندي، پر هتي اسان ڪراچيءَ جي سنيما گھرن جو مختصر ذڪر ڪنداسين.

ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ جي نيپيئر روڊ واري علائقي ۾ واقع 3 سنيما گھر ڏاڍا مقبول هئا، جن جا نالا ”ڪمار سنيما“، ”روڪسي سنيما“ ۽ ”نگار سنيما“ هئا. انهن مان ڪُمار سنيما سڀني کان پراڻي ٻڌائي وڃي ٿي، جيڪا هندوستاني فلمن ٺهڻ جي دؤر کان به اڳ جي ٺهيل آهي، جتي اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ ٿيئٽر برپا ڪيا ويندا هئا، در اصل اهو ٿيئٽر ٺاهيو ئي اسٽيج ڊرامن لاءِ ويو هو، پوءِ جڏهن ننڍي کنڊَ ۾ فلمون ٺهڻ لڳيُون، ته انهن جو نماءُ هن ”ڪمار سنيما“ ۾ ٿيڻ لڳو. پوءِ اها سنيما بند ٿي وئي. ان جي ئي ڀَر ۾ ”راڪسي سنيما“ به هئي. هن سنيما جو پراڻو نالو ”راما ٽاڪيز“ هو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ”راڪسي“، ”ڪمار“ کان به وڌيڪ پراڻو ٿيئٽر آهي. راڪسي سنيما، شهر جِي پهرين سنيما هئي، جنهن ۾ ايئرڪنڊيشنر لڳو هو. هن سنيما گھر جي بند ٿيڻ وقت شهر جي فلم جي شوقينن ڏهن ئي آڱرين جا زور لڳايا ته هيءَ سنيما بند نه ٿئي، پر وقت جي وِيرَ آڏو هيءَ يادگار سنيما پنهنجو وجُود باقي نه رکي سگھي. ان روڊ تي واقع ”نگار سنيما“ جي شاندار ماضيءَ جي ڪهاڻي هاڻي اتي موجود هڪ ٽُٽلَ ڦُٽَلَ عمارت ٻڌائي ٿي، جنهن عمارت ان سنيما جو اؤجُ ڏٺو. اڄ اها سنيما ان ٽُٽل کنڊر بڻيل بلڊنگ جي صورت ۾ نيپيئر روڊ تي موجود آهي.

ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ ٻه مُک سنيمائُون ”راڌا سنيما“ ۽ ”ڪرشنا سنيما“ هونديون هيُون. ورهاڱي پُڄاڻان انهن ٻنهي سنيمائن جا نالا مَٽايا ويا. ”راڌا سنيما“ جو نالو ”ناز سنيما“ رکيو ويو، جڏهن ته ”ڪرشنا سنيما“ بڻجي وئي سڀني جي ڄاتل سُڃاتلَ ”نشاط سنيما“، جيڪا اڄ به بندر روڊ (ايم. اي. جناح روڊ) تي واقع آهي ۽ ان ۾ اڃا به فلمون لڳنديون آهن، جڏهن ته ”ناز سنيما“ ڊهي وئي، هاڻي ان جي جاءِ تي ان علائقي جو مشهور شاپنگ سينٽر ”ناز پلازه“ ٺهيل آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ”ڪرشنا سنيما“ جي ”نشاط سنيما“ بڻجڻ وقت ان جو نئين سر افتتاح محترمه فاطمه جناح ڪيو هو. ان زماني ۾ ڪراچيءَ جُون جيڪي بسُون ان پاسي وينديون هيون، ان ۾ انهن شوقينن جو به جَھجھو تعداد هوندو هو، جيڪي يا ته ”ناز سنيما“ ايندا هئا، يا ”نشاط“، انڪري انهن ٻنهي سنيمائن جي پاسي واري بس اسٽاپ جو نالو ئي ”ناز و نشاط“ پئجي ويو ۽ بسُن جا ڪنڊڪٽرَ باقاعدي ”ناز و نشاط“ جو آواز لڳائي مسافر کڻندا هئا ۽ اتي لهندڙ مسافر پڻ اتي لهڻ لاءِ ڪرايو ڏئي چوندا هئا: ”نازو نشاط لهڻو آهي!“
ڪراچيءَ ۾ ان کانسواءِ به ڪجھه اهڙيون جاڙيُون سنيمائون هيون، جن جا نالا گڏ ورتا ويندا هئا، مثال طور: ”پرنس ۽ پرنسز سنيما“ ڪنهن زماني ۾ ”پرنس سنيما“ سڀ کان وڏي ۽ سڀني کان مشهور سنيما هئي، جڏهن ته ”پرنسز“ سڀني کان ننڍي سنيما هئي. اها عجيب روايت به ڪراچيءَ جي سنيمائن جو خاصو رهي آهي ته اڪثر هڪ وڏي سنيما ٿيئٽر سان گڏ هڪ ننڍي سنيما ٺاهي ويندي هئي. ان جي پٺيان مَنطق ڪهڙو هوندو هو، اها ته ناهي خبر! پر اهڙا مثال ٻيا به ملن ٿا. جيئن ”ڪِنگ سنيما“ نالي هڪ وڏو سنيما گھر ٺاهي، انهن جي ڀرسان هڪ ننڍي ”ڪُئين سنيما“ به ٺاهي وئي هئي. مٿي ذڪر ڪيل لڳ ڀڳ سمورا سنيما گھر ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي جي آسپاس هئا. ڇاڪاڻ ته ڪنهن دؤرَ ۾ صدر ئي شهر جو مرڪز هوندو هو (جيئن سندس نالي مان ظاهر آهي) هاڻي شهر گھڻو وڌي وڃڻ سبب صدر جِي اها مرڪزي حيثيت ختم ٿي چُڪي آهي. صدر جي ان پٽيءَ جي هڪ مشهور سنميا ”بيمبينو“ جو نالو ڪنهن ڪونه ٻڌو هوندو! جنهن سان مُلڪَ جي هڪ اهم مقتدر شخصيت جا داستان پڻ منسُوب آهن. اها سنيما اڄ به اتي ئي موجود آهي، جتي اها ٺهي هئي، جيڪو علائقو هاڻي صدر جي موبائيل فون مارڪيٽ طور مشهور آهي. ان ”بيمبينو سنيما“ جي بالڪل ڀر ۾ ”اسڪالا سنيما“ پڻ آهي، جتي اڄ به فلمون نمائش ٿين ٿيون. ”بيمبينو سنيما“ جناب حاڪم علي زرداريءَ جي ملڪيت هئي، جنهن جو افتتاح وڏي زرداري صاحبَ، صدر ايوب خان کان ڪرايو هو.

اوهان جيڪڏهن اڄ کان ساڍا 6 ڏهاڪا اڳ واري (1960ع واري ڏهاڪي جي) ڪراچي تصوّر ڪندئو ته ان ۾ ان ئي صدر واري موبائيل مارڪيٽ جو مُهانڊو ئي ڪجھه ٻيو هو. ان زماني جو ڪراچيءَ جو مارسٽن روڊ صرف سنيما گھرن جي ڪري مشهور هو ۽ ان جي هڪڙي گھٽي ته مشهور ئي ”سنيما گليءَ“ جي نالي سان هئي. ورهاڱي کانپوءِ ان مارسٽن روڊ ويجھو هن علائقي جي پهرين سنيما ”جُوبلي“ کُلي. جنهن کانپوءِ هڪٻئي کانپوءِ هتي سنيماگھرَ کلندا ويا، جن ۾ ”قيصر“، ”نشيمن“ ۽ ”ڪوهنور سنيما“ شامل آهن. انهن مان ”نشيمن سنيما“ جي عمارت اڃا به موجود آهي، باقي ٻين سنيمائن کي ڊاهي انهن جي جاءِ تي شاپنگ پلازا يا رهائشي عمارتون تعمير ڪيون ويون آهن. پر نورجهان نواز خان موجب ”جُوبلي سنيما“ به ورهاڱي کان اڳ ٺَهي. هن سنيما ڳليءَ ۾ واقع لڳ ڀڳ سموريون سنيمائون ورهاڱي کانپوءِ ئي ٺهيون، جيڪو سنيما جي اصل عروج جو دؤر هو. هن روڊ تي موجود ڪجھه سنيمائون انگريزي نالن تي به هيون. مثال طور: ”ايروز“، ”روولي“ ۽ ”اوڊين سنيما“. مارسٽن روڊ تي ”رِينو سنيما“ ۽ ”افشان سنيما“ اڄ به موجود آهن، جن ۾ اڃا به فلمون نمائش ٿينديون آهن. مارسٽن روڊ کي هن وقت فلمن جا شوقينَ ”وحيد مراد روڊ“ جي نالي سان به سڏين ٿا، جنهنجو سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته لڳ ڀڳ انهن سمورين سنيمائن چاڪليٽي هيرو وحيد مراد جي عروج واري زماني جُون يادگار فلمون ڏيکاريُون ۽ انهن سنيما گھرن ٻاهران وحيد مراد جي مداحن جا ڪٽڪَ ٽڪيٽ لاءِ لائين ٺاهي بيهندا رهيا.شايد اوهانکي يقين نه اچي، پر 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ 136 سنيمائُون هيون، جيڪي فلم بينن کي پنهنجي دؤرَ جُون هِٽ فلمون ڏيکارينديون هيون. اهو ڪراچيءَ واسي فلم بينن جي سنيما سان چاهه جي عروج وارو دؤر هو. ڪراچيءَ ۾ سنيما جي عروج وارو دؤر ٿُلهي ليکي 1950ع کان 1980ع تائين ڳڻيو وڃي ٿو.ڪراچيءَ جي سنيمائن جو ذڪر اڳتي به جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.