ِڏس بابا!

تحرير: اُم رباب

وقت جي ويرين سان وڙهان ٿي پئي

ڏِس بابا! مان اڳتي وڌان ٿي پئي

تنهنجي ياد آ سيني ۾

چند داڻا آھن سفيني ۾

ڪاريهر ڏي پير ڀران ٿي پئي ….

 

ڏِس بابا! مان اڳتي وڌان ٿي پئي

ڪوٽ اڏيا ها ڪيڏا ڪائنرن

سي ڪيرايا منهنجي ڀائرن

تن جي پلاند لئي وڙهان ٿي پئي

ڏِس بابا! مان اڳتي وڌان ٿي پئي ….

 

جيجل جي مونسان گڏ دعا آ

تنهنجا سڏ به مون سُڻا ها

مارن لئي سچ ته مران ٿي پئي

ڏِس بابا! مان اڳتي وڌان ٿي پئي …

 

وقت ايندو هي انڌارو لهندو

ڪاريهر ڪڏهن ته سولي چڙھندو

انصاف جي در تي سين هڻان ٿي پئي

ڏس بابا! مان اڳتي وڌان پئي!!!

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.