مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ۽ موجوده حڪومت جو وفاقي وزير احسن اقبال ڪافي ڏينهن کان سنڌو درياهه مان ڇهن ڪئنالن ڪڍڻ بابت وضاحتون ڏئي رهيو آهي ۽ مسلسل چئي رهيو آهي ته ڪئنالن جي معاملي کي سياسي نه بڻايو وڃي، پنجاب پنهنجي صوبي ۾ ڪئنال ٺاهي سگهجي ٿو، ڪو به صوبو پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي نه وٺي سگهندو نه ئي نوَن ڪئنالن ٺاهڻ کان هڪ صوبو ڪنهن ٻئي کي روڪي سگهي ٿو. ڪير پنهنجي حصي مان ڪئنال ٺاهي ته اهو ان جو پنهنجو حق آهي مسئلن جي حل جا لاڳاپيل فورم موجود آهن جتي ويهي پنهنجا خدشا ختم ڪري سگهجن ٿا. سنڌ جي حصي جو هڪ ڦڙو به گهٽ نه ٿيندو. هڪ خانگي ٽي وي تي ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پاڻي معاهدي جي آرٽيڪل 8 ۾ اهو لکيل آهي ته هر صوبو پنهنجي صوبي ۾ پنهنجي حصي جي پاڻي مان ڪئنال ڪڍي سگهي ٿو. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي اهڙي ڪا به اسڪيم ناهي جنهن سان سنڌ جو پاڻي گهٽ ٿئي.
اسان جو خيال آهي ته احسن اقبال جهڙي سينيئر سياستدان ۽ وفاقي وزير کي پاڻي جي اشو تي ذميواراڻو موقف ڏيڻ گهرجي ۽ درياهن جي عالمي قانونن توڙي ملڪي تاريخ ۾ پاڻي جي معاهدن جي ٿيل ڀڃڪڙين جو باقاعدي مطالعو ڪري پوءِ ڳالهائڻ گهرجي. ٻيو ته مسلم ليگ (ن) جي سياستدان يا حڪومت کي جيڪي وفاق جي نمائندگي ڪندا هجن تن کي پنهنجي سوچ به وفاقي يعني ملڪي رکڻ گهرجي هڪ صوبي تائين محدود نه هئڻ گهرجي پر احسن اقبال وفاقي وزير بدران صرف پنجاب جي صوبي جي مفاد ۾ پنهنجو موقف رکيو آهي ۽ 91 واري پاڻي معاهدي مان رڳو پنجاب جي صوبي جي مفاد وارا نُڪتا ڪڍيا آهن، جنهن تي نه رڳو افسوس جو اظهار ڪري سگهجي ٿو پر مذمت به ڪري سگهجي ٿي.
هتي اسان احسن اقبال جي موقف جي جواب ۾ ڪجهه لکنداسين جيڪو هڪ لحاظ کان احسن اقبال سان مڪالمو به آهي.احسن اقبال کي پهريون ته درياهن جي عالمي قانون جو اڀياس ڪرڻ گهرجي ته دنيا جي درياهن کي وهائڻ ۽ استعمال جا ڪهڙا قانون آهن. درياهن جي عالمي قانون جو هڪ اهم ۽ بنيادي نُڪتو جنهن کي احسن اقبال يقينن ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو هوندو سو اهو آهي ته درياهن جي عالمي قانون موجب ڪنهن به درياهه تي ڪو منصوبو اڏبو آهي ته ان جي اين او سي ان درياهه جي جي پڇاڙ واري صوبي يا خطي کان ورتي ويندي آهي ڇو ته ان درياهه تي آخري حق پڇاڙ واري خطي جو هوندو آهي. يعني پهريون مڪمل طور تي پاڻي پڇاڙ کي ملي، جيڪڏهن پڇاڙ تائين درياهه نٿو پهچي ته اهو خطو سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندو تنهن ڪري اهو قانون ته پهريون درياهه جي پڇڙي وارن جي حق جو خيال رکجي ۽ ٻيو ته خود اهو درياهه جو به حق آهي ته ان کي مڪمل طور تي وهڻ ڏجي ۽ ان کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ ڏجي. سمنڊ ۾ ڪنهن به درياهه جو ڇوڙ ڪرڻ کي پاڻي جو ذيان ناهي سمجهيو ويندو اهو رينگٽ رڳو هتي ڪيو ويندو آهي. حقيقت اها آهي ته درياهه جي زندگي ۽ ان جي جي بقا ئي ان ۾ هوندي آهي ته اهو سمنڊ ۾ مڪمل طور تي ڇوڙ ڪري. ان عالمي قانون تحت سنڌو درياهه جي پڇاڙ وارو خطو سنڌ آهي، ۽ سنڌو درياهه تي آخري حق سنڌ جو آهي ۽ سنڌو درياهه جي بقا لاءِ لازمي آهي ته ان کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ سمنڊ ۾ درياهه جي ان ڇوڙ پاڻي جو ذيان نه سمجڻ گهرجي.
احسن اقبال کي به اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته سمنڊ اندر درياهه ڇوڙ نه ڪندو ته پوءِ سمنڊ اڳتي وڌندو ويندو ۽ آباد زمينون کاريون ڪري ڇڏيندو آهي. ٻيو ته ان جي رستا روڪ ڪئي وئي ته اهو پنهنجو رخ به مٽائي سگهي ٿو. ان ڪري درياهه جي پاڻي جي درست ورهاست لاءِ ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي حڪومت ۾ ارسا نالي اٿارٽي قائم ڪئي هئي پر افسوس ته ان اٿارٽي به ميرٽ تي ڪم نه ڪيو جنهن ڪري پاڻي جي ورڇ جو مسئلو برقرار آهي.
ته احسن اقبال جڏهن 1991ع واري پاڻي معاهدي جي جيڪا ڳالهه ڪري رهيو آهي، اهو معاهدو به مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ طئي ٿيو هو ۽ تڏهن به سنڌ کي ان تي اعتراض هو ته ان معاهدي تحت سنڌ کي ڪوٽڙي بيراج هيٺيان صرف 10 ايم اي ايف جي مقدار ۾ پاڻي ڏنو وڃي ٿو پر اڳتي هلي سنڌ کي ڪوٽڙي بيراج هيٺيان معاهدن موجب گهٽ ۾ گهٽ 10 ايم اي ايف به پاڻي نه مليو ته سنڌو ڊيلٽا مڪمل طور تي سڪي وئي. تنهن زماني ۾ سنڌ ۾ ڄام صادق جي حڪومت هئي جنهن پنهنجي وڏ وزارت جي مفاد ۾ ان سنڌ دشمن پاڻي معاهدي تي راضپو ڏيکاريو ۽ منظوري ڏني پر هاڻي ته ڪوٽڙي بيراج هيٺيان سنڌ کي 2 ايم اي ايف پاڻي به مشڪل سان ملي ٿو.
سو احسن اقبال صاحب جيڪو پاڻي جي 91 واري آخري معاهدي جي ڳالهه ڪري ٿو سو پهريون ان معاهدي تحت سنڌ کي 10 ايم اي ايف پاڻي ته ڏياري نه، اهو رڳو پنجاب جي مفاد جا نُڪتا ڇو ٿو ٻڌائي. ٻيو ته عالمي قانون تحت حڪومت پابند آهي ته اها سنڌو درياهه تي رٿيل ڪنهن به منصوبي، ڊيم يا ڪئنالن بابت درياهه جي پڇاڙ واري خطي کان اين او سي وٺي جيڪا سنڌ نه ٿو ڏئي پوءِ به وفاقي حڪومت بضد آهي جيڪو مجرماڻو عمل آهي.
احسن اقبال جيڪوچئي ٿو ته قانون موجب ڪو به صوبو ڪنهن ٻئي صوبي جو پاڻي جو ڦڙو به نه ٿو کڻي سگهي سو به سراسر ڪوڙ آهي ۽ اجائي لٻاڙ آهي. ملڪ اندر جيڪي به پاڻي جا معاهدا ٿيا آهن تن سڀني معاهدن جي وفاق ۽ پنجاب جي صوبي هميشه ڀڃڪڙي ڪئي آهن جنهن جي هڪ تاريخ آهي جيڪا احسن اقبال کي پڙهڻ گهرجي. ٻي تاريخ ته ڇڏيو پر پاڻي جي آخري 91 واري معاهدي جي به ڀڃڪڙي ٿيندي رهي آهي جنهن جو احسن اقبال کي پهريون نوٽيس وٺڻ گهرجي پوءِ اسان کي ٻيون ڳالهيون ٻڌائي.