افغانستان جي ڌرتي، جنگ جي ڌرتي

تحرير: ادريس چانڊيو

بيٺڪي دور ۾دنيا اندر ٻن چئن ملڪن مان افغانستان به هڪ ملڪ هيو، جيڪو ڪنهن سامراجي ملڪ جي سڌي قبضي هيٺ نه اچي سگهيو هو. آزاد ته رهيو پر ان ۾ جديد رياستي ڍانچو جڙي نه سگهيو. امير امان الله، ظاهر شاهه ۽ دائود خان جي راڄ کانپوءِ خلق ۽ پرچم گروپن گڏجي انقلاب آندو ۽ افغانستان جي اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. ٿوري عرصي ۾ ڪامريڊن جي مدد لاءِ 1979ع ۾ روسي فوج افغانستان ۾ داخل ٿي وئي. پوءِ افغان جنگ دنيا جي نظرن جو مرڪز ٿي وئي.

افغان جنگ شايد سرد جنگ جو آخري مورچو هو، جنهن کانپوءِ جلد سويت يونين خارجي دٻاءُ ۽ داخلي بحران سبب ٽٽي ويو. دنيا سرد جنگ مان ڪري، دهشتگردي خلاف ٿيندڙ جنگ ۾ شامل ٿي وئي. 9/11 واقعي کانپوءِ آمريڪا 2001ع ۾ سنڌي ريت افغانستان تي قبضو ڪري ورتو. آمريڪا جي افغانستان ۾ 20 سالن جي موجودگيءَ دوران نئون رياستي ڍانچو وجود ۾ آندو ويو. جنهن ۾ 249 ميمبرن تي قومي اسيمبلي وجود ۾ آئي. 102 نمائندن تي سينٽ قائم ٿي. 168،000 سپاهن تي مشتمل قومي فوج ۽ 121،000 جي تعداد ۾ پوليس قائم ڪئي وئي.

26 سيڪڙو شهري آبادي، ملڪ جي GDP، 72.99 ڊالر ۽ Per Capital 2024 ڊالر کي ڇهڻ لڳي. آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ 2021ع ۾ ملڪ جو صدر اشرف غني اوچتو ملڪ ڇڏي هليو ويو. طالبان قابل تي قابض ٿي ويا. 20 سالن جو جڙيل رياستي ڍانچوڪري تباهه ٿي ويو.

افغانستان جي آبادي 04 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي جنهن جي ترتيب هن ريت آهي.

  1. پشتون 42 سيڪڙو، 2.تاجڪ 27 سيڪڙو، 3. ازبڪ 9 سيڪڙو ، 4. هزارا 9 سيڪڙو، 5.ترڪ 3 سيڪڙو، 6. بلوچ 2 سيڪڙو

ملڪ ۾ پشتون، تاجڪ، ازبڪ، هزارا، ترڪ، بلوچ، بروهي، گجر قبيلن سان گڏ ٻيا ٻولي ڳالهائيندڙ به رهن ٿا. 58 سيڪڙو مختلف زبانن ۽ قبيلن مٿان، 42 سيڪڙو پشتون قابض آهن. ملڪي سطح تي دري، پشتو ۽ افغان ورجن فارسي ڳالهائي وڃي ٿي.

افغانستان جي جاگرافي ايريا 652،230 چورس ڪلوميٽر تي ٻڌل آهي. هي Land Lock ملڪ آهي. هن جا انتظامي طور 34 صوبا آهن. هن جو چوطرف سرحدون هنن ملڪن سان ڳنڍيل آهن.

  1. پاڪستان – 2,670 ڪلوميٽر، 2. ايران – 921 ڪلوميٽر، 3.تاجڪستان – 1357 ڪلوميٽر، 4. ازبڪستان – 144 ڪلوميٽر، 5. ترڪمستان – 804 ڪلوميٽر، 6. چين – 91 ڪلوميٽر، هن جي گادي جو هنڌ ڪابل آهي. افغانستان جو وجود 500 ق.م ۾ ملي ٿو. 1526ع ۾ ظهير الدين بابر، 1880ع ۾ رياست جي جڙڻ ۽ 1747ع ۾ دراني حڪمرانن جو ذڪر ملي ٿو. روسي دور ۾ 40 لک افغان مهاجرين پاڪستان ۾ آيا. ۽ 08 لک افغانين ايران ۾ پناهه ورتي.

آگسٽ 2021ع کان ساڍا 06 لک چورس ڪلوميٽر واري ملڪ تي طالبان جو راڄ آهي. آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ هيٺيان سوال بحث هيٺ آيا.

  1. پاڪستان جي ميڊيا ۽ رياستي دانشورن جيڪي رياست جا ترجمان هوندا آهن، تن اهو تاثر ڏنو ته اها ڊيپ رياست جي حڪمت عملي جي فتح آهي.
  2. آمريڪا افغانستان مان شڪت طور نڪتو آهي يا حڪمت عملي طور فوجون ڪڍيون آهن؟
  3. عدم استحڪام وارو افغانستان، هاڻ آمريڪا جي خلاف نه پر اوڙي پاڙي جي ملڪن پاڪستان، ايران، چين، وچ ايشيائي رياستن ۽ روس لاءِ مٿي جو سور رهندو.

هن خطي ۾ مسلم اڪثريتي ٽئين رياستون، جن ۾ پاڪستان، ايران ۽ افغانستان. سني، وهابي ۽ شيعا رياستن جي شڪل ۾ هڪٻئي جي سامهون اچي ويو آهن. هنن ملڪن ۾ 38 ڪروڙ رهندڙ مسلم عوام مذهبي انتهاپسندي، عالمي تنهائي، معاشي عدم استحڪام ، خانه جنگي ۽ پراڪسي وار جي سزا ڪاٽي رهيو آهي. هي بدنصيب خطو سڌي جنگ جي رستي تي هلندي هڪٻئي جي سامهون اچي بيٺو آهي. پاڪستان جي  ميڊيا ۽ دانشور ڪالهه جي مجاهدن کي خارجي سڏي رهيا آهن.

چين جيڪو معيشت ۽ فوجي لحاظ کان دنيا جو ٻيو نمبر طاقتور ملڪ آهي. هن صورتحال سبب چين جا عالمي ۽ علاقائي مفاد متاثر ٿي رهيا آهن. جن ۾ سي پيڪ، گوادر بندرگاهه، سعودي عرب کان تيل جي سپلائي ۽ پاڪستان سان تعلقات اچي وڃن ٿا، جيڪي اهم آهن. افغانستان جو”واخان ڪوريڊور“ اهم حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. پاڪستان ان تي قبضي جو اشارو ڏئي چڪو آهي. پاڪستان لاءِ بين الاقوامي سرحدون لتاڙڻ وارو ارادو جيئو پولٽيڪل صورتحال ۾ غير معمولي قدم هوندو. چين آمريڪا ۽ انڊيا جو رد عمل به اهم آهي. افغانين جي مزاحمتي سگهه ڪنهن کان لڪيل نه آهي. هنن جا 03 نسل جنگ دوران پيدا ٿيا ۽ وڏا ٿيا آهن. جنگ هنن جي رت ۾ شامل آهي. اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته افغان ڌرتي جنگين جي ماءُ آهي.

ڪارل مارڪس جي دوست ۽ عالمي ڏاهي اينگلس چيو آهي ته سرمائيداري سماج لاءِ ٻه رستا آهن. هو سوشلزم ڏانهن وڃي يا بربريت ڏانهن. صدين کان سرمائيدارانه نظام شڪليون تبديل ڪندو رهيو آهي. هن وقت گلوبل شڪل ۾ موجود آهي. جنهن ۾ ڦر لٽ جا نوان طريقا موجود آهن.

يوڪرين، فلسطين، سوڊان ۽ افغانستان ۾ جنگيون هلي رهيون آهن. چين جو پنجن آڱرن کي گڏ رکڻ وارو عزم، هندوستان جو اکنڊ ڀارت وارو نظريو، ترڪيا جو ڪرد رياست کي روڪڻ لاءِ عراق کان شام تائين فوجي ڦهلاءُ. سعودي عرب آمريڪا، چين، ڀارت ۽ جرمني کانپوءِ وڏي دفاعي بجيٽ جو مالڪ، ايران براڪسي وارجنهن کي گهڻ رخي جنگ سڏيو وڃي ٿو، سڄي وچ اوڀر کي لوڏي ڇڏيو آهي. پاڪستان جو واخان ڪاريڊور واري علائقي تي قبضي جو اشارو ۽ آمريڪا طرفان ڪيناڊا ۽ يورپ جي گرين لينڊ کي حاصل ڪرڻ وارو نئون ارادو دنيا کي هڪ نئين جنگ جي رستي تي وٺي وڃي رهيو آهي. دنيا وري هڪ نئين سرمائيدارانه بربريت ڏانهن وڌي رهي آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ اسٽالن، چرچل ۽ روزيلٽ هٿان ٺاهيل دنيا جو هي سياسي نقشو شايد برقرار رهي سگهي. ؟

بيٺڪي دور ۾دنيا اندر ٻن چئن ملڪن مان افغانستان به هڪ ملڪ هيو، جيڪو ڪنهن سامراجي ملڪ جي سڌي قبضي هيٺ نه اچي سگهيو هو. آزاد ته رهيو پر ان ۾ جديد رياستي ڍانچو جڙي نه سگهيو. امير امان الله، ظاهر شاهه ۽ دائود خان جي راڄ کانپوءِ خلق ۽ پرچم گروپن گڏجي انقلاب آندو ۽ افغانستان جي اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. ٿوري عرصي ۾ ڪامريڊن جي مدد لاءِ 1979ع ۾ روسي فوج افغانستان ۾ داخل ٿي وئي. پوءِ افغان جنگ دنيا جي نظرن جو مرڪز ٿي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.