لاس اينجلس جي باھ تي ضابطو نه آيو

آمريڪا  جي رياست ۾ لڳل باھ کي 4 ڏينھن مڪمل ٿي ويا آھن. اڃ 4 ڏينھن ۾ داخل ٿيندي، جنھن کي وسائڻ جي ڪوشش جاري آھي.باھ ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾لڳي آھي.جنھن ۾ 11 ماڻهن جي  فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي.اختيارين موجب، فوتين جي درست انگ جو پتو نھ آهي. ته اصل موت جو انگ ڇا هوندو، پر باهه سبب  2 لک ماڻھن کي لڏپلاڻ ڪرڻ وجو حڪم ڏنو ويو آھي. شروعاتي اندازي موجب لڳ ڀڳ 150 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آھي.اندازو آھي تھ 12 ھزار عمارتون ۽ گھر سڙي ويا آھن.

ھن باھ سبب باهه مشهور اداڪار جيمس ووڊ جو گهر به سڙي رک ٿي ويو آھي.جنھن تي ھو لڙڪ لاڙي رھيو آھي.شوبز دنيا جي ھي شخصيت ٻه ڀيرا آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ٿي  ۽ ٽي ڀيرا ايمي ايوارڊ کٽيو آھي.جيمس وود  سي اين اين کي انٽرويو ڏيندي روئي پيو. ھي ئي اھو اداڪار آھي.جنھن ڪجھ وقت اڳ فلسطين جي علائقي غزا ۾ فلسطينين بابت چيو ھو تھ انھن کي ماريو وڃي ۽ انھن کي جيئرو نھ ڇڏيو وڃي، انھن سان ڪو ٺاھ نھ ڪيو وڃي. ان ڪري دنيا مان ھن جي ڏک تي ھن سان ڪا بھ ھمدردي نھ ڪئي.جيڪڏھن ڪو ھن شھر جي حالت ڏسندو تھ لڳندو تھ ٿيندڙ تباھي ڪنھن ايٽم بم جي ڪري ٿي ھوندي.لاس ايجلس شھر دنيا جي وڏي ۾ وڏي فلمي اندسٽري ھالي ووڊ جي اداڪارن جو شھر سڏيو وڃي ٿو.

اختيارين موجب اڃان بھ ڇهن ھنڌن تي باھ تي ضابطو نھ اچي سگھيو آھي.وڏي باهه پيليسيڊز جي علائقي ۾ لڳي آهي،جنھن لڳ ڀڳ 21 ھزار 5 سئو  جيڪا ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضي کي ساڙي ڇڏيو آهي ۽ اڃا تائين صرف اٺ سيڪڙو تي ضابطو آندو ويو آهي.ايٽن  ۾ باهه سبب 14 ھزار  ايڪڙ کان وڌيڪ زمين متاثر ٿي آهي ۽  صرف ٽي سيڪڙو تي ضابطو آندو ويو آهي. گهٽ ۾ گهٽ ھڪ ھزار  عمارتون  تباهه ٿي ويون  آهن.ڪينيٿ ۾ لڳل باهه ھڪ ھزار  ايڪڙ ايراضي کي متاثر ڪيو ۽ 50 سيڪڙو تي ضابطو آندو  ڪيو ويو آھي. هرسٽ علائقي ۾ باهه 770 ايڪڙ ايراضي کي متاثر ڪيو ۽ 70 سيڪڙو تي ضابطو  ٿيو آھي.

ليڊيا  ۾ لاس اينجلس جي اترين ٽڪرين تي 395 ايڪڙ زمين ناس ٿي آھي.جنھن تي مڪمل ضابطو ڪيو ويو آھي. جمعي تي آرچر جي علائقي ۾ باھ لڳي ھئي.جنھن سان 19 ايڪڙ متاثر ٿيا ۽ باھ قابو کان ٻاهر آهي.ڪيليفورنيا جي گورنر گيون نيوسم پاڻي جي کوٽ سبب باهه وسائڻ ۾ ڏکيائين جي رپورٽن کان پوءِ جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

بي گھر ٿيلن ۾ موسمياتي رپورٽر لوسي شيرف به شامل آھي. سندس چوڻ ھو تھ لاس اينجلس کي دوزخ ۾ تبديل ٿيندي چار ڏينھن ٿي ويا آھن. منهنجو گهر اڃا تائين ٻرندڙ ٽانڊن جو ڏيک ڏئي رھيو آھي.مون شھر جي اتر ۾ پنھنجي ھڪ دوست جي گھر پناھ ورتي آھي.هوءَ چئي ٿي تھ مان ڪيترن ئي ماڻهن کي به سڃاڻان ٿي ، جن بابت مون سمجھيو تھ اھي محفوظ آھن پر وري انھن کي اتان بھ لڏپلاڻ  ڪرڻي پئي.اسين پنهنجا ٿيلها پيڪ ڪري ويٺا آھيون متان ڪو ٻيو حڪم اچي ۽ وري لڏپلاڻ ڪرڻي پئي.شين جي کوٽ ٿي پئي آھي، رواجي زندگيءَ متاثر ٿي وئي آھي.اسان سامان گاڏين ۾ سٿي رکيو آھي.گاڏي ۾ تيل نھ ھئڻ ڪري اھو ڳوليون پيا.چئن پيٽرول اسٽيشنن کان پوءِ مس وڃي ھڪ تان تيل مليو آھي.

موسمياتي رپورٽر جي حيثيت سان مون  موسمي حالتن تي رپورٽنگ ڪرڻ جي عادي آهيان. ڪجهه ڏينهن اڳ مان، ماليبو ۾  باهه جي ڪري بي گهر ٿيل ماڻهن جو انٽرويو  رهي هوس. هاڻي تھ ما خود  ڪهاڻي جو حصو بڻجي وئي آھيان.

پيليسيڊز ۾ڦرلٽ جي اطلاع بعد سوچيو تھ گھر وڃي ضروري سامان، تصويرون، رڪارڊ مواد، سون وغيرھ کڻي وٺڻ گھرجي، جڏھن آياسين تھ ٿوري فاصلي تي گھرن کي سڙندي ڏٺو.جڏهن اسان پنهنجن گهرن جي اڳيان گذرياسين ته سڄو گهر زمين تي ڊٿو پيو ھو ۽ ٻيا بھ  20 گهر  هاڻي رڳو ڪوئلن جا ڍڳ هئا.منھن تي ڪارنٺ لڳل باھ وسائڻ جي اھلڪار گھر کي سڙڻ کان بھ بچائڻ تي ھٿ ٻڌي معافي وٺي رھيا ھئا. پنهنجن پاڙيسرين کي گھرن جي سڙن جو ٻڌائڻ وقت مون کي لفظ نھ پئي مليا.مون کي لڳي ٿو ته وري لاس اينجلس واپس اچڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو.سڀ ڪجهھ سڙي ويو آھي. پاسپورٽ سميت دستاويز بھ خاڪ ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.