بدين ۾ ڪافي وقت کان بدامني جو راڄ آهي، جيڪو ختم نٿو ٿئي، وڌندڙ ڏوھن ۾ سياسي ڀوتار ڪنھن نه طريقي سان اٽڪيل ضرور آھن، تازو نندو ٿاڻي جي حد ۾ سني گوني بس اسٽاپ وٽ ٿرڪول روڊ مين روڊ تي روپا فلنگ اسٽيشن پمپ جنهن تي نوجوان احمد ابڙو کي مختلف تيز ڌار شين سان قتل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ شڪ تڏھن جنم وٺڻ لڳا، جڏھن ان پمپ جون سي سي ٽي وي ڪيمرائون ان وقت بند آخر ڇو ڪيون ويون، ڪٿي ان پمپ جا ملازم ان واردات ۾ ملوث ته نه ھئا، پوليس ان پمپ جي ھڪ ملازم علي نواز نھڙيو کي حراست ۾ ورتو، جيڪو چوڪيدار آھي، پوليس پاران جاچ وارو مرحلو جيئن تيز ڪيو آھي، تئين قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ٿيڻ جي اميد جاڳي پئي پر ان قتل ۾ 3 ڄڻن جون گرفتاريون ٿيون آهن، جنهن ۾ نياز خاصخيلي، دلدار عرف دلو کور جيڪو به پوليس جي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آھي، پر پوليس جو مشقوق ڪردار تڏھن جنم وٺي رھيو آھي، جڏھن تاريخ 28.12.2024 تي رات جو دير سان نوجوان کي قتل ڪيو ويو، پر 15 ڏينھن گذري ويا، وارثن پاران خدشو ظاھر ڪيو ويو آھي ته نوجوان احمد ابڙو جي قتل ۾ ملوث ڪجهه جوابدار جن کي علائقي جا سياسي ڀوتار گرفتاري کان بچائي رھيا آھن، جنھن مان اھو ثابت ٿئي پيو ته قتل ۾ سياسي ڀوتار ڪٿي ڪٿي ملوث نظر اچن پيا، پر پوليس جيڪا اڳ ھن جاچ ۾ تيز ھئي، پر ڀوتارن جي مداخلت تي پوليس جاچ سست ڪري ڇڏي آهي.
ھڪ ڳڀرو نوجوان جيڪو پي ايس 70 جو چونڊيل نمائندو پنھنجي تڪ جي ماڻھن کي ننڌڻڪو ڪري ويو آھي، کيس اھا به خبر نه آهي ته منھنجي تڪ جنھن تان آئون ايم پي اي چونڊيو آھيان، ان گھرن ڀرسان روز لينڊ ڪروز گذري ٿي، پر ايم پي اي کي ان بيرحماڻي قتل تي رحم ته نه آيو، پر کيس مقتول جي وارثن سان فاتحه جو ٽائيم به نه مليو جو 5 منٽ اچي ويھي دعا گھري ھا، پر جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي، سياسي ڀوتارن جو پوليس تي پريشر وڌندو پيو وڃي، قاتلن کي بچائڻ لاءِ پوليس تي دٻاءُ تيزي سان وڌي رهيو آهي، جنهن ڪري مقتول جي وارثن کي انصاف ملڻ مشڪل بڻجندو پيو وڃي.
پهريان ته قاتلن جو پوليس پتو ڪري ورتو، گرفتاريون به ٿيون آھي پر ڪجهه قاتل جن تائين پوليس پھچي وئي بعد ۾ پوليس کي کوسڪي جي سياسي ڀوتارڪي سوچ رکندڙ شخص پوليس پريشر وڌو ته توھان کي قاتل ڏيان ٿو، جنهن بعد پوليس سست ٿي وئي پر ڀوتار جو واعدو وفا نه ٿيو، پوليس کي ڪافي پاسن کان جاچ بعد 3 قاتل جي گرفتاري ۾ پوليس لاءِ رڪاوٽ صرف سياسي ڀوتار بڻيل آهن، جيڪي ڪوشش ۾ آھن ته موجود جاچ پوليس آفيسر کي ھٽرائي ڪجهه قاتلن کي بچائي وٺجي، پر آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي ابائي گھر جو نندو ٿاڻو به ھن وقت آءِ جي ۽ ايس ايس پي جي حڪمن کان وڌيڪ حڪم سياسي ڀوتارن جا مڃي رهيو آهي.
عوامي آواز پاران ان سموري ڪيس تي نظر رکڻ تي 15 ڏينھن کان قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۾ سياسي ڀوتارن جو دٻاءُ سامھون اچي پيو، جڏهن ته ايس ايڇ او پي ايس نندو ٿاڻي موجب 3 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آھن، جن پاران قتل ڪرڻ جي منصوبابندي ڪندڙن سميت ملوث جوابدارن جي نشاندگي ڪئي وئي آھي، جوابدارن جا نالا جلد ظاھر ڪرڻ سان ھو وري لڪي ويندا، پر ھن وقت ڪيس ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آھي، ھن وقت پمپ جي چوڪيدار پاران ڪافي شيون ظاھر ڪيون ويو آھن، جاچ وارو مرحلو تيزي سان جاري آھي. وارثن موجب جيڪي قاتل بچيل آھن، اھي وري سياسي ڀوتارن جي رحم و ڪرم تي بچن پيا، پوليس پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪجهه عورتون گرفتار ڪيون ويون، ان بعد پوليس سان سياسي کوسڪي جي ڀوتار ڊيل ڪئي ته عورتن کي ڇڏيو جوابدار پيش ڪيا ويندا، پوليس به ان دٻاءُ ۾ اچي عورتن کي ڇڏي ڏنو، پر سياسي ڀوتار قاتلن جي پٺڀرائي ۾ لڳي ويا آهن، جيڪڏھن ڳالھ ڪبي سياسي بدين جي ڀوتارن جي ته انھن مان ڪير به ان ڳڀرو نوجوان جي تڏي تي نه ويو آھي، انڪري جو قاتلن کي بچائڻ وارا به اھي ئي سياسي ڀوتار آھن، ھن وقت ٿاڻن تي ڪنٽرول پوليس جو نه پر سياسي ڀوتارن جو آھي، جيڪي پنھنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿين پيا، ڳڀرن بيرحمي سان قتل ٿيل نوجوانن جي گھرن ۾ ڪهرام متل آھي، هاڻي ڏسون ته مقتولن جي وارثن کي انصاف ملي ٿو يا هي ڪيس به لڙهي ويندو.