پاڪستان جي سموري سياسي تاريخ ۾ ڪڏھن بھ سرڪاري بيانيئي کي عوامي قبوليت حاصل ناهي ٿي، ته پوءِ هاڻي ڪيئن ٿيندي؟ عمران خان جي مقبوليت کي جيڪو عروج اڄ حاصل آھي، ان جو ھڪ وڏو سبب بي اعتمادي واري رٿ کان وٺي اڄ تائين مسلم ليگ (ن) ۽ مقتدره جي حڪمت عملي آهي، جنهن ۾ ھڪ مرڪزي ڪردار اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آهي،جيڪو 2018ع کان 2021ع تائين عمران حڪومت جو گراف هيٺ آڻڻ ۾ اهم ڪردار آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو چيف جنرل فيض حميد آهي ۽ جڏهن 9 مئي جي اصل ڪهاڻي پڌري ٿيندي ته امڪان ان ڳالھھ جو آهي ته ڪيترائي راز پڌرا ٿي سگھن ٿا.اندر جا بھ تھ ٻاھر جا ڪردارن جي باري ۾ پڻ.
عمران خان جي مقبوليت جي شروعات 30 آڪٽوبر 2011ع جي مينار پاڪستان واري جلسي سان ٿي، پر ھن جي سياسي مقابلي جو جائزو وٺجي تھ پتو پوي ٿو تھ ان وقت جي مقتدرھ جا لاڳاپا شريف برادران سان ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا ھئا يا ٿيڻ شروع ٿي ويا ھئا.پر ان جو سبب خاص ڪري پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪي ٻيا بھ ھئا. پهرين وٺون ٿا ڪي پي ڪي ،کي اھا 2002 جي ڳالھھ آھي. جڏھن 2002ع ۾ پرويز مشرف اوچتو اليڪشن جو اعلان ڪري ڇڏيو.ان کان اڳ پنھنجي مقبوليت جانچڻ لاءِ ريفرنڊم بھ ڪرايو.
2002 جو اليڪشن پلان جنرل احتشام ضمير مرحوم جي حصي ۾ آيو.جنھن ۾ عمران خان جي لاءِ رڳو ھڪ سيٽ جو فيصلو ٿيو. انهن چونڊن ۾ نھ تھ نواز شريف وارا ميدان ۾ ھئا ۽ نه ئي بينظير ميدان ۾ هئي، پر مشرف کي سڀ کان وڏو چئلينج مذهبي جماعتن جي اتحاد متحدھ مجلس عمل مان هو، جنهن جو وڏو سبب 9/11 کانپوءِ آمريڪا جي قيادت ۾ اتحادين طرفان افغانستان تي حملو هو. ايم ايم اي، آمريڪا مخالف بيانيئو تيار ڪيو ۽ مشرف تي آمريڪا نواز هجڻ جو الزام هنيو، جنهن سان ان کي عوامي مقبوليت ان حد تائين حاصل ٿي جو،اھي ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وئي.پنجاب کان سواءِ ٻين صوبن ۾ بھ نمايان ڪاميابي ملي ۽ ايم ايم اي سڀ کان مضبوط اپوزيشن طور اڀري سامھون آئي.
عمران خان کي پنهنجي اباڻي تڪ ميانوالي مان ڪاميابي ملي جيڪا پاڪستان تحريڪ انصاف جي پهرين اليڪشني ڪاميابي هئي. مون کي اڄ به ياد آهي 2002ع ۾ جڏهن هو پنهنجي چونڊ مهم ختم ڪري ڪراچي ۾ ڊاڪٽر عارف علوي جي گهر پهتو ته مون سميت ڪيترائي صحافي اتي موجود هئا.عمران خان مون کان پڇيو تھ : مظھر تنھنجي ڪھڙي راءِ آھي اسان کي گھڻيون سيٽون ملنديون. اسان جي مھم تھ ڪافي سٺي رھي آھي.“
جنھن تي مون چيو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي، پر منهنجو مشاهدو آهي ته اڪثر ماڻهو توهان کي ڏسڻ لاءِ ايندا آهن، شايد توهان جي اميدوارن کي ايترا ووٽ نه ملن. اليڪشن کانپوءِ عمران خان جي سياست ۾ هڪ نئون موڙ آيو ۽ ڇاڪاڻ تھ ھو شڪست کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندو آھي.ھن مھم جاري رکي تھ ان دوران ايم ايم اي ، جي، خيبرپختونخواھ جي حڪومت جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ وچ ۾ اختلاف جو شڪار ٿي وئي.تھ ٻئي پاسي حڪومت جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿڻ لڳا.جنهن جو عمران خان کي فائدو ٿيو.
ڪرڪيٽ ملڪ جي مقبول ترين راند آهي ۽ ان مان بھ خان صاحب کي گهڻو فائدو ٿيو. ايم ايم اي جو اتحاد ُٽٽي ويو،تڏھن اھڙو وقت بھ آيو تھ قاضي حسين احمد مرحوم، نواز شريف ۽ عمران جي وچ ۾ اتحاد ٿي ويو . ميان صاحب کان علاوه جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف، مشرف ماتحت اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو، جيڪو ھڪ سياسي تضاد ھو، انھن جي سياست جو. ڇاڪاڻ ته ٻنهي 2002ع جي اليڪشن ۾ حصو ورتو هو.
2008ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ٿيل چونڊن ۾ ڪي پي ۾ اي اين پي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اتحادي حڪومت قائم ٿي، جڏهن ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ اتحاد ٿيو. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ ۽ خاص ڪري عمران خان کي موقعو مليو ته هو اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري ۽ پي ٽي آءِ کي ٽئين قوت يا ٽئين آپشن طور ميدان ھٿ اچي ويو.۽ جڏهن 2013ع جي چونڊن ۾ ھن حصو ورتو تھ ھن کي پهرين وڏي اليڪشني ڪاميابي ملي. بھرحال کين ڪي پي ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ جماعت اسلامي سان اتحاد ڪرڻو پيو.
ڪي پي ۾ عمران خان پوءِ وري ڪڏهن پوئتي مڙي نھ ڏٺو، بھرحال 2013ع جي اليڪشن تائين ٻين پارٽين مان ماڻهو سندس پارٽيءَ ۾ اچڻ شروع ٿيا، جنهن ۾ ان وقت جي مقتدرھ جي ڪجهه آفيسرن جو ڪردار نظر اچي ٿو.ان وقت هڪ نئين تاريخ رقم ٿي جڏھن 2018ع ۾ پي ٽي آءِ کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي،جيڪو هڪ رڪارڊ هو ۽ اهو گراف اڄ تائين برقرار آهي. هتي ٻين پارٽين جي ناقص ڪارڪردگي، بيانيئي جي ڪمزوري ۽ نوجوانن جو عمران ڏانهن لاڙو ۽ اڳوڻي فاٽا ۾ آپريشن جي مخالفت سندس مقبوليت جي اھم سببن مان ڪجهه آهن.
پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي ڪاميابي جو وڏو سبب پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جو مڪمل خاتمو نظر اچي ٿو. مسلم ليگ (ن) فرينڊلي پوزيشن ۽ عمران جو اينٽي شريف بيانيئو ٺھيو.جنهن پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ ووٽرن کي پنهنجي طرف ڇڪي ورتو.ٻيو سبب بينظير ڀٽو کانپوءِ پارٽي ۾ مقبول ليڊر جو نه هجڻ ۽ ٽيون سبب مسلم ليگ ن تي ھڪ خاندان جي ھڪ ھٽي جو وڌيڪ مضبوط ٿيڻ آهي. پر ان جو ھڪ وڏو سبب نواز شريف پاران 2013ع کان پوءِ پي ٽي آءِ جي احتجاج کي ڊيگھه ڏيارڻ بھ بڻيو.نھ تھ چئن تڪ کولڻ جي مطالبي کي بهتر نموني حل ڪرڻ ممڪن ھو.نتيجي جي طور تي ماڊل ٽائون يا 126 ڏينھن جي ڌرڻي تائين نوبت ئي نھ اچي ھا. ان حڪمت عملي جو فائدو پي ٽي آءِ کي ٿيو.
بهرحال ان ۾ جنرل ظهير اسلام ۽ جنرل پاشا جي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. 2018ع جي اليڪشن ۾ عمران کي اڳ کان وڌيڪ سيٽون مليون پر پوءِ به هو حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ نه هو، جنهن لاءِ جنرل باجوه ۽ جنرل فيض ڪردار ادا ڪيو ۽ اها ئي عمران جي سڀ کان وڏي سياسي غلطي هئي ۽ پوءِ ھو جنرل باجوھ ۽ جنرل فيض جا ٿورا لاهڻ ۾ لڳي ويو ۽ جڏھن جنرل باجوھ جا ھن سان اختلاف وڌيا ته اھو ڪردار جيڪو ھن عمران جي حڪومت ٺاهڻ ۾ ادا ڪيو، اهو ئي حڪومت ڊاھڻ ۾ ادا ڪيو ۽ خان، باجوه ۽ فيض جي وچ ۾ ڦاسي پيو.
باجوه، شريف ۽ زرداري جي سڀ کان وڏي غلطي عمران کي هٽائڻ ۽ پوءِ حڪومت ڪرڻ ثابت ٿي، جنهن جي قيمت اھي اڄ تائين ادا ڪري رھيا آھن. انهن ٽنهي صاحبن ۽ انھن جي سياست جيڪي غلطيون ڪيون. ان جي قيمت اڄ 8 فيبروري جي اليڪشن آهي، جنهن عمران خان کي عروج جي هڪ نئين منزل تي پھچائي ڇڏيو ۽ ياد رکڻ گهرجي ته هي اليڪشن 9 مئي کانپوءِ ٿي آھي. عمران خان جي ڪيترن ئي سياسي غلطين کان پوءِ.هن وقت پي ٽي آءِ جو باني ٻنهي وڏين پارٽين ۽ خود مقتدرھ جي لاءِ نڙيءَ ۾ اٽڪيل ڪوڙي گوري بڻجي ويو آھي،جيڪا نھ تھ ڳھي سگھجي ٿي نھ ئي ٻاھر ڪڍي سگھجي ٿي.نه ته عمران خان ۽ نه ئي سندس پارٽي ڪا منظم تحريڪ هلائي سگهيا، 9 مئي ۽ 26 نومبر ان جو ثبوت آهن، پر ان ٻئي پاسي ڪو بيانيئو ئي نھ آھي. هاڻي خان صاحب وٽ تھ وري بھ هڪ ٽرمپ ڪارڊ آهي، ٻئي طرف ماٺ ئي ماٺ آھي. ڇاڪاڻ ته سزا ملڻ بعد به عمران جي مقبوليت وڌي سگهي ٿي گهٽجي نھ ٿي سگھي.