هي عالمي ادارو هڪ جرمن انجنيئر ڪلاس مارٽن شواب 1971 ۾ سئٽزرلينڊ جنيوا ۾ قائم ڪيو، هن اداري جو مقصد ”عالمي، علائقائي ۽ صنعتي ايجنڊائون ٺاهڻ آهي“، هي فورم هر سال دولتمند ايگزيڪيوٽوز کي ڊيووس جھڙي پُرفضا علائقي ۾ پنھنجيون موڪلون گذارڻ ۽ واپاري ٺاهه ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪري ٿو.
پر هن فورم جي روح روان مسٽر ڪلاس شواب جي هڪ عالمي ايجنڊا به آهي. ٿي سگهي ٿو عام ماڻهن کي مسٽر ڪلاس شواب جي باري ۾ ايڏي معلومات نه هجي پر اڪثر عالمي رهنما ، ڪارپوريٽ سرمائيدار ۽ وڏا ٽيڪنالاجيءَ جا مالڪ هن شخص جي اثر کان واقف آهن. اهي سڀ ورلڊ ايڪانامڪ فورم جي 1400 ميمبرن ۾ شامل آهن، جن جي دولت کربين ڊالرن ۾ آهي. هيءَ صورتحال مسٽر شواب کي ان پوزيشن ۾ آڻي بيھاري ٿي ته هو پنھنجو عوامي عڪس خراب ڪرڻ کانسواءِ پنھنجي عالمي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي.
مسٽر ڪلاس شواب 30 مارچ 1938 ۾ ڏکڻ جرمنيءَ ۾ ڄائو. هن جو والد هٽلر جو ساٿاري رهيو. پر هن سوئس فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ مان 1966 ۾ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪئي ۽ هارورڊ جي جان ايف ڪينڊي اسڪول آف گورنمينٽ مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي. هارورڊ ۾ ئي هن جي ملاقات هينري ڪسنجر سان ٿي.
ڪلاس شواب، WEF جي شڪل ۾ هڪ گهڻ قومي مشين ٺاهي، جنھن ۾ حاضري لڳائڻ جي في، هر ميمبر لاءِ 65 هزار ڊالر مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته ان فورم جا معزز ڀائيوار 65 هزار ڊالر يا ان کان وڌيڪ رقم ڏئي سگهن ٿا، شواب جي ان ٽيم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ توهان وٽ دولت، اقتدار يا خاص رتبو هجڻ ضروري آهي.
هي فورم، عالمگيريت جي ڳالهه ڪري ٿو، دنيا جا شھري بڻجڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، قومي رياست جي خاتمي جي ڳالهه ڪري ٿو، جمھوريت جي خاتمي جي ڳالهه ڪري ٿو، روايتي سرمائيداري نظام جي جاءِ تي اسٽيڪ هولڊر سرمائيداري نظام جي ڳالهه ڪري ٿو، نجي ملڪيت جي خاتمي جي ڳالهه ڪري ٿو.
ڪووڊ 19 وبا جي ڦھلجڻ کان پوءِ، ڪلاس شواب دنيا جي اسٽيج تي پھريون دفعو پنھنجو خاص پروگرام کڻي ظاهر ٿيو. CNBC ٽيليويزن جي رپورٽر – ڪيرن سو شواب کان جولاءِ 2020 ۾ انٽرويو ورتو، جنھن ۾ شواب چيو ته ”هو اهو ڌُڪو نٿو هڻي سگهي ته ”ڪجهه مھينن ۾ ٿيندڙ آمريڪا جي صدارتي چونڊ ۾ ڪير کٽندو پر هن کي خبر آهي ته ڇا به نتيجو نڪري، طوفاني زمانا اچڻ وارا آهن“، هن زبردست بي روزگاريءَ جي پيشن گوئي ڪئي، ان ڪري يقيني طور تي اسان تمام گهڻي ڪاوڙ ڏسنداسون، ڪيترين ئي صنعتن کي پنھنجو وجود قائم رکڻ ۾ ڏکيائيون ٿينديون.
پر ان باوجود شواب هڪ علاج تجويز ڪيو: ”مان هڪ عظيم وري ٺيڪ ٿيڻ جي ضرورت ڏسان ٿو“.
ڪلاس شواب پنھنجي ان ”وري ٺيڪ ٿيڻ“جي پروگرام تي هڪ ڪتاب لکيو. هن ڪووڊ 19 وائرس کي، گلوبل وارمنگ کي منھن ڏيڻ لاءِ ”عمل ڪرڻ جو هڪ سڏ“ڪوٺيو. هن حڪومتي امداد کي سبز معيشت سان ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ هر شيءِ کي انقلابي بڻائڻ ۽ ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي.
شواب، گهٽ ۾ گهٽ پنج مکيه موقعا شناخت ڪيا، جيڪي ڪووڊ19 وبا، دنيا کي پيش ڪيا.
دنيا، سماجي معاهدي کي وڌيڪ شرڪتدار بڻائيندي، نئين سري سان وصفي سگهي ٿي.
هن وبا کي معيشت کي ڪاربان (ڪارنھن) کان پاڪ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
چوٿين صنعتي انقلاب هيٺ هر ان شيءِ کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ گهرجي، جيڪا ڊجيٽلائيز ڪري سگهجي.
ڪمپنيون، هن وبا کي پنھنجي نفعي جي محرڪ تي وري غور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿيون ۽ نئين نظام، اسٽيڪ هولڊر سرمائيداري ڏانھن منتقل ٿي سگهن ٿيون.
عظيم وري ٺيڪ ٿيڻ جو مطلب آهي، وڌيڪ عالمي تعاون يا گلوبل حڪومت داري.
ورلڊ ايڪانامڪ فورم ۽ ان سان جڙيل تنظيمون – اقوامِ متحده، ڪلب آف روم وغيره انھن موضوعن تي سالن کان ڪم ڪري رهيون آهن. شواب جي خيالن جي اثرانگيزيءَ جو ان ڳالهه مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪي صدر جوبائيڊن پنھنجي هڪ منصوبي وري ’بھتر نموني تعمير ڪيو‘جو پنھنجي اليڪشني مھم دوران اعلان ڪيو.
بائيڊن جي ان منصوبي جون گهڻيون ڳالهيون شواب جي عظيم وري ٺيڪ ٿيڻ جي ايجنڊا سان ملندڙ جلندڙ هيون.
WEF مٿين ڳالهين کان علاوه نجي ملڪيت ۽ ذاتي نويڪلائيءَ جي خاتمي جي ڳالهه ڪري ٿو.
ڪوئلي جي ٻارڻن جي خاتمي جي ڳالهه ڪري ٿو.
جانورن جي پروٽينن بدران جيتن تي آڌاريل خوراڪ جي سرشتي ڏانھن منتقل ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
سموري دنيا کي روڪ رقم جو نظام ختم ڪري ڊجيٽل مالياتي نظام اختيار ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
وئڪسين پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
جمھوريت بدران ٽيڪنوڪريٽن جي حڪومت قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
ڪلاس شواب WEF جي پليٽ فارم تان دنيا لاءِ پنھنجي نئين نظرئي ”اسٽيڪ هولڊر ڪئپيٽلزم“ جو اعلان ڪيو.
هن نظريي جو مطلب هو ته ڪمپنيون، رڳو پنھنجن حصيدارن ڏانھن جوابده نه هجڻ گهرجن پر سمورن واسطيدار ماڻهن جي هڪ ڇڙوڇڙ ٽولي ڏانھن به جوابده هجن ۽ اهي واسطيدار ماڻهو ڪير آهن؟ شواب جي لفظن ۾ ”اهي سماجي ٽولا آهن جيڪي سڌي يا اڻسڌي طرح ان ڪمپنيءَ سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ اهي ان جي ڪاميابي ۽ خوشحالي تي دارمدار رکندڙ هوندا آهن. هنن ٽولن ۾ ڪمپنيءَ جا ملازم، گراهڪ، ڪمپني کي مال پھچائيندڙ ، رياست ۽ خاص طور تي اهو سماج جنھن ۾ اها ڪمپني سرگرم هوندي آهي، شامل هوندا آهن.
چيو ٿو وڃي ته هي ’اسٽيڪ هولڊر سرمائيداري نظام‘ چين جي رياستي سرمائيداري نظام جي ماڊل جھڙو لڳي ٿو. (چين جي رياستي سرمائيداري نظام لاءِ اهو چيو ٿو وڃي ته اهو حقيقت ۾ هينري ڪسنجر، راڪفيلر ۽ ورلڊ ايڪانامڪ فورم جي مدد سان ٺاهيو ويو هو).
شواب جو اسٽيڪ هولڊر سرمائيداري نظام، جمھوريت دشمن پروگرام آهي. ٽيڪنوڪريسي، حڪومت جو هڪ اهڙو روپ آهي، جنھن ۾ ليڊرن کي سندن ڪم جي مھارت تي چونڊيو ويندو آهي. نه ڪه اليڪشن ۾ انھن کي کٽرايو ويندو آهي. ٽيڪنوڪريٽڪ ليڊر ووٽرن ڏي پنڌ ڪري نه ويندا آهن. ان سلسلي ۾ WEF اهڙا نعرا جيئن سائنس تي ويساهه رکو ماڻهن ۾ عام ڪري ٿي، جن جو مقصد اهو هوندو آهي ته ووٽر نام نھاد ماهرن کان ڪوبه سوال نه پڇن.
2019 ۾ WEF طرفان رکيل هڪ پوسٽ ۾ صاف لفظن ۾ هيئن چيو ويو:
”جمھوريت هڪ اهڙي دنيا ۾ نه چاهيل/ اڻٽر نقصان بڻجي رهي آهي، جتي گلوبل خطرن کي انھن طرفان نظرانداز ڪيو پئي ويو آهي يا وڌايو ويو آهي جن وٽ عمل ڪرڻ جي طاقت هوندي آهي.“
ٽيڪنوڪريٽ نظام، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي تي بيٺل هوندو، اهو دنيا جي آباديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ گلوبل وارمنگ خلاف قدم کڻڻ جي دعويٰ ڪري ٿو.
هن فورم راڪفيلر سان ڳنڍيل ڪلب آف روم سان گڏجي 1972 ۾ ترقيءَ جون حدون (جي ڪمپيوٽر انجنيئر جي فوريسٽر طرفان تيار ڪيل هڪ رپورٽ، حدون جي نالي سان شايع ڪئي، جنھن ۾ دنيا جي وڌندڙ آباديءَ جي ڌرتيءَ جي وسيلن تي پوندڙ اثرن جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ دنيا کي خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن وڌندڙ آباديءَ تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ڌرتيءَ جا وسيلا هڪ ڏينھن ختم ٿي ويندا. فورم طرفان حدن جي منشور کي مسلسل نوبنو ڪندو رهجي ٿو.
ان جي 2022 ۾ شائع ٿيل رپورٽ هيئن چئي ٿي، ”ڪلب آف روم ۽ فورم جي ڏسيل ٽيڪنوڪريٽڪ حڪمن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ اهڙي طرح انسانذات کي تباهيءَ جي ڪناري تي پھچايو ويو آهي“.
انسانذات جي روح لاءِ لڙائي هارائجي ويندي، جيڪڏهن دنيا فوري طور تي فورم ۽ ڪلب ايجنڊا تي عمل نه ڪيو. اقوامِ متحده، فورم جي ڏسيل ٽيڪنوڪريسي جي ايجنڊا تي قانوني هجڻ جو ٺپو هڻي ٿي ۽ ان تي زور ڀري ٿي ته WEF جا پاليسي نسخا اقوامِ متحده جي نسخن جيان انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ آهن.
شواب، WEF جي شڪل ۾ هڪ اهڙي گهڻ قومي مشين ٺاهي، جيڪا جمھوريت ۽ سرمائيداري نظام کي هڪ وڌيڪ انتھا پسند نظام سان بدلائڻ لاءِ اولين متحرڪ قوت بڻبي.
ايجنڊا-21:
WEF جو پھريون پاليسي نسخو، جنھن کي اقوامِ متحده جي پليٽ فارم تان متعارف ڪرايو ويو، ان کي يجنڊا 21 جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، هن ايجنڊا کي 1992 ۾ پيش ڪيو ويو. 2000 ۾ اقوامِ متحده ايجنڊا 21 جي ملينيم ڊولپمينٽ گولس جي نالي هيٺ پوئواري ڪرڻ لڳي. اڳتي هلي اقوامِ متحده هن فورم جي ايجنڊا کي 2015 ۾ وري نئون نالو ڏنو، ايجنڊا 21، ايجنڊا 2030 بڻجي وئي ۽ ملينيم ڊولپمينٽ گولس، ”سسٽينبل ڊولپمينٽ گولس بڻجي ويا، جن جو تعداد 17 آهي.
لڳي ٿو ته خوف (Fear) عالمي تجارتي ماڊل جو هڪ مرڪزي جزو آهي، تڏهن ئي ته ايجنڊائن جا نالا مسلسل تبديل ڪيا وڃن ٿا پر انھن جا حل گهڻي ڀاڱي ساڳيا ئي ڏسيا وڃن ٿا يعني اهي ته:
سموري دنيا کي ڪلاس شواب جو ڏسيل اسٽيڪ هولڊر سرمائيداري نظام اختيار ڪرڻ گهرجي.
WEF جو ٽيڪنوڪريٽڪ گلوبل حڪمرانيءَ جو سياسي ڍانچو اختيار ڪرڻ گهرجي.
نه ته اسان سڀ ختم ٿي وينداسي.
ڊيورس گروپ ميمبر، دنيا جي آباديءَ جو رڳو هڪ سيڪڙو آهن، ڪلاس شواب جي ڪنھن به سرڪاري پروگرام ۾ ڪابه دلچسپي نه آهي، هو اسان جن سمورن ادارن ۽ ڍانچن جي طاقت کي ميسارڻ چاهي ٿو.هو مستقبل کي خوفناڪ، دهشتناڪ ۽ غير انساني بڻائڻ چاهي ٿو. هن فورم جا رڪن اها دعويٰ ڪن ٿا ته هو دنيا جي حڪومتن ۾ داخل ٿي رهيا آهن. هنن مطابق جمھوريت، دنيا جي قومن کي هلائڻ جو غير مؤثر طريقو آهي، موثر طريقو آهي اڻ چونڊيل ٽيڪنوڪريٽن (انجنيئرن، سائنسدانن ۽ مئنيجرن) تي ٻڌل حڪومت.