وچ اوڀر ۾ جاري جنگ ۽ خطي ۾ ان جي اثرن جي پس منظر ۾ شام جي حڪومت جو اوچتو ڊھي پوڻ اڃان تائين ماھرن ۽ تجزئي ڪارن لاءِ ڳجھارت بڻيل آھي.ڪي ماھر شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت جي زوال کي 7 آڪٽوبر تي حماس پاران اسرائيل تي حملي سان ڳنڍي رھيا آھن.اھي ان خيال جا حامي آھن تھ اھو سلسلو ايران تائين بھ پھچندو.اھو بھ چيو پيو وڃي تھ ايراني سهڪار سان يحيٰ سنوار جي اڳواڻيءَ ۾ حماس جي اسرائيل تي ٿيل حملي جو مقصد لبنان ۾ حزب الله سان گڏجي اسرائيل کي گهيرو ڪرڻ هو، پر ايران خود ان چال ۾ ڦاسي پيو آھي.
ماھر ان تي متفق آھن تھ ايران جي ’ مزاحمت جي محور‘ جو خاتمو ٿيو آھي، جنهن ۾ حزب الله ۽ حماس شامل آهن،شام ۾ اسد حڪومت جو خاتمو بھ ان جو نتيجو آهي.تازو واقعن ايران تي گهرا اثر ڇڏي رھيا آھن.ايران ۾ وڏي پيماني تي احتجاج ان جو اشارو ملي رھيو آهي.ٻئي طرف فلسطين جي اولهه ڪناري ۾ محمود عباس جي حڪومت کي هٽائڻ لاءِبھ مظاهرا شروع ٿي ويا آهن.ان وچ ۾ اسرائيل گھڻو ڪري مصر ۾ ڪنھن بھاني داخل ٿي ويندو.
وچ اوڀر ۾ ھڪ ئي وقت گھڻا ملڪ دخل اندازي ڪري رھيا آھن.جڏهن اسد جا مخالف اڳي کان وڌيڪ متحد هئا، شام ۾ حزب الله ۽ ايران جي پاسداران انقلاب جي خلاف ڪارروائين شام جي صدر کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو.حماس جي ڪاررواين ثابت ڪيو ته غالب قوتن ۾ به ڪيتريون ئي ڪمزوريون آهن ۽ طاقت جو توازن بدلجي سگهي ٿو. ٿي سگهي ٿو، شامي باغي ان کان متاثر ٿيا ۽ اهو ئي حال خطي جي ٻين حصن ۾ به ٿي سگهي ٿو. ايران، ترڪي، آمريڪا، اسرائيل، روس ۽ عرب ملڪن سميت خطي ۾ شامل سمورين قوتن ۾ ڪجهه گڏيل ھڪجھڙا مفاد آهن.سڀني ملڪن جو خطي ۾ ڀرپور ڪردار آهي، جيڪو خطي کي تمام پيچيده بڻائي ٿو. وچ اوڀر ۾ واقعن ۽ عرب خطي جي سڀني پاڙيسري ملڪن تي انهن جو اثر پوڻو ئي آھي.ڪي ماھر چون ٿا تھ اسد حڪومت جو خاتمو اوچتو نه ٿيو، پر هڪ وڌندڙ مقبول بغاوت جو نتيجو هو جيڪو 2011 ۾ شروع ٿيو ۽ بعد ۾ هڪ پيچيده گهرو ويڙهه ۾ تبديل ٿي ويو. ادلب ۾ فوجون 2020 کان اھڙي تياري ڪري رهيون هيون ۽ جڏھن مقامي،علائقائي ۽ عالمي حالتون ٺهڪي آيون تھ شام جي حڪومت وڌيڪ ڪمزور ٿي وئي.اسد حڪومت پنهنجي اقتدار جي بقا لاءِ علائقائي ۽ عالمي سطح تي مختلف تڪرارن ۾ ڪردار ادا ڪندي رهي.شام جي اڳوڻي صدر اسرائيل ۽ ايران سان پنهنجي لاڳاپن ۾ توازن رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ڪافي مشڪلات کي منهن ڏيڻو پيو جنهن ۾ هو ڪو به فيصلو نه ڪري سگهيو.وچ اوڀر ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ ترقيءَ علائقائي ۽ بين الاقوامي توازن ۾ وڏي تبديليءَ سان گڏوگڏ اسد جي حامين ۾ به وڏي تبديلي آڻي ڇڏي.
اسد خاندان جي 55 سالن جي حڪومت جو خاتمو اچي ويو آهي احمد الشريع هڪ نئين روپ ۾ سامهون آيو آهي. هن جو نئون روپ القاعده سان جڙيل هڪ جهادي تحريڪ جي سربراهه کان مختلف آهي.احمد الشريع شام جي ڪمانڊر ان چيف جي حيثيت سان ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.
دمشق ۾ عبوري حڪومت جي اعلان سان سفارتي سرگرميون ۽ پاڙيسري ملڪن جي وفدن جي ميزباني ڏسڻ ۾ آئي آهي.مستقبل بابت اڳڪٿي ڪرڻ ڏکيو عمل آھي.ايران شام کي وڃائي ڇڏيو آھي. جنھن بعد ايران جو وڏو مسئلو خود پنھنجي بقا آھي.ايران جي شام مان رسد ۽ رستا اهم هئا ۽ ھاڻي حزب الله کي هٿيار موڪلڻ ڏکيو ٿي ويو آھي.اسد جي حڪومت جي ختم ٿيڻ سان اسرائيل وڏو اسٽريٽجڪ خطرو هٽائي ڇڏيو آھي.شام جي سموري فوجي قوت ناس ٿي وئي آھي.ايران لاءِ رستو بند آھي.
فرقيواريت ۽ نسلي گھڻائي وارن ملڪن جهڙوڪ شام، عراق ۽ يمن ۾ هڪ مستحڪم نظام ٺاهڻ تمام ڏکيو آهي.عالمي مداخلت شام جي اندروني صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيندي.حيات التحرير الشام لاءِ اڪيلي سر هن ملڪ تي حڪومت ڪرڻ غير معمولي ڳالهه هوندي. شام هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو پنهنجي گھڻ پاسي عقيدي، نسلن ۽ سياسي ويڇن ۾ منجھي پيو آھي.يتوڻيڪ عبوري حڪومت مارچ تائين آھي ۽ ان بعد نئين حڪومت جي قيام ۽ شايد آئيني اعلان ۽ پوءِ چونڊون ٿين پر خود عبوري دور گھڻو پيچيدو ٿي رھيو آهي.ان باوجود ماھرن اھو چون ٿا تھ شام ٻيو افغناستان شايد نھ ٿيندو .