ڪجهه شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جيڪي پوري زندگيءَ ۾ پنهنجي سحر ۾ اهڙو مبتلا ڪري ڇڏينديون آهن جنهن جو اثر پوري زندگيءَ ۾ گڏ رهندو آهي منهنجي لاءِ به منهنجو محسن شفيق انسان محقق لطيف شناس سنڌي ٻوليءَ جو عالم تعليمدان ڊاڪٽر بشير احمد شاهه صاحب آهي۽ ان سان گڏوگڏ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو روح روان ۽ سرواڻ آهي منهنجي لاءِ اعزاز ۽ باعث فخر جي ڳالهه آهي ته اهڙي عظيم شخصيت جي زير اثر ۾ رهي علم ادب ٻولي ۽ اخلاق جي تربيت ۽ حاصل ٿي آهي.
اها منهنجي لاءِ وڏي خوشي نصيبي آهي ته هي ”آتم ڪٿا هت حياتي ڏينهڙا“ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ، محقق، شاعر، لطيف شناس ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جي ننڍپڻ کان وٺي موجوده زندگيءَ جي دور جي ڪهاڻي آهي ڊاڪٽر صاحب جي تحرير ۽ گفتگو جو فن با ڪمال آهي پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن کي واضح ۽ شفاف بيان ڪيو آهي. هي آتم ڪٿا جڏهن پڙهڻ شروع ڪئي ته منهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو ويو جيڪي ڳالهيون۽ واقعا منهنجي ڄمار کان اڳ واري دور جا آهن تن جي معلومات ملي. هيءَ آتم ڪٿا زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي لکيل آهي. جيڪا سندس جنم ڀومي شڪارپور شهر کان شروع ٿئي ٿي ويندي لاڙڪاڻي شهر تائين يادگيرن جو هڪ سنگ ميل آهي جنهن ۾ هڪ ٻاروتڻ جواني تعليم سروسز جون يادگيريون شامل آهن. آتم ڪٿا هڪ زندگيءَ جو داستان آهي جنهن ۾ زندگي جون خوشيون غم ڏک سک تڪليفون مرڪون لڙڪن جون لارون ۽ حسين لمحا پڻ موجود هوندا آهن اهڙي طرح ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب پنهنجي آتم ڪٿا به سٺي اسلوب قلم جي نوڪ سان شاندار ۽ شاهڪار نموني سان تحرير ڪئي آهي پڙهندڙ کي ماضيءَ جي ورقن ۾ سمائي ڇڏي ٿو ۽ شڪارپور جي تاريخ کان وٺي ويندي لاڙڪاڻي جي تاريخي ماڳ مڪانن روڊ رستن عمارتن بازارن تعليمي ادارن اسپتالن مثالي ڪردارن ۽ تاريخي سياسي سماجي شخصيتون هن ڪٿا ۾ شامل آهن شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي علمي ادبي سرگرمين بابت گهڻي ڄاڻ سان روشناس ڪري ٿو جيڪو موجوده نئين نسل لاءِ هڪ تاريخي دستاويز آهي.
هن ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙا جملا آهن جيڪي قولن ۽ چوڻين جي مطابق استعمال ڪري سگهجن ٿا جيڪي يادگيريون لکي ويون آهن اهي سڀ روح سان لکيل آهن هر ڳالهه دلچسپ انداز ۾ تحرير ڪئي وئي آهي هن ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙا جملا آهن جيڪي قولن ۽ چوڻين جي مطابق استعمال ڪري سگهجن ٿا ته جئين مار ٻار جي سنوار، نانوائي جي اڳيرائي ڪاسائي جي پڇاڙي، جو جاوي جاوا سو ول ڪڀو نه آوا جو آوا ته ٻال ٻچي ڍاوا. هن چوڻي جي پٺيان هڪ مائٽ جي ڪهاڻي آهي جيڪو ننڍپڻ کان گهران نڪري ويو پوءِ ڪيترن ئي سالن کان پوءِ سندن اوچتو زال ۽ ٻارن سميت گهر ۾ اچي مهمان ٿيو.
ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب شڪارپور شهر جو بنياد پوڻ جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته حاجي فقير الله علوي جي مسجد ۾ لڳل ڪتبي تي تاريخ لکيل آهي ته جنهن جي لفظ (غوڪ) مان شڪارپور جو بنياد سن 1026 ھ 1617ع ۾ ٿيو هن شهر جو بنياد دائود پوٽن وڌو دائود پوٽن واري دور ۾ شڪارپور شهر جي چوڌاري ڪوٽ اڏيل هوندو هيو شهر کي ست دروازا هوندا هئا ۽ هڪ دري هوندي هئي دروازن ۾ لکي در هاٿي در ھزاري در سوي در ڪرن در واڳڻو در خان پوري در نوشهرو در ۽ هڪ دري صديق ماڙي سان موجود ھئي جيڪي مختلف پاسن کان رستا نڪرندا هئا ڊاڪٽر صاحب شڪارپور جي ماڻهن لاءِ ٻڌائي ٿو ته کائڻ پيئڻ ۽ چوڙڻ جي حوالي سان شوقين هئا. کاڌي پيتي ۾ کٽاڻ مشهور آهي جيڪا هنڌين ماڳين مشهور آهي کٽاڻ ۾ بادام ۽ پستا به وجهندا هئا ۽ ڀڳڙا به مشھور هئا چپ تي رکڻ سان ڀري پوندا هئا شڪارپور ۾ اڏيل ڪاٺ جي عمارت جي بابت ذڪر ٿيل آهي ته جيڪي اتان جا هندو پنهنجي شوق سان ٺهرائيندا هئا آتم ڪٿا ۾ هڪ دلچسپ گهورارو جو هوڪو به آهي چوندو هو ته هائو ڙي ڪتل تنهنجي روهڙي تائين ھڪل. شڪارپور جون ڪجهه چوڻيون به آهن هن ڪتاب ۾ الف شاھ غازي ڀڃ ڪتي جي بازي، چار ڄنگهون پنج پڇ ڪتا تون نه ڪڇ، ان کان پوءِ ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب 1955ع لاڙڪاڻي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ لاڙڪاڻي جي تاريخ عمارتن باغن روڊن رستن علمي ادبي سرگرمين سياسي سماجي شخصيتن بابت لکيو آهي جيئن لاڙڪاڻي جا باغ جن ۾ ريالي باغ ڪرمان باغ ڌرمي باغ ٿانور باغ تو لاڻي باغ شاهي باغ لاهوري باغ تجر باغ بولس باغ ۽ گيان باغ جو ذڪر ٿيل آهي. تجر باغ نواب ولي محمد لغاري پنهنجي دور ۾ تعمير ڪرايو پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ هن باغ جو نالو مٽائي جناح باغ مشهور ٿيو ان کان پوءِ ٻيو باغ گيان باغ آهي جنهن کي هاڻي ذوالفقار باغ جي نالي سان مشهور آهي.
ڊاڪٽر شاد صاحب لاڙڪاڻي جي پراڻي دور جي 3 مشهور سئينمائن ذڪر ڪيو آهي جناح باغ لڳ رائل سينئما، قافلا سراءِ جي ڀرسان ايمپائر، نگار، المناظر ۽ ڪلو پيٽرا سئينمائن مشهور هيون آتم ڪٿا ۾ لاڙڪاڻي جي فوٽو اسٽوڊيوز هوندا هئا جيڪي مشهور اسٽوڊيوز هوندا هئا سنڌ فوٽو اسٽوڊيو، غوري فوٽو اسٽوڊيو، هلال پاڪستان جو اسٽوڊيو آهن.
ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب پنهنجي ذات ۾ يقينن هڪ مڪمل ادبي ادارو آهي. سائينءَ جن جي هي آتم ڪٿا هڪ سڦلتا آهي، آتم ڪٿا جو مطالعو ڪندي ذهن جا دروازا کلندا وڃن ٿا هي آتم ڪٿا محبت ۽ محنت سان ڀرپور لکيل آهي جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ تجربا مشاهدا حاصل ڪيا اهي سڀئي هڪ ڪتاب جي صورت ۾پيش ڪيا آهن. هيءَ آتم ڪٿا ادبي کيتر ۾ وڏي اهميت رکي ٿي سائين جن جيڪي ڏٺو تيئن قلم بند ڪيو آهي مان پنهنجي محسن شفيق انسان ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب کي هن شاندار ڪم ڪرڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو