جيتري سياسي چٽاڀيٽي اسان وٽ آهي دنيا ۾ شايد ئي ڪٿي هجي! جو اڳواڻ جي لاءِ عوام چريو لڳو پيو هوندو آهي، انهن جي هڪ اشاري تي وٺي ڀڄندا آهن، سڀا ڪم ڪار ڇڏي، سمورا ڪاروبار ٺپ ڪري، رڳو ان اڳوڻ جي ها ۾ ها ملائيندا وتندا آهن. پر اسان وارا اڳواڻ ڪارڪنن جون سڀ سچايون ۽ عوام جو سياسي ايمان داوَ تي هڻي، سڄو ڏينهن ويٺا ”يوٽرن“ وٺندا آهن، مثال اهي سرڪار ملڻ وقت يا ان گهڙيءَ رڳو سچا ٿي پون ته هي ملڪ سونو ٿي پئي. پر ڳالهه اها به آهي ته جنهن سياستدان کي دور انديشي نه ٿي اچي اهو اڳواڻ ئي ناهي. جنهن اڳواڻ (عمران) کي اها خبر نه ٿي پئي ته ڪي پي مان يا پنجاب جي وچ وارن علائقن مان ماڻهن جا ڊمبلا اچي رڳو ان ڳالهه تي گڏ ٿيندا هجن ته اهو اڳوڻ واقعي ئي هڪ آزاد ملڪ کي آزادي ڏياريندو يا آزاد ملڪ کي آمريڪا جي غلامي مان جان ڇڏرائيندو؟ اصل ۾ غلامي اها ناهي جنهن جو روڄ راڙو آهي، پر غلامي اها به آهي ته اسان هر شيءِ ۾ پاڻ ڀرا ٿيون، هر شيءِ پاڻ ٺاهيون، پنهنجون صنعتون جوڙيون. پر اسان جي اڳواڻن ڪڏهن ان ڳالهه جو ڪو سُور ناهي پٽيو، انهن ڪڏهن به اها ڳالهه کي به زبان تي ناهي آندي ته ڪو عوام جو به ڀلو ڪيون. پر پوءِ به چريو عوام انهن جي لاءِ اڀ ڏاريندڙ نعرا ضرور هڻندو آهي ته اهي سياسي علمبردار رڳو خوش ٿئي پوءِ پاڻ (عوام) ڀلي وڃي پئي کڏ ۾.
خان واحد اڳواڻ هيو جنهن سڀ تجربا ڪري ڏٺا، جنهن لانگ مارچ به ڪيا، جنهن شارٽ مارچ به ڪيا، جنهن نه ڇڏي ڪا پارٽي جنهن سان نه وڙهيو، جنهن نه ڇڏيو ڪو ادارو جنهن سان مهاڏو نه اٽڪايائين، جنهن نه ڇڏيو ڪو مذهبي ٽولو جنهن سان پنهنجي ضد ۽ هوڏ جي ڪري هروڀرو ڦڏا نه ڪيائين، پر پنهنجي چيل ڪا ڳالهه به پوري نه ڪري سگهيو. مثال هي چوندو هيو ته 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي عوام جي آڏو آڻبي پر 100 ڏينهن ڇا ساڍا ٽي سال گذري ويس پر ٿيو ڪجهه به نه، فواد چودري چوندو هيو ته ڪروڙين نوڪريون ڏيندا، ايتريون جو ٻاهرين ملڪن مان ماڻهو هتي نوڪريون ڪرڻ ايندا، آءِ ايم ايف وٽان قرض نه کڻندا، آءِ ايم ايف جي غلامي نه ڪندا (پر خان ته ٿوري گھڻي تي آمريڪا ۽ اسرائيل کي گھٽ وڌ ڳالهائي ڳالهائي پنهنجي سياست خراب ڪري ويهي رهيو، جو ڀت سان مٿو هڻي نه ٿو سگهجي) ان ڪري هن کي به اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي هان ته هي جيڪو چئي ٿو اهو ڪري نه سگهندو، عوام کي رڳو چريي ڪرڻ مان ڪجهه نه ورندو.
پر ڳالهه ته ميچوئر سياست جي آهي جنهن سياسي فيصلي جي اونهائي جي خبر نه هجي، جنهن نديءَ جو پاڻي ڪڇيل نه هجي، ان ۾ ٽپو نه ڏجي. اها ڳالهه چئجي ته عمران خان 9 مئي کانپوءِ 14 مئي وارو الٽيميٽم اهڙي شدت يا پختگيءَ سان ڏنو هيو جنهن ۾ عام عوام ته وائڙو هيو ته واقعي ئي هي ملڪ ۾ رهي عام ۽ اٻوجهھ عوام کي عسڪري ادارن سان ويڙهائيندو. يا جيتري شدت سان هي شهبازسرڪار کي للڪاريندو هيو جو ماڻهن کي ويساھ ٿي ويندو هيو ته هي واقعي ئي ڪجهه ڪندو يا واقعي هن ۾ سياسي دم آهي. ادارا واقعي ئي هن جي ٻڌندا، ڪورٽون هن کي لفٽ پيون ڪرائينديون هيون، اهي ته ٽيبل تي پي ٽي آءِ جو جهنڊو هڻي ويهندا هيا، پي ٽي آءِ جي حمايت ڪرڻ ۾ هنن ڪورٽن ڪنهن به قسم جي ڍر نه ڪئي، انهن کي ڪو به خوف نه هيو ته اهي (ڪورٽون) ڇا پيون ڪن، يا هنن ڪورٽن سان ڇا ٿيندو، يا مثال انهن ادارن جي ساک داوَ تي لڳي ويندي يا ڪجهه ٻيو. اڳوڻي چيف جسٽس (ثاقب نثار) ۽ هاڻوڪي باغي اعتزاز احسن جي مٿان اهي به الزام هيا ته اهي رياست جي سبوتاز ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي هُشي ڏيڻ ۾ برابر جا شريڪ هيا، اهي پاڻ انهن ڳالهين ۾ قانوني دڳ ليڪي ڏنا ته هيئن ڪيو يا هونءَ ڪيو. ان ڪري جيترا ڪارڪن، طالبان نما پي ٽي آءِ جا ڪارڪن 9 مئي ۾ ملوث هيا اوترا اهي ماسٽر مائينڊ به آهن، جن عمران خان پاڻ به شامل آهي. ڀلا خان جي آرام سان گرفتار ٿئي به هان ٿه ڇا هيو؟ هيل تائين ڪهڙا اڳواڻ (سياستدان) آهن جيڪي گرفتار ناهن ٿيا؟ جيڪي ڪنهن ڪيس ۾ ملوث ناهن رهيا، شهبازشريف، مريم نواز، نوازشريف، حمزاشهباز يا پي پي وارن جي ڊگهي لسٽ آهي، جيڪي سڀ جا سڀ ملزم به ته مجرم به، اهي جيل به ويا، پر ڪيسن مان جان ڇڏائي هاڻي وزيراعظم (شهبازشريف) ناهن ڇا؟ پر اها دور انديشي به ڪنهن ۾ هجي ته ڳالهه ڪجي، يا ماڻهو (خان) اهو ٿو سمجهي ته اهي جناح صاحب وانگي ڪڏهن جيل نه ويندو.
”اپني هي گراتي هين نشيمن پي بجليان“ ان ڳالهه جي پاسداري ناهي ته پي ٽي آءِ ڇو ڊهي؟ ڪير انهن جي پويان هيو، هي پنهنجي ڪئي جا پاڻ زميوار آهن، هنن جيڪي به ڪيو انهن جي پنهنجي ڪئي هئي. پوءِ هاڻي کڻي ماڻهن جون اکيون خان جي مٿان آهن ته اهو هاڻي ڪاڏي ويندو يا شاھ محمود قريشي به، مرشدي ۽ مريدي پنهنجي جاءِ تي انهن ماڻهن جو سياست ڪيريئر تباھ آهي، جنهن ڪناري تي بيهاري خان سڀني کي سمنڊ ۾ ڌڪو ڏنو جو سڀ جا سڀ ٻڏي ويا، جيڪي تري ويا انهن استحڪام پاڪستان پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي، جيڪي بچا اهي وري انهن پارٽين ۾ واپس ويندا جتان ويچارا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ ۾ واپس آيا هيا. ان ڪري اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته پي ٽي آءِ وارن جو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو آهي. هتي ڪنهن پارٽي جي تعريف نه ٿي ڪجي پر ڳالهه ايتري به پراڻي ناهي جو جڏهن ساڳي ڳالهه پي ٽي اءِ وارن به ڪئي هئي جو جڏهن ٽي ايل پي وارا ڪنٽرول يا آپي مان نڪري ويا هيا، تڏهن هنن به وري نومبر 2020 ۽ مارچ 2021 ۾ ٽي ايل پي مٿان رياستي طاقت ڪڙڪائي هئي ۽ ٽڪراءُ واري ماحول جي ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ماڻهو جان وڃائي ويٺا هيا. هاڻي به ساڳي ڪار هئي، خان پنهنجي دور ۾ ٽي ايل پي وارن کي ڪالعدم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪري نه سگهيو. ٽي ايل پي وارن جي ڳالهه وانگي ته هيءَ دنيا مڪافات عمل آهي، هنن جيئن ڪوڙ بدوڙ هڻي ٽي ايل پي جي مٿان طاقت ڪڙڪائي هئي، تيئن هنن جي مٿان به اهو ئي ٿيو، پر هاڻي مڙسي سول نافرماني ناهي، پر ڪيسن مان آجو ٿيڻ آهي.