2025 بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ واري فارمولي جو سال؟

تحرير: سڪندر چنو

2025 ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزيراعظم بنائڻ واري فارمولي تي ڪم تيزي سان جاري آهي. تازو فيصل واوڍا بلاول ڀٽو زرداري سان مليو آهي ۽ هڪ اهم طاقتور شخصيت جو پڻ سندس کي پيغام پهچايو آهي. ان کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري فورن مولانا فضل الرحمٰن سان ملاقات ڪئي آهي. فيصلي واوڍا حڪومت خلاف بيان جي ڀرمار ڪري ڏني آهي ان مان لڳي ٿو ته اسلام آباد ۾  حڪومت يعني شهباز شريف حڪومت خلاف ڪا کچڙي پچي رهي آهي. ان کان اڳ فيصل واوڍا جو ڪم محسن نقوي ڪندو هو. هاڻي فيصل واوڍا ڪري رهيو آهي. سموري حالتن کي نظر ۾ رکندي ساڳئي هفتي ۾ ن ليگ اڳواڻ رانا ثناءُ الله، مولانا فضل الرحمٰن سان ملاقات ڪئي آهي.

اسلام آباد جي ذريعن وٽان خبرون ملن ٿيون ته 2025 جي اپريل تائين حڪومت اندر وڏي تبديلي اچي ويندي. ان عرصي دوران عمران خان جي آزادي جون به خبرون زير گردش آهن. فيصل واوڍا بريڊنگ پنهنجي ئي ڪري رهيو آهي. فيصل واوڍا تازو بلاول ڀٽو زرداري جي فيور ۾ نڪتل آهي. زرداري جيان ڪجهه طاقتور ڌڙا به چاهين ٿا ته نوجوان سياستدانن کي ملڪ هلائڻ جون واڳون ڏنيون وڃن ته جيئن اهي پراڻن سياستدانن مان تجربو حاصل ڪندي ملڪ کي سنڀالين. زرداري به چاهي ٿو ته پارٽي اندر نوجوان چهرا متعارف ڪرايا وڃن. پوڙهن جو دور ختم ٿي ويو آهي. نوجوان سياستدانن ۾ بلاول ڀٽو زرداري سڀ کان پهرين نمبر تي اچي ويو آهي. جيڪو ملڪ جو نوجوان وزيراعظم بڻجي ويندو. جيڪڏهن ن ليگ گهر ڀيڙو ٿيندي ته ملڪ به ترقي ڪندو ۽ ان سموري پلان تي ڪم تيزي سان جاري آهي.

اسٽيبلشمينٽ ڪجهه ماڻهن تي ناراض آهي. ن ليگ جي ڪجهه ماڻهن تي مقتدر حلقا ناراض آهن. وزيراعظم دنيا جي دورن سبب تمام گهڻو مصروف آهي. مقتدر حلقا اهيو به سمجهن ٿا ته اسٽيبلشمينٽ پرو جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کي ٿڌو ڪرڻ ۾ حڪومت جو ڪوبه ڪردار نه رهيو آهي سواءِ محسن نقوي. اسٽيبلشمينٽ چاهي پئي ته حڪومت مان ڪي ماڻهن ٻاهر نڪرن ۽ اهي عمران خان کي هينڊل ڪن. پر حڪومتي ماڻهو سواءِ محسن نقوي جي ٻاهر ڪوبه نه نڪري سگهيو. جنهن تي اسٽيبلشمينٽ کي موجوده حڪومت تي ڪاوڙ آهي. عمران خان سياسي طور اسٽيبلشمينٽ تي حملا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم خاموش آهي. اسٽيبلشمينٽ جي خيال ۾ ته وزيراعظم عمران خان وارو سمورو ٻوجهه ان مٿان وجهي ڇڏيو آهي. پاڻ وزيراعظم ته ڪجهه به نه ڪري رهيو آهي. آخر ڇو؟ بلاول ڀٽو زرداري چوي ٿو ته مولانا سان مدرسن واري بل ۾ آءٌ خود ضامن آهيان. حڪومت مدرسن وارو بل صدر ڏانهن موڪليو ويو ۽ وري حڪومت ئي صدر کي روڪي ٿي ته مدرسن وارو بل تي صحيح نه ڪجو. ڪجهه ڌرين بلاول ڀٽو زرداري کي به اشارو ڏنو آهي ته هو پنهنجيون سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏي. اسٽيبلشمينٽ بلاول ڀٽو زرداري تي به واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن توهان نوجوان سياستدان هوندي به ملڪ لاءِ بهتر ڪم نه ڪيو ته پوءِ سندن وٽ ٻيا آپشن به زير غور آهن پر اسٽيبلشمينٽ شهباز شريف مٿان بلاول ڀٽو زرداري کي قبول نه ڪندي؟ اسٽيبلشمينٽ فيصل واوڍا وسيلي شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي صرف هلائي رهي آهي.

زرداري جي خواهش آهي ته هو پنهنجي حياتي ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائي جيڪا سندس جي جائز خواهش آهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي عمران خان سان ڊيل ٿي وڃي ٿي ته پوءِ حڪومت اليڪشن ڪرائيندي. جيڪڏهن ڊيل نه ٿي ٿئي ته پوءِ 2025 جي آخر ۾ باقي 2 سال بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيندو آصف زرداري مٿان جڏهن ڪو دٻاءٌ وڌي ويو ته هو اڊيالا جيل وڃڻ ۾ دير ڪونه ڪندو. صدارتي محل کي ڇڏي هليو ويندو. پر شهباز شريف ائين هرگز ڪونه ڪندو ته هو اڊيالا جيل وڃي قيدي سان ملاقات ڪري اچي. هن وقت پاڪستان امن و امان جي مسئلي ۾ ڦاٿل آهي ته ٻئي طرف ملڪ جي معاشي صورتحال نه خراب آهي ۽ نه وري بهتر آهي. ڪراچي، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن و امان جي صورتحال ڏاڍي خراب آهي نه ماريندڙ کي خبر آ ته ڇو ٿو ماريان ۽ نه وري مرندڙ کي ئي پتو آ ته مون کي ڇو ٿو ماريو وڃي. پاڪستان جي سفارتڪاري به ناڪام ويئي آهي جيڪا سيڪورٽي زون حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آهي. هن وقت ملڪ ۾ سياسي اسٽريٽجڪ نظرانداز يا ناڪاميءَ فوج کي مجبور ڪيو آهي ته هو پنهنجي علائقن ۾ هڪ ويئر گارڊ جنگ وڙهي. ملڪ جي سرحدن جي خلاف ورزي افغانستان طرف کان ٿي رهي آهي.

پاڪستان ۾ سياستدانن وچ ۾ اندر واري ويڙهه لفظي ويڙهه جنهن سان پاڪستان جو اميج ڏاڍي خراب ٿي رهيو آهي ۽ دنيا اندر پاڪستان بابت سوچ ڏاڍي خراب وڃي رهي آهي. دنيا پاڪستان کي حقارت جي نظرن سان ڏسي رهي آهي. پاڪستان جو هن وقت دارومدار آءِ ايم ايف جي قرضن تي وڃي دم پٽيو آهي پر اهو به آخرڪار ڪيستائين؟ آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ هڪ وينٽيليٽر طور ڪم اچي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي منهن تي آئي ايم ايف جو گيس چڙهيل آهي. جيڪڏهن آئي ايف ايف پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊلار قرض منظور ڪيو آهي ته سوچڻ گهرجي ته پاڪستان کي اهو قرض 10 اربن ڊالرن ۾ واپس ڪرڻو آهي. حرام خور حڪمران پاڪستان جي نصيب ۾ آهن. پاڪستان زرعي ملڪ، قدرتي نعمتون وڏي مقدار ۾ پوءِ به پاڪستان جا نڪما ۽ راشي حڪمران هٿن ۾ پنڻ وارو ڪستو کڻي دنيا جي ملڪن جي درن جون ٺوڪرون کائيندا وتن. فوج قيمتي جانين جي قرباني ڏيئي رهي آهي. دشمن اسان جي وچ ۾ بيٺل آهي. پاڪ سرزمين جي بي حرمتي ٿي رهي آهي. سوچڻ گهرجي ته 1947 کان پوءِ پاڪستان معاشي طور ترقي ڪري رهيو هو. هاڻي پاڪستان معاشي طور تباهه ڪيئن ٿيو؟ اسان کي حڪمران ملڪ جا وفادار نه پر ملڪ جا دشمن مليا آهن. ڪرپشن سبب ملڪ تباهه ٿي ويو آهي. ادارن ۾ ڇڙواڳي آهي. پاڪستان آمريڪي فوج کي افغانستان مان نيڪالي ڏيئي وڏي غلطي ڪئي. حالانڪه ان ۾ افغانستان جو به وڏو ۽ اهم ڪردار هو. ڪي پي ڪي صوبو هن وقت لاڳيتو حملن جي ور چڙهيل آهي اتي پاڪ فوج بهادريءَ سان جنگ وڙهي رهي آهي. پاڪ فوج اهڙي ته قرباني ڏيئي رهي آهي جنهن جي ضرورت به ناهي. پاڪستان هن وقت غير مستحڪم سياسي ۽ معاشي ماحول دهشگردن خلاف وڙهندڙ جنگ کي اڃان به ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي تنگدستي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي انهن لفظن سان هر پاڪستاني هڪ جيترو سهمت آهي. جنهن ۾ هن وڏي آواز سان چيو ته پاڪستان ۾ فوج نااهل حڪمراني جو نتيجو ڀوڳي رهي آهي.

پاڪستان ۾ ٻي وڏي جنگ سياسي قوتن وچ ۾ آهي. پاڪستان ۾ سياسي ويڙهه مسلسل عدم استحڪام پيدا ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو هاڻي ختم ٿئي ئي ڪونه ٿو. پاڪستان تحريڪ انصاف پاران تازو شروع ڪيل ويڙهه ملڪ کي معاشي طور ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. دنيا جون نظرون پاڪستان مٿان کتل آهن ۽ ڏسن ٿا ته پاڪستان ڪهڙي طرح پنهنجو پاڻ کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيو آهي. دشمن کي پاڪستان مٿان حملي ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. پي ٽي آءِ جا سياسي مخالف خاص ڪري ن ليگ نٿي چاهي ته فوج ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ هلندڙ جهيڙو ختم ٿئي. تحريڪ انصاف پاڪ فوج خلاف ناهي پر تحريڪ انصاف ن ليگ خلاف ويڙهه وڙهي رهي آهي. تحريڪ انصاف چاهي ٿي ته 2024 واري اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف جو چورايل ووٽ واپس ڪيو وڃي. جيڪو ڪنهن به صورت ۾ واپس نه پيو ڪيو وڃي ۽ ن ليگ پاڪ فوج کي پنهنجي محفوظ ڍال بڻائي ڇڏيو آهي. ن ليگ چاهي ٿي ته فوج تحريڪ انصاف ۾ وچڙيل رهي ته جيئن ن ليگ جي خراب طرز حڪمراني جي اقتدار کي ڊيگهه ملي سگهي. ڄاڻون ٿا ته 9 مئي جو واقعو تمام اهم آهي پر ملڪ ۽ عوام جي سلامتي ان کان وڌيڪ آهي ن ليگ سياسي فائدو حاصل ڪري رهي آهي ن ليگ پي پي کي به ان ويڙهه ۾ ڦاسائڻ چاهي ٿي پر پي پي پاڻ کي ان ويڙهه مان الڳ ڪندي پئي اچي. ن ليگ پي پي کي بدنام ڪرڻ لاءِ سڌو درياء مان 6 ڪينال به منظور ڪرائي انهن تي ترقياتي ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيون وڏيون رٿائون آخر ۾ منظوري لاءِ صدر پاڪستان وٽ وينديون آهن آءُ ان کي پي پي خلاف هڪ سازش سمجهان ٿو. ڇاڪاڻ ته صدر پاڪستان آصف زرداري ائين ڪڏهن به نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعليٰ ڪي پي ڪي پنهنجي پارٽي چيئرمين لاءِ رليف تلاش ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ ناڪام سياست هلي رهي آهي. تحريڪ انصاف ۽ فوج وچ ۾ پيدا ٿيل نفرتن کي فوج ۽ تحريڪ انصاف ختم ڪري سگهي ٿي.

ڪجهه قوتن کي وچ ۾ اچڻ گهرجي جيڪڏهن فوج ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ٺاهه ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ن ليگ پنهنجي موت پاڻ مري ويندي. هن وقت بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ملڪ جي طاقتور هٿن کي پڪاري رهيا آهن ته اهي ٻنهي صوبن جي مسئلن کي حل ڪري ملڪ ۾ سياسي استحڪام آندو وڃي. بلوچستان جي حالت اها آهي جو پنجاب جو ماڻهو بلوچستان ۾ وڃي ڪونه ٿو سگهي نفرتن پنهنجا پهاڙ اڏي ڇڏيا آهن. اهي نفرتون ڪيئن ۽ ڪڏهن ختم ٿينديون ۽ ڪير ختم ڪندو؟. بهرحال پاڪستان ۾ صرف انا ۽ نفسيات جي جنگ آهي. اها جنگ ڪيئن ۽ ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ اها جنگ ڪير ختندو؟ اهو سوال هر پاڪستانيءَ جي زبان  تي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.