سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرنڪ ميڊيا کي پڙهجي يا ڏسجي ٿو ته سنڌ ڌرتي جي روڊن رستن، شاهراهن ۽ پريس ڪلبن آڏو احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا ئي نظر ٿا اچن يعني عوام سراپا احتجاج ئي نظر اچي ٿو. اهي احتجاج رڙيون ڪري ٻڌائن ٿا ته سنڌي عوام مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي جنهن مان نڪرڻ جي اڻ تڻ ۾ آهي. وڏا هجن يا ننڍا، علائقي تائين محدود هجن يا سنڌ جي سطح جا هجن مسئلا ئي مسئلا، احتجاج ئي احتجاج آهن جيڪي روز جو معمول آهن. روڊن، رستن ۽ شاهرائن تي پکڙيل انهن احتجاجن سبب سفر ڪرڻ يا ٻاهر ڪنهن ڪم سانگي وڃڻ ئي ڏکيو ٿي پيو آهي. بجلي جي لوڊشيڊنگ هجي، گئس جي لوڊ شيڊنگ هجي، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ هجي، بدامني هجي، قتل غارت هجي، ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ جو معاملو هجي، ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جي غفلت سبب ڪنهن مريض جي فوتگي ٿئي، مهانگائي هجي. سنڌو درياهه مان ڇهن ڪئنالن ڪڍڻ وارا سياسي معاملا هجن اوهان کي احتجاج طور عوام روڊن، شاهراهن، پريس ڪلبن جي آڏو بيٺل نظر ايندو.
هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهي احتجاج صرف عام ماڻهن، ميڊيا جي رپورٽرن کي ئي نظر ٿا اچن يا حڪومت، وزيرن ۽ واسطيدار اختيارين کي به نظر ايندا آهن. بظاهر ته ائين لڳندو آهي ته جن ڌرين يا وسطيدار اختيارين خلاف احتجاج ڪيو ويندو آهي تن کي ئي اهي احتجاج نظر ناهن ايندا ڇاڪاڻ ته انهن احتجاجن جو ڪو نوٽيس ناهي ورتو ويندو. البته نيشنل هاءِ وي يا سپر هاءِ وي تي ٿيندڙ چئن پنجن ڪلاڪن جي احتجاج جو روڊ کولرائڻ لاءِ عارضي طور تي نوٽيس وٺي متاثر ڌر سان ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. سو ٿيڻ ائين ئي گهرجي ته حڪومت احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين جو ڪو مستقل بندوست ڪري. جيڪا حڪومت ان سوچ پٽاندڙ پاليسي اختيار ڪندي سائي حقيقي معنيٰ ۾ عوامي ۽ جمهوري حڪومت سڏائي سگهندي. سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته احتجاجن جو نوٽيس وٺڻ جو ڪو يونٽ قائم ڪجي.
اصولي طور تي ڏسجي ته اهي احتجاج ساڳي وقت حڪومت کي مسئلن جي نشاندهي به ڪري ڏين ٿا ان لحاظ کان اهي احتجاج حڪومت ۽ واسطيدار ڌرين تي احسان به آهن جيڪي کين مسئلن کان آگاهه ڪري انهن کي حل ڪرڻ جي کين دعوت ڏين ٿا باقي حڪومتن جا صلاحڪار ۽ مشير توڙي وزير ۽ ڪامورا ته سڀ ٺيڪ آهي واري خوشامند ڪندي حڪمرانن جي گڊ بڪ ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن. جڏهن ته صلاحڪارن جو فرض هئڻ گهرجي ته اهي حڪمرانن کي حقيقتون ٻڌائن پوءِ ڀلي حڪمران انهن کي قبول نه ڪن پر کين پنهنجو فرض ۽ ڊيوٽي ايمانداري توڙي سچائي سان ادا ڪرڻ گهرجي.
بهرحال حڪومتن جا صلاحڪار ۽ ڪابينا اهو ڪم ڪري يا نه ڪري اهي پنهنجو ئي نقصان ڪندا آهن جڏهن ته ٻئي پاسي عام ماڻهو مسئلن جي حل لاءِ جيڪو احتجاج ڪندا آهن سو سمجهڻ تي اچجي ته خود حڪمرانن جي ڀلائي لاءِ هوندا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته حڪومتن کي انهن جو نه ادراڪ هوندو آهي نه ئي انهن جي ڪا پرواهه هوندي آهي. پر سٺي حڪومت ۽ آئيڊيل حڪمراني هجي ته اهي جيڪر عوامي احتجاجن کي مان ڏين ۽ سندن شڪرايو ادا ڪن ته اهي مفت ۾ کين مسئلن جي نشاندهي ڪري ڏين ٿا ته جيئن انهن کي سٺي حڪومت قائم ڪرڻ جي رستي تي هلي سگهن باقي خالي چوڻ سان ۽ ووٽ ملڻ جي بنياد تي اهي جماعتون پاڻ کي عوامي نه ٿيون چئي سگهن. عوامي حڪومت ان کي چئبو جيڪا عوام جي نبض تي هٿ رکي، سندن مسئلن کي سمجهي ڪري انهن جي حل ڏانهن اڳڀرائي ڪندي. جيڪا حڪومت عوام کي ئي پنهنجو باس سمجهندي، سندن خواهشن پٽاندڙ حڪومت ڪندي، پاڻ کي حڪمران نه پر سندن خادم سمجهندي تنهن کي ئي حقيقي عوامي حڪومت چئبو جنهن جو اڄ جي دور ۾ تصور ئي نٿو ڪري سگهجي پر اقتداري جماعتن کي ان پاسي ڌيان نه ڏيڻو پوندو ۽ آدرشي حڪومت جو خواب نه رڳو کين ڏسڻ گهرجي پر ان جي ساڀيان لاءِ به پوءِ جاکوڙڻ گهرجي.
هن وقت ملڪ اندر حقيقي عوامي حڪومت جي سخت ضرورت آهي، اهڙي حڪومت لاءِ تمام گهڻي گنجائش آهي جيڪا عوام جي اکين جو تارو بڻجي سگهي. اسان جو ته اهو به خيال آهي ته حڪمرانن کي سٺي حڪومت ڪرڻ لاءِ ٽريننگ حاصل ڪرڻ گهرجي، ان ۾ ڪو عيب ناهي.بهتري جي گنجائش هر جڳهه تي هوندي آهي. جيڪڏهن مختلف شعبن ۾ سکيا جو تصور آهي ته حڪومت ۽ حڪمراني جي به ٽريننگ حاصل ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ ٽريننگ ۾ اهو به سکڻ گهرجي ته عوام جي احتجاجن کي ڪيتري اهميت ڏجي ۽ انهن احتجاجن کي ڪيئن مثبت انداز سان منهن ڏجي. اهڙي سکيا جو انتظام ڪو سيمينار يا ڪانفرنس ڪوٺائي به ڪري سگهجي ٿو يا آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي به مواد حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ ان روشني ۾ پاليسي جوڙي سگهجي ٿي. جنهن کانپوءِ حڪومت عوامي احتجاجن کي بهتر نموني منهن ڏئي سگهي ۽ عوام کي خوش ڪري پنهنجي ناماچاري ۾ به اضافو ڪري سگهي ٿي پر اهم ڳالهه وري به اها آهي ته ڇا حڪومت کي آدرشي حڪومت ڪرڻ جو اونو آهي به يا نه يا عوامي احتجاجن کي عزت ڏيڻ جو ارادو رکي به ٿي يا نه.