پاراچنار ۾فرقيواراڻو مسئلو ناهي : علامه صادق جعفري

ڪراچي ( رپورٽر) مجلس وحدت مسلمين ڪراچي ڊويزن جي صدر علامه صادق جعفري جو چوڻ هو ته پاراچنار ۾ ڪو به فرقيواراڻو مسئلو ناهي، ان فساد ۾ هڪ مخصوص ملڪ دشمن گروهه ملوث آهي،

هن چيو ته شيعا قتل عام ۾ صوبائي حڪومت برابر جي ذميوار آهي، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير شيعا شهرين جي نسل ڪشي جو ذميوار آهي. گذريل 3 مهينن کان پاراچنار جي عوام کي چونڊي چونڊي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ گذريل ڏينهن به 2 نوجوانن کي بيدردي سان شهيد ڪري سندن لاش پاراچنار اماڻيا ويا، ان سان گڏ پاراچنار ۾ 5 ڏينهن کان ڌرڻو جاري آهي، ان پرامن احتجاج سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ قائد وحدت سينيٽر علامه راجا ناصر عباس جعفري به سڄي ملڪ ۾ احتجاجي ڌرڻن جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ مرڪزي احتجاجي ڌرڻو ڪراچي ۾ نمائش چورنگي تي شروع ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.