ڪرم ۾ ڇڪتاڻ برقرار، وڌيڪ 2 ڄڻا قتل، غذائي بحران، پاراچنار ۾ ڌرڻو

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ رستن جي بندش سبب زندگي جو ڪاروهنوار متاثر آهي جڏهن ته شهرين جو ٿڌ باوجود پنجين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو. لوئر ڪرم ۾ اڍائي مهينن کان روڊ ۽ ٽرانسپورٽ  بند آهي، رستن جي بندش سبب علائقي ۾ دوائن ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ برقرار آهي. خراب صورتحال سبب شهرين طرفان پاراچنار ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو جاري رکيو ويو. مظاهرين ڇڪتاڻ تي فوري ضابطو آڻڻ ۽ حالتون معمول تي آڻن جو مطالبو ڪيو. هوڏانهن ڪرم ۾ 77هين ڏينهن به ڇڪتاڻ برقرار رهي جنهن سبب صورتحال معمول تي نه اچي سگهي، هٿياربندن ٻن ڄڻن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ۽ سندن عضوا ڪٽي ڇڏيا. ٻنهي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، شهرين ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.