حضرت قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي آزادي لاءِ اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون، هي ملڪ سندس عظيم قربانين جي نتيجي ۾ حاصل ڪيو ويو، ان جي حفاظت ۽ تعمير۽ ترقي هاڻي هر ڪنهن جي ذميواري آهي، جنھن تي عمل ڪرڻ جي اسان کي گروھي اختلافن ۽ ھر قسم جي تعصب کي وساري هڪ متحد قوم جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ گھرجي.ھن وقت وطن عزيز کي اندروني ۽ ٻاھرين چئلينجن ۽ دھشتگردي کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي،ملڪ دشمن قوتون بدامني پکيڙي پاڪستان کي ڪمزور ۽ غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿيون، پر اسين پنهنجي صفن ۾ مڪمل اتحاد ۽ اتفاق قائم ڪري دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي سگهون ٿا.حضرت قائد اعظم محمد علي جناح اھو سبق ڏنو ھو تھ پاڪستان جي سالميت جي لاءِ ڪنھن بھ قرباني ڏيڻ کان نھ گھٻرائڻ گھرجي.
25 ڊسمبر باباءِ قوم ،پاڪستان جي عظيم اڳواڻ جو جنم ڏينهن آهي، ھي تجديد وفا جو ڏينهن آهي، انھي ئي ڏينهن قَائد اعظم هڪ آزاد اسلامي جمهوريه پاڪستان جو ليڊر ھن دنيا ۾ آيو ھو، جيڪو الله تعاليٰ طرفان مسلمانن لاءِ ھڪ نعمت آھي. قائد اعظم محمد علي جناح مسلمانن لاءِ هڪ الڳ وطن جو بنياد رکيو، ان وطن جي ترقيءَ ،بقا ۽ خوشحالي لاءِ هر مڪتب فڪر جي ماڻهون کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي،وطن عزيز پاڪستان جي بنيادن ۾ حصرت قائد اعظم جو رت شامل آھي.جنھن جي بچاءَ جي لاءِ سڄي ملڪ جي ماڻھن کي پاڪستان سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيھڻ گھرجي. ڪنهن بھ دشمن قائد اعظم جي پاڪستان تي ميري نظر وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪ فوج ۽ عوام گڏجي ڪري منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
هر سال وانگر هن سال به ”يوم قائد“ جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ پاڪستاني عوام پنهنجي قائد کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي باني جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائي ثابت ڪيو وڃي ٿو ته پاڪستاني ھڪ زندهه قوم آهي، جيڪا پنهنجي قائد سان محبت ڪندي آهي، پاڪستاني خوس قسمت قوم آھي جو قائد اعظم ۽ اڪابرن جي وڏي قربانين ۽ اڻ ٿڪ جدوجھد سان ھڪ خوبصورت ۽ پيارو ملڪ مليو.انھن اڪابرن جي جدوجھد جي ڪري ھر ڪنھن کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.ان تي سڀ متفق آھن تھ قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.ھن جي قومي جوش ۽ جذبي کي نظر ۾ رکندي نوجوان ملڪ جي واڳ سنڀاليندي وطن کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن.انڪري نوجوان پاڻ ۾ اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪري گڏيل رابطا مضبوط ڪن.
اهو سچ آهي ته پاڪستان قائداعظم جي جدوجهد ۽ علامه اقبال جي خوابن جي تعبير آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي سونهري اصولن تي عمل ڪري ملڪ جي خدمت ۽ سلامتي لاءِ عملي قدم کڻي سگھجن ٿا. پاڪستان جو وجود قدرت جو هڪ عظيم تحفو آهي. الله جي زمين تي. پاڪستان فطرت جي نعمتن سان مالا مال خطو آهي، زنده قومون پنهنجي قومي اڳواڻن جو جنم ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائين ٿيون. اها ئي زنده قومن جي سڃاڻپ ھوندي آھي.
قائد اعظم جي پاڪستان کي علامه اقبال جي خواب جي حقيقي تعبير ۽ ملڪ کي هر قسم جي برائي کان پاڪ ڪري ايندڙ نسل کي معاشي طور تي مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان دنيا جو ھڪ عظيم اسلامي ملڪ آهي، جيڪو اخوت ۽ محبت، مستقل جدوجھد جي جذبي۽ عزت ۽ عظمت جو نشان آهي. حضرت قائداعظم جي ملڪ جي لاءِ ڏنل قربانين کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، سندن ڏينهن رات محنت جي نتيجي ۾ ھڪ آزاد ملڪ نصيب ٿيو.آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ھن ڏنيون، جيڪي هميشه ياد رکيون وينديون.
ملڪ جا نوجوان ۽ شاگر حضرت قائداعظم محمد علي جناح جي اصولن تي عمل ڪندي قومي سطح تي حب الوطني جو جذبو اجاگر ڪن. وڏي جدوجھد ۽ حڪمت جي تحت قائداعظم جناح پاڪستان حاصل ڪيو.
قائد اعظم ان وقت اھو سمجھندو ھو تھ پاڪستان جو وجود مسلمانن جي نجات، آزادي ۽ بقا جو سڌو رستو آهي. هن نئين رياست جي قيام سان هڪ نئين مملڪت کي برابري جي بنياد تي حق ملندا. انصاف ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ٿيندي، جنهن جو درس دين اسلام ڏئي ٿو.قائد اعظم پاڪستان جي وجود جي لاءِ جدوجھد ان ڪري ڪئي ھئي جئين ھتي جو عوام جديد علم کان روشناس ٿي ڪري خطي ۾ ترقي ۽ عالمي سطح تي پنهنجو مقام حاصل ڪري سگهي.
ڪابينا ڊويزن قومي، اسلامي ۽ اقليتي تھوارن تي عام موڪلن جو شيڊول جاري ڪيو آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتي برادري کي مڪمل مذهبي آزادي ۽ بنيادي حق حاصل آهن، قائد اعطم محمدعلي جناح اقليتي برادري کي سماج جو اھم ٿنڀ قرار ڏنو آھي.انھن سان پيار محبت ڪرڻ جو سبق ڏنو آھي.اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جي جھندي ۾ اڪابرن اقليتي برادريءَ جي نمائندگي ڏيکاري آهي، اها حقيقت آهي ته اقليتي برادري پاڪستان جو اهم حصو آهي. انھن سان ڀائپي واري روئي سان ھلڻ ، قومي ذميواري آهي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ قائداعظم ان کي يقيني بڻائڻ ۽ آزادي جي حفاظت، عوام جي خدمت جھڙيون خوبيون اسان کي اڳتي وٺي وڃي سگهين ٿيون. پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح اقليتن جي حقن بابت 11 آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ ۾ تاريخي تقرير ڪندي اقليتن جي مڪمل مذهبي آزادي جو اعلان ڪيو ھو. قائداعظم جي نظريي تي عمل ڪندي اقليتن جو ڏهاڙو اقليتن جي خدمتن ۽ سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي. انساني حقن، عورتن ۽ اقليتن جي حقن بابت کاتا، پوليس نظام ۾ سڌارا شامل آھن، جتي آفيسر سڄي پاڪستان ۾ عورتن جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ سرگرم عمل آهن.
اهو سچ آهي ته پاڪستان گهڻي محنت ۽ قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آهي. وطن عزيز جي آزادي لاءِ وڏن اڳواڻن پنهنجي علمي، فڪري ۽ عملي جدوجهد ڪئي ھئي. اڄ اسين جنھن آزاد فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، ان جي عمل ۾ وڏين سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن جون ڪوششون شامل آهن. جن پياري ملڪ پاڪستان کي آزاد ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، اهڙي طرح قائداعظم محمد علي جناح جي عظيم جدوجهد ۽ حڪمت عملي تحت پاڪستان حاصل ڪيو ويو. جنهن ڏينهن رات محنت ڪئي.
حضرت قائداعظم پاڪستان جي وجود جي لاءِ جدوجهد ڪئي هئي ته جيئن هن خطي جي عوام ترقي ڪري سگهي ۽ جديد سائنس سان ليس ٿي هڪ ترقي يافته قوم بڻجي سگهي. زرعي، سائنسي ۽ ٻيا مالي مسئلا حل ٿيڻ هن جو خواب هو. قائداعظم کي پورو يقين هو ته جيڪڏهن پاڪستان ٺاهڻ لاءِ رات ڏينھن ھڪ ڪري محنت ڪرڻي پوندي.وجود ۾ اچڻ بعد ھو ٻيڻي ترقي ڪندو، تڏهن تھ باني پاڪستان فرمايو هو ته: ”پنهنجو فرض ادا ڪريو، خدا تي ڀروسو رکو، پاڪستان جي ترقي اوهان جي هٿن ۾ آهي. توھان وٽ اھا صلاحيت موجود آھي پاڪ سرزمين ۾ ترقيءَ جا وڏا ذريعا ۽ وسيلا موجود آھن. توهان اهڙي قوم آهيو، جنهن جي تاريخ حيرت انگيز طوربلند حوصلي ۽ بهادري جي خوبين سان ڀريل آهي پنهنجي روايتن کي مضبوطيءَ سان پڪڙي وٺو ۽ پنهنجي تاريخ ۾ شان ۽ شوڪت جو هڪ ٻيو باب جوڙيو.“
اهو ئي سبب آهي ته قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي قيام کان پوءِ اقتصادي ۽ صنعتي معاملن تي وڌيڪ زور ڏنو ۽ پاڪستان کي مضبوط بڻايو. هن چيو هو ته ”اسان کي پنهنجي تقدير منفرد انداز سان ٺاهڻي پوندي. اسان کي دنيا آڏو هڪ مثالي معاشي نظام پيش ڪرڻو آهي، جيڪو انساني برابري ۽ سماجي انصاف جي حقيقي اسلامي تصورن تي ٻڌل هجي. اهڙو نظام پيش ڪرڻ سان ڄڻ ته مسلمانن جي حيثيت ۾ اسان پنهنجو فرض پورو ڪنداسين. اهي انسانيت کي سچي ۽ صحيح امن جو پيغام ڏيندا ته اهڙو امن ئي انسانيت کي جنگ جي وحشت کان بچائي سگهي ٿو. اهڙو امن ئي انسان جي خوشحالي ۽ خوشحالي جو محافظ ٿي سگهي ٿو.“