آصف علي زرداري تي هڪ سئو سچا ڪوڙا الزام آهن، پر سندس حامي هجن يا مخالف، سڀئي ان ڳالهه تي ضرور متفق هوندا ته هو دلي طور سرچاءِ ۽ مفاهمت جو قائل آھي. هن مقتدرھ سان ڏهاڪن کان ھلندڙ ڇڪتاڻ کي ختم ڪري ڇڏيو. ان سان پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار ۽ آسانيون مليون، مشڪلات جو دور ختم ٿي ويو، پر ان مفاھمت جي نتيجي ۾ پيپلزپارٽي جو پنجاب ۽ خيبر پختون خواهه جو اينٽي اسٽيبلشمينٽ ووٽ ُرسي ويو.
هن ٻي وڏي مفاهمت نون ليگ سان ڪئي، ان سان ملڪ ۾ ٻه جماعتي نظام بڻجي ويو. پاڻ ۾ نفرتون ختم ٿيون، ٻنهي پارٽين کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ جو موقعو ملي ويو پر ان جي موٽ ۾ پيپلز پارٽي ۽ صدر زرداري کي پنجاب ۾ تمام وڏو نقصان ٿيو.ڇاڪاڻ جو مسلم ليگ (ن) سان مفاهمت جي نتيجي ۾ پنجابي ووٽر ۽ اليڪشني گھوڙا تحريڪ انصاف ڏانهن ھلياويا، ڇاڪاڻ ته اھي پنھنجن پنھنجن تڪن ۾ نون ليگ سان مفاهمت کي پنهنجي سياست جي خاتمي جي نشاني سمجهن ٿا. فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ بلاول ڀٽو اليڪشن مهم ۾ نواز شريف ۽ مسلم ليگ ن مخالف بيانيئو اختيار ڪيو پر چونڊن ٿي وڃڻ جي فورن بعد، آصف زرداري مسلم ليگ (ن) ڏانھن سھڪار جي ھٿ وڌائڻ ۾ ڪا دير ئي نھ ڪئي.مقتدرا جي ڇٽي ھيٺ مفاهمتي حڪومت ۾ صدر بڻجي ويو ۽ مسلم ليگ ن جي ھر مرحلي تي مدد ڪئي. 26هين آئيني ترميم هجي يا حڪومت خلاف ڪو به معاملو هجي، هو ڄمي حڪومت سان گڏ بيٺو رهيو، پر ان جي جواب ۾ وفاقي حڪومت جوھن ڏانھن رويو ٿڌائپ وارو آهي، جڏهن ته پنجاب حڪومت جو ھن جي پارٽيءَ سان رويو رقيباڻو آهي.
پاڪستان جي صدر کي وفاق جي علامت سمجهيو ويندو آهي، پر اهو عھدو علامتي ۽ نمائشي آهي، رياست ۾ اختيار جو سرچشمو وزير اعظم يعني چيف ايگزيڪيوٽو آهي. صدر آئيني طور وزيراعظم جي مشوري جو پابند هوندو آهي، پر صدر جي عهدي کي وقار ڏيڻ جي لاءِ کيس رياستي پروٽوڪول ۾ نمبرن جو درجو ڏنو ويندو آهي. وزيراعظم پروٽوڪول ۾ ھنکان بعد ۾ ايندو آهي، صدر کي پاڪستان جي هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر برقرار رکيو ويو آهي. انهن نمائشي اختيارن کان علاوه آئين جي آرٽيڪل 46 ۾ واضح طور لکيو ويو آھي تھ وزيراعظم آئيني طور تي پابند آهي ته هو صدر پاڪستان کي ڪابينا، قانون سازي ۽ انتظامي معاملن بابت صدر پاڪستان کي آگاهه ڪندو رهي وفاق جي معاملن بابت صدر پاڪستان کي آگاھ رکي.
منھنجي معلومات موجب صدر پاڪستان جي حوالي سان اها آئيني ذميواري پوري نه پئي ڪئي وڃي.آئيني ذميواري تھ رھي هڪ طرف، پر سياسي حريف جي طور تي ھن سان مستقبل جي حڪمت عملي تي به صلاح مشورا نه ڪيا پيا وڃن.وڏي آساني سان اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته صدر زرداريءَ جا ھٿ ٻڌل آھن. ”مفاهمت جو بادشاهه“ سڏجندڙ آصف علي زرداريءَ اڄڪلهه تاش جو پتن جي بادشاهه وانگر بي وس آهي. هڪ طرف مٿس پيپلز پارٽيءَ جي مطالبن پوري نه ٿيڻ جو بار آهي ته ٻئي طرف پنهنجي لاڏلي پر ضدي ۽ غصيلي پٽ بلاول ڀٽو جو دٻاءَ ۾ آهي، جڏهن ته مسئلو اهو آهي ته وفاقي حڪومت صدر جي حوالي سان آئيني ذميداريون پوريون نھ ڪري رھي آھي.عمران خان بابت پاليسي تي ھن سان ڪي بھ مشورا نه پيا ڪيا وڃن، جڏهن هو پنجاب ويو ته نھ وڏي وزير مريم نوازشريف سندس آجيان ڪئي ۽ نه ئي ساڻس ملاقات ڪرڻ وئي، جڏهن ته پروٽوڪول ۽ روايت موجب ھن کي ائين ڪرڻ گهرجي ها. پنجاب ۾ پيپلز پارٽي سان لکيل معاهدي تي اڃا تائين عمل نه ڪيو ويو آهي، واعدن مٿان واعدا ڪيا پيا وڃن، پر انهن واعدن تي عمل جو ڪو به نشان پري پري تائين نظر نٿو اچي.
صدر زرداري جي عملي بي وسيءَ باوجود پيپلز پارٽي جو نھ تھ نون ليگ سان اتحاد ٽوڙڻ جو ڪو ارادو آھي ۽ نه ئي ايندڙ ويجھن ڏينھن تحريڪ انصاف سان اتحاد يا گڏجڻ جو ڪو امڪان آهي. پر ايئن لڳي ٿو ته صدر زرداري جي مفاهمت جي جذبي سان ڪم وٺڻ جي بدران ھن کي ڪنڊ ۾ ڌڪي سوڙھو ڪيو ويو آھي.ايئن لڳي ٿو ته ن ليگ اھو فيصلو ڪري ورتو آھي تھ ھن کي مستقبل ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ ھلڻو نھ آهي.مولانا فضل الرحمان جا ڪي ٿورا ووٽ آهن ۽ هو نھ تھ حڪومتي اتحادي آهي ۽ نھ ئي اھو مشڪل ۾ ڪا مدد ڪندو آھي، پر حڪومت هر وقت کيس خوش رکڻ جي لاءِمنٿ ميڙ ڪرڻ ۾ مصروف رھي ٿي. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي اڳيان وڌي ڪري مدد ڪرڻ جي موٽ ۾ ن ليگ جي حڪومت ۾ شڪرگذاري جا جذبات نھ آھن. پيپلز پارٽي جي اندروني حلقن موجب وزيراعظم شهباز شريف جو رويو نسبتاً بهتر آهي پر نواز شريف ته صدر آصف زرداري سان نھ تھ ملاقات ڪري ٿو ۽ نه ئي وري ڪو رابطو رکي ٿو ۽ نھ ئي ڪنهن مشوري جي ضرورت محسوس ڪري ٿو. مريم نواز جو رويو به سندس پيءُ جهڙو آهي، جيتوڻيڪ ڪجهه مهينا اڳ اسلام آباد ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ آصف زرداريءَ مريم نواز کي شفقت ڀرئي انداز ۾ شڪوھ شڪايت پڻ ڪئي ھئي.پر پيپلزپارٽي کي جواب ۾ ڪو به مثبت اشارو نه مليو.
چوڻ جي لاءِ تھ وزير اعظم شهباز جي حڪومت مقتدرا جي مدد سان معاشي ميدان ۾ ڪاميابيون ميڙي رهي آهي، پر سياسي طور تي هي حڪومت ھڪ ڪاغذ جي ٻيڙي تي سوار آهي، نه ئي ڪو سياسي بيانيئو آهي، نه ڪا عوامي حمايت ۽ نه ئي عوام سان ڪنهن سان مشاورت ۽ رابطي جو ذريعو. مقتدرا ۽ شهباز حڪومت جو اتحاد ان وقت ئي مضبوط رهندو، جيستائين تحريڪ انصاف جو خطرو مقتدرا جي چوڌاري موجود آهي، جيئن ئي اهو خطرو ٽريو ۽ مفاهمت جي ڪا صورت ٺھي، مقتدره لاءِ ڪيترائي نوان رستا کلي ويندا. شهباز حڪومت سياست ذريعي وجود ۾ آئي آهي پر ھن جو سياست ڏانهن ڌيان ئي نه آهي، اها پيپلز پارٽي جي سهڪار سان اقتدار ۾ ويٺل آهن پر اھا صدر زرداري ۽ پيپلز پارٽي کي اهميت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، جيڪڏهن شهباز شريف جو اھو ئي رويو رھيو تھ جيڪا حڪومت پنھنجي اقتدار جي چوٿين سال ۾ ٺھڻي آھي اھا ٻئين، ٽئين سال ۾ به ٺهي سگهي ٿي.
تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته جنهن حڪومت جا اتحادي ۽ ڀائيوار مطمئن نھ هجن،ورڪنگ ۾ مشڪل محسوس ڪن ،انهن ۾ اھو خيال پئدا ٿي وڃي تھ انھن کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو پيو وڃي ۽ انھن جي جيڪا عزت ۽ مان ھجڻ گھرجي اھو کين نھ پيو ملي،تھ پوءِ اھا حڪومت گهڻي وقت تائين ھلي نه ٿي سگهي. مقتدره هن حڪومت جو سڀ کان وڏي سرپرست آهي، اھا پنھنجي سگهه کان وڌيڪ ھن حڪومت جي مدد ڪري رهي آهي، ڇا حڪومت به طاقتورن کي عوامي حمايت وٺي ڏئي رهي آهي؟ پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي، ڇا وفاقي حڪومت ان جا ڳوڙھا اگھي سگھي ٿي ؟ موجوده حڪومت کي سڀ کان وڏو خطرو انصافي بيانيئي مان آهي، ڇا اها اڄ تائين ان بيانيئي جو ٽوڙي ڪري سگهي آهي؟ اقتدار خيرات ۾ ملي يا ڪنهن ٻئي جي مخالفت سبب ملي بھ وڃي تھ ان جي حفاظت پنهنجن سرپرستن، مددگارن ۽ اتحادين سان رشتن کي مضبوط رکڻ سان ئي ڪري سگهجي ٿي. صدر زرداري ٻڌل ھٿ کلن تھ وفاقي حڪومت مضبوط ٿيندي، جيڪڏهن سندس هٿ ٻڌل ئي رهيا ته وفاقي حڪومت به سياسي طور مفلوج ٿي ويندي!!