چوڻ وارا چون ٿا ته ٽيررسٽن يعني دهشت گردن سڄي قوم کي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو آهي، يعني نڪ ۾ دم ڪرڻ محاورو آهي ۽ اهو محاورو توجهه ڏيڻ جھڙو آهي، توهان ڪنڌ جھڪائي ان محاوري تي پھرن تائين سوچيو ٿڪجي پوندا تھ ننڍڙو بريڪ ڪري وٺو،بريڪ تان واپس اچڻ بعد وري سوچيو،ھڪ مفلس ۽ قرض دار شخص جي چھري تي ھڪ عدد نڪ ڏسجي ٿو،پر غريب ۽ قرضدار ٿي وڃڻ کان پوءِ اسان جي منهن تان نڪ غائب ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن غريب ۽ مقروض ماڻهوءَ جي منهن تي نڪ جهڙيءَ ڪا شيءِ ڏسڻ ۾ اچي تھ نشاندھي ڪري ٿي، ان ڳالھه جي تھ غريب ۽ قرضدار ماڻهو ڪنهن زماني ۾ خوشحال ۽ سخي هو. مڪمل طور تي ڏيوالي ٿي وڃڻ کان پوءَ،قرضدار شخص عزت نفس سان گڏوگڏ پنھنجي نڪ تان بھ ھٿ ڌوئي ويٺو آھي.ھاڻي توھان پاڻ فيصلو ڪريو تھ دهشتگردن قوم جي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو آهي يا وري قوم جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي يا وري اھو تھ ھر روز اسان وٽ ايتري قدر دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ۽ ڌماڪا ٿيندا رھندا آهن جو هاڻي اسان کي ڌماڪن جو خوفناڪ آواز ٻڌڻ جي عادت پئجي وئي آهي ۽ دهشتگردن جي آمد ۽ انهن جي ڪاررواين جو مزو چکڻ جو اسان کي چسڪو لڳي ويو آھي. اڻويهه سئو ستيتاليهه کان پوءِ جنم وٺندڙ محب وطن سمجهن ٿا يا وري اھو تھ باور ڪرائين ٿا ته دهشتگرد ھاڻوڪي دور جي پيداوار آهن. پاڪستان ٺهڻ جي شروعاتي سالن ۾ اهڙو ڪجهه به نه ٿيندو هو. تڏهن پاڪستان ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهنديون هيون. وڻن جي ٽارين ۾اشرفيون وڻن لڙڪنديون ھونديون ھيون.ٻڌل ٻڌايل ڳالھين ۾ وزن آھي.
ايئن سمجھي وٺو تھ اھا فقيرن جي ڏٺل وائٺل ڳالھھ آھي.اسان فقيرن خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهندي ۽ وڻن جي ٽارين ۾ ٽنگيل اشرفيون ڏٺيون. سچ اھو آھي ته اسان فقيرن ڊالر بھ ٽارين ۾ لڙڪندي ڏٺا ھئا.ان ڳالھھ جي تصديق اھي ابا ڏاڏا بھ ڪري سگھن ٿا جن پاڪستان ٺاهيو ھو، ان ڳالهه جي تصديق سندن پوٽا پوٽيون ۽ ڏوھٽا ڏوھٽيون بھ ڪري سگهن ٿا. اهي مقدس ڪتابن تي هٿ رکي پڻ تصديق ڪري سگهن ٿا.
تڏھن ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي جو اصطلاح ايجاد نه ٿيو هو. نه سوچيو ته تڏھن ڪراچيءَ ۾ ماڻهو ڦرلٽ ۽ مارا ماري نھ ڪندا هئا. انهن ٻنهي ڪارنامن ۾ ڪراچي شهر خود ڪفيل هو.ٺيڪ ٺاڪ قتل ۽ ڦرلٽ جا واقعا پابندي سان ٿيندا رهندا ھئا. ماڻھون انھن ڪارنامن کي ڪنھن ٻئي نالي سان ياد ڪندا ھئا.مان توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ان زماني ۾ اصطلاح دهشتگرد ۽ دهشتگردي ايجاد نه ٿيا هئا. ڪم انھيءَ قسم جو ٿيندو ھو جيڪو اڄ ڪلهه دهشت گردن سرانجام ڏين ٿا، پر تباهي مچائيندرن جا ڪارنامان ڪنھن ٻئي نالي سان سڏيا ويندا ھئا.
پاڪستان جي تاريخ جو پهريون پھريون ڀيانڪ واقعو باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح سان پيش آيو ھو. ان واقعي پاڪستاني قوم کي سڪتي ۾ وجھي ڇڏيو هو. ان گستاخي واري واقعي کان پوءِ قائداعظم خاموش ٿي ويو ھو. قائد اعظم جي قوم جي نالي پهرين نشر ڪيل تقرير ڪنھن چالاڪ ايڊٽ ڪرڻ کانپوءِ اشاعت لاءِ اخبارن ڏانهن موڪلي ڇڏي ھئي. قائداعظم وڏي رعب تعب وارو ليڊر ھو.ڪو شخص ھن سان گستاخي جوسوچي به نه سگهندو ھو. ان گستاخي کانپوءِ قائد اعظم کي ڪنھن بھ مسڪرائيندي نھ ڏٺو.اھو گستاخي چالاڪ شخص ڪير هو؟ ڪنهن کي به خبر ناهي.ٻڌو آهي ته ان گستاخي جي باري ۾ ڪڏھن ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ئي نھ ڏني وئي. نشر ڪيل تقرير ۾ قائداعظم سڄي دنيا لاءِ حقيقي پاڪستان جو نقشو چٽيو ھو.دنيا کي پاڪستان شڪل صورت ڏسڻ ۾ آئي ھئي. قائد اعظم دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو هو ته پاڪستان انتها پسندن جو ملڪ نه ھوندو.ڪنهن هڪ گروهه جي پاڪستان تي ھڪ ھٽي نه هوندي.
قائداعظم جي حوالي سان هڪ ٻئي ۽ وڌيڪ سنگين ڏوهه تي اڄ تائين پردو پيل آهي. ڳڻتي جوڳي حالت ۾ قائداعظم کي ڪوئيٽا کان ڪراچي آندو ويو تڏھن ڪنھن جي حڪم تي قائداعظم کي ماڙي پور ايئر بيس کان گورنر هائوس تائين وٺي ايندڙ ُٽٽل ڦٽل ناڪارا ايمبولينس ڏني وئي؟ اڄ ڏينهن تائين، ان راز تي پردو پيل آهي. ماڙيپور روڊ تي ھڪ تمام وڏي پناهگير ڪئمپ جي ٻاهران ڊرائيور انجڻ جي خرابي جو بهانو ڪري ايمبولينس روڪي ڇڏي ھئي.ڪلاڪن تائين قائد اعظم ساڙيندڙ ُاس ۾ بنا اي سي جي. ان ناڪارا ايمبولينس ۾ بي يارومددگار پيو ھو.انھيءَ رات قائد اعظم 10:20 تي هن دنيا مان ُڪوچ ڪري ويو. ان تاريخي سانحي تي اڄ تائين پردو پيل آهي.ڪنھن جي چوڻ تي معززن سان گڏ ،عين وزيراعظم لياقت علي خان جي سامھون سعيد ياسيد اڪبر کي ويھاريو ويو ھو.وزير اعظم لياقت علي خان آيو، روسٽرم تي پهتو، ڪجهه چوڻ چاهيو پي ته سيد اڪبر ريوالور ڪڍي مٿس گوليون ھلائي ڇڏيون. انھيءَ گھڙي سيد اڪبر جي پويان ويٺل هڪ نامعلوم شخص سيد اڪبر کي ھڪ گولي سان ماري ڇڏيو. ڪنهن کي به خبر ناهي ته ان سازش پٺيان ڪير هو.گوليون ھلائيندڙ ٻئي دهشتگرد ڪير هئا؟ پر تڏھن، ستر سال اڳ گھري ۽ ناپاڪ سازش ڪندڙن کي دهشتگرد نه چيو ويندو هو. پر اڄ ڪلهه اهڙين ڪارنامن ڪندڙن کي تخريبڪار ۽ دهشتگرد چيو وڃي ٿو
(روزاني جنگ جي ٿورن سان)