سگا جي جاکوڙ جا 53 سال ۽ جديد دور جون گهرجون

تحرير: علي محمد ميمڻ

 

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن، سماجي جاڳرتا اوسر ۽ سماجي ڀلائي جي ڪمن واري قومي اداري طور گذريل اڌ صدي کان به وڌيڪ  عرصي کان جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان سگا پنهنجي حاصلات ۽ ڪاميابين جي پڻ هڪ ساراهه جوڳي تاريخ رکي ٿي.  قائم ڪرڻ جو تصور ملڪ مان ون يونٽ جي خاتمي ۽ صوبن جي بحالي  بعد سنڌ جي سماجي، ثقافتي ۽ انتظامي بي ترتيبي واري حالت ۾ پنهنجي بقاء ۽ جياپي جي ضرورتن مان پيدا ٿيو.  هن جماعت جي تاريخ ۽ اوائلي رڪارڊ موجب، سگا جو بنياد ”6 اپريل 1971ع تي وڌو ويو ۽ ان موقعي تي  پهرين عبوري تنظيم جوڙي ويئي جنهن جو پهريون سيڪريٽري  جنرل شمشير الحيدري، سيڪريٽري فنانس سائين بخش عباسي، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ ٻيون شخصيتون شامل هيون. ان طرح  6اپريل سگا جو فائونڊيشن ڊي“ آهي  ۽ ان بعد سگا جي رجسٽريشن لاءِ ڪارروائي ڪئي ويئي، جنهن تحت” 29 سيپٽمبر 1972ع تي سگا کي سوسائٽي ايڪٽ تحت رجسٽريشن حاصل ٿي . اهڙي ريت سگا هن وقت پنهنجي تاريخ جا 53 سال مڪمل ڪري رهي آهي. وقت گذرڻ سان گڏ هن جي ڪم ۽ تنظيم سازي جو دائرووسيع ڪيو ويندو رهيو ۽اڳتي هلي شاخن جو تعداد 125 تائين وڃي پهتو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي سماج سڌارڪن وقت ۽ حالتن جي ضرورت لاءِ پنهنجو ڪردار قومي فرض  سمجهي ادا ڪيو ۽ هن وقت هي ادارو پنهنجي تاريخي فرضن ۽ ماضي، حال ۽ مستقبل جي جديد دور جي قومي فرضن جي ادائيگي لاءِ تياريون ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي بانيڪار ۽ اعلي تعليم يافته ۽ فڪري طور تي پختي ۽ وڌيڪ تجربيڪار قيادت جي چونڊ ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار ٿي چڪو آهي.

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ۾هن وقت مرڪزي قيادت جي چونڊن وارو عمل پنهنجي جمهوري طريقي ڪار موجب آخري مرحلي مان گذري رهيو آهي. 24 ۽ 25 ڊسمبر2024ع جي شام کان سگا جي 44 هين ڪنوينشن جا اجلاس ڪراچي جي پبلڪ اسڪول گڏاپ ضلعي ملير ۾ هلندڙ آهن، اڄ 25 ڊسمبر تي سگا جي مرڪزي قيادت جون چونڊون ٿيڻيون آهن. جنهن ۾ شرڪت ۽ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ سموري ملڪ کان سگا شاخون پنهنجن وفدن سان ڪراچي پهچي چڪا آهن. هن کان اڳ سموري ملڪ ۾ 94 شاخن جي چونڊن وارو عمل آگسٽ ۾ مڪمل ٿيو ۽ هاڻي سگا جي مرڪزي قيادت جي چونڊن وارو عمل جاري آهي. سگا جي 10 مرڪزي عهديدارن ۽ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي 15 ميمبرن جون چونڊون ٿي رهيون آهن. ھنن چونڊن ۾ سگا جي 90 شاخن جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري تي مشتمل ڪائونسل آف ميمبرس جا 180 ميمبر ۽ ووٽر سگا جي نئين مدت سال 2025 تا 2027ع لاءِ مرڪزي قيادت جي چونڊ ڪندا.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۾ هن ڀيري سگا جو بانيڪار اڳواڻ اشفاق احمد ميمڻ چيئرپرسن جي عهدي لاءِ اميدوار طور سامهون آيو آهي جنهن جو سگا لاءِ ڪردار ھميشه ڪرنگھي ۽ بھترين محافظ وارو رھيو آھي. سگا قائم ٿيڻ وقت پاڻ اسسٽنٽ ڪمشنر هو ته ان وقت هن  عھدا وٺڻ بجاء پوئين صفن ۾ رھي سگا جي مالي، جاني ۽ قانوني  حفاظت مھيا ڪرڻ وارو ڪردار رھيو آھي۔ سگا مرڪز جي ٻين عهدن تي  سندس حامين ۽ هم خيال ساٿين ۾ وائيس چيئرمين لاءِ رفيق احمد سرهيو، سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ پروفيسر جاويد احمد انڙ، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل لاءِ پروفيسر بخش علي چانڊيو، سيڪريٽري ماليات لاءِ انور علي سيال، سيڪريٽري تعليم لاءِ پروفيسر ڊاڪٽرشفيق احمدرند، سيڪريٽري اطلاعات لاءِ پروفيسر شمس الدين ساريو، سيڪريٽري صحت لاءِ ڊاڪٽر محمدعلي راهپوٽو، سڪريٽري ثقافت لاءِ محمد اسلم عباسي ۽ سيڪريٽري عورتن جي ترقي لاءِ ميڊم حسينه آزاد جتوئي سميت سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جي 25 عهدن لاءِ اميدوار شامل آهن. جڏهن ته، ٻئي پاسي، سگا جو ٽي ڀيرا چيئرمين رهندڙ رفيق احمد جعفري وري چوٿون ڀيرو به چيئرمين شپ جو اميدوار آهي ۽ موجوده چيئرپرسن علي حسين بروهي به سيڪريٽري جنرل جي عهدي جو اميدوار آهي ان کان علاوه وائيس چيئرپرسن خالد حسين چنا ۽ سيڪريٽري فنانس نورمحمد سيال ۽ سيڪريٽري ثقافت شهاب الدين شاهاڻي ۽ سيڪريٽري صحت ارباب خالد محمود هن ڀيري به ساڳي عهدن لاءِ اميدوار آهن، سيڪريٽري تعليم لاءِ سگا جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل منظور حسين اڄڻ ۽ سيڪريٽري اطلاعات لاءِ احمد حسن پنهور، سيڪريٽري وومين ڊولپمينٽ لاءِ ميڊم حميده خاصخيلي۽ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي لاءِ پڻ  اميدوار شامل آهن.

عجيب ڳالهه آهي ته سماجي اداري سگا  جي سماجي رضاڪارن جي عهدن جي چونڊ، سياسي جماعتن جي  قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن کان به مشڪل طريقيڪار موجب ڪرائي وڃي ٿي. سگا جي سماجي رضاڪارن کي پنهنجي خدمتن لاءِ سموري ملڪ ۾ پنهنجي چونڊ مهم هلائڻ ۽ خرچ ڪرائڻ ۽ منٿ ميڙ ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پوي ٿو، خبر ناهي ته  هن مهانگي مشق جو آخرڪار  ڪهڙو فائدو ۽ حاصلات آهي.  عام چونڊن ۾ سياسي جماعتن جي اميدوارن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾انهن جي سياسي جماعتن کي ته حڪومتون ۽اسيمبلين جي ميمبرن کي وزارتون، عهدا ۽ ڪروڙين رپين جا فنڊ حاصل ٿيڻا آهن پر سگا  ته غريب ۽ مڊل ڪلاس ماڻهن ۽ رضاڪارن تي ٻڌل ۽ سماج سڌارڪن جو سماجي ادارو  ۽ هڪ سول سوسائيٽي آرگنائيزيشن آهي جنهن ۾ نه ڪا ڪنهن کي حڪومت ملڻي آهي ۽ نه ئي ڪا حڪمراني آهي ۽ نه ئي وري هتي ڪروڙن رپين جون ترقياتي ۽ تعميراتي اسڪيمون ۽ ٺيڪا موجود آهن ته  پوءِ آخرڪار هڪ نج سماجي اداري جي اصل مقصد جي برخلاف عمل ذريعي سماج سڌارڪن،سماجي رضاڪارن جي هن ريت رستا روڪ ڪرڻ ڇا سگا جي بنيادي فڪر،مقصدن ۽ سماجي عمل کان انحراف نه آهي؟. سگا جي آئين ۽ قانون قاعدن ۾ سڌارا آڻڻ جي يقينن تمام گهڻي ضرورت آهي.

قوم جي بچيل هن واحد سماجي اداري سگا ۾ پنهنجي قوم ۽ سماج لاءِ رضاڪاراڻي بنيادن تي خدمتون ڪرڻ کي مشڪل کان مشڪل ترين بنائڻ ۽ سي اي سي ۽ مرڪزي عهدن تي ٽيڪنيڪل بنيادن تي لاڳو ڪيل پابندين تي غور فڪر ڪرڻ ۽ سڌارا آڻڻ سان سگا جي جياپي ۽ واڌ ويجهه جو سڌو سنئون لاڳاپو آهي. ان  کان علاوه سگا جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري جنرل جي اهم عهدن تي آئين موجب ٻن يا ٽن 3 مدتن بعد ساڳين اميدوارن جي چونڊون وڙهڻ تي پڻ روڪٿام ۽ نظرثاني ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو اهو عمل جمهوريت جي روح جي سراسر برخلاف آهي. تجربن مان اهي نتيجا مليا آهن ته، هربار ساڳي شخصيتن عهدا ۽ ڪرسيون حاصل ڪرڻ جي خواهش سگا جي سماجي رضاڪاراڻي سوچ  کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي ۽  سگا کي مختلف گروهه بندين ۽ گروپن ۾ ورهائڻ جو سبب بنجي رهيو آهي.  ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سگا ۾ سڌارا آندا وڃن ۽ هن اداري کي پنهنجي اصل سماجي مقصدن ۽ منشور تي بحال ڪيو وڃي ۽  مرڪزي عهدن جي چونڊ تڪن کي ننڍو ڪري ضلعن يا ڊويزنن تي آڻڻ گهرجي۽ سينٽرل  ڪاميٽي وارين 25 عام سيٽن کي ضلعن يا ڊويزنن ۾ موجود  شاخن جي تعداد موجب ورهائي چونڊون ڪرايون وڃن ته ان عمل سان سگا جي مخلص سماجي شخصيتن ۽ اڳواڻن کي چونڊجڻ سان پنهنجي اداري کي سنڀالڻ جا موقعا ملي سگهندا. سنڌ جي عوام ۽ قوم کي نئين ،جديد ۽ مشڪل دور ۾ قومي جياپي سان لاڳاپيل تمام گهڻيون

مشڪلاتون ۽ نيون للڪارون سامهون آهن . اميد ڪري سگهيجي تي ته سگا جي بانيڪار ۽ سينئير قيادت چونڊن بعد پنهنجي چونڊ منشور ۽ مقصدن تحت هن اداري ۾ پڻ تبديلي آڻيندي ۽ قومي ضرورتن موجب پنهنجو فعال ۽ سجاڳ سول سوسائٽي وارو ڪردار ڪاميابي سان ادا ڪندي. سگا جي 44هين ڪنوينشن جي سرهائي واري هن موقعي تي سگا جي سمورن سماج سڌارڪ ساٿين، رضاڪارن، امن ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙن، ساڃهه وندن  ۽ قوم جي گهڻ گهرن کي دل جي گهرائين سان مبارڪون ۽ واڌايون پيش ڪريون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.