چمبڙ کي ڏنل ڪروڙن جو ميگا پروجيڪٽ جو ڇا ٿيو؟

تحرير: ثوبيا کوسو

چمبڙ شهر جي ٽائون ڪميٽي ۾ ٽوٽل چار وارڊ آهن، ۽ انهن چار ئي وارڊن ۾ ڪيترائي ڳوٺ اچي وڃن ٿا۔ جن ۾  ڳوٺ بهارو گپچاڻي ،حاجي احمد ھاشماڻي ،چودري انور گهمڻ ،غريب آباد ڪالوني ، غلام حيدر گپچاڻي ،حاجي ڳاڙهو لنڊ اصغر آباد ،وارڊ نمبر ٻه جا ڳوٺ ساوڻ گوپانگ ،بهرام خان گپچاڻي۔ شاهه لطيف ڪالوني، علي ٽائون۔ حاجي احمد هاشماڻي۔غريب آباد ڪالوني،نظير بنگلو۔ کڏ پاڙو۔ ڪنڀار محلو۔ گلڻ خان ڪپري۔ حاجاڻا ڳوٺ۔ سميت ڪيترائي ڳوٺ ۽ ڪالونيون اچي وڃن ٿيون جيڪي بنيادي سهولتن کان محروم آهن۔ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پيئنڻ جو صاف ۽ مٺو پاڻي ناهي ماڻهو پري کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن۔ ته ڪيترائي ئي ڳوٺ وري پڪين گلين کان محروم آهن۔ شهر جون مختلف ڪالونيون جن ۾ سريوال ڪاٽن فيڪريٽري علي ٽائون۔شاهه لطيف ڪالوني شامل آهن اتي وري ڪو ڪم ناهي ٿي سگهيو.

2023 ۾ پپلز پارٽي جي ايم پي اي امداد پتافي چمبڙ شهر کي هڪ 10 ڪروڙ روپين جو هڪ ميگا پروجيڪٽ ڏنو، ۽ ان جي افتتاح ڪرڻ مهل ان پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته هن ميگا پروجيڪٽ مان چمبڙ شهر ۽ چارئي وارڊن جي ڳوٺن جا بنيادي ڪم ٿيندا، چمبڙ جي عوام ان ڏينهن جو ڏاڍو انتظار ڪيو، ۽ ٽائون ڪميٽي چمبڙ جي انڊر اهو ميگا پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو، ۽ جڏهن اهو ڪم ٿيڻ شروع ٿيو ته ڳوٺاڻا حيران رهجي ويا، ڪافي ڳوٺن کي ان ۾ نظرانداز ڪيو ويو، ۽ مختلف من پسند ماڻهن جي گهرن تائين ئي پڪيون گهٽيون ٺاهيون ويون، ۽ من پسند به اهي جن جو سڌي ريت تعلق پپلز پارٽي سان آهي، ڳوٺ احمد هاشماڻي ۾ صرف هڪ گلي ٺاهي وئي جيڪا هڪ من پسند ماڻهو جي گهر تائين پهتي، سرڪاري اسپتال جي سامهون به جيڪا گلي ٺاهي وئي ان سان به ساڳي حالت ٿي، ۽ جيڪي به اڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪم ٿيا آهن انهن ۾ پنهنجا نوازي شامل آهي ۽ باقي سمورا پئسا ڪيڏانهن ويا ڪا خبر ناهي.

چمبڙ جي وارڊ هڪ جي ڳوٺ اصغر آباد جي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڳوٺ ۽ امام بارگاهه ڏي ايندڙ رستي ڪچي آهي ۽ هڪ موري آهي جيڪا پڻ ٽٽل آهي ۽ اها موري ٽٽل هئڻ ڪري رات جو موٽرسائيڪلن جا ڪيترائي ايڪسيڊنٽ ٿيا آهن ۽ ڪافي ماڻهن جا عضوا به ٽٽي چڪا آهن  ۽ اها موري ۽ رستو پڪو ڪرڻ جي اپيل ڪئي پر اسان جي ڪيل اپيل تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو۔ ۽ هيستائين موري ناهي ٺهرائي ڏني وئي ۽ نه ئي وري رستو پڪو ڪيو ويو آهي۔ هيستائين جيڪي ڪم ٿيا آهن اهي من پسندن جا ٿيا آهن ، ووٽ وٺڻ مهل جڏهن چونڊيل نمائنده اسان وٽ آيا هئا تڏهن به اسان ان موري ۽ رستي جي ڳالهه رکي هئي ۽ ان ٽائم اسان سان واعدو ڪيو ويو ته جيئن اسان اليڪشن کٽي ان ٽائم اهو ڪم ڪرائي ڏينداسين پر انهن اليڪشن به کٽي ۽ پروجيڪٽ به آيا پر اسان جو ڪم نه ٿيو.

ايم پي اي امداد علي پتافي صاحب پنهنجي تقريرن ۾ چمبڙ کي پپلز پارٽي جو ڳڙهه چوندو رهيو آهي پر ان ڳڙهه جي جيڪا حالت ٿي آهي ان کي ڏسي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن، 10 ڪروڙ روپيا ، مطلب 10 هزار لک روپيا ، جن مان صرف ٻه ٽي گليون ئي ٺهي سگهيون آهن ۽ هڪ ميرانکوري روڊ تي جيڪو گٽر نالو ٺهيو آهي ان جو ڪم به اڌ ۾ رهيل آهي، ايم پي اي کي ان بابت نوٽس وٺڻ گهرجي10 ڪروڙ روپيا معمولي ڳالهه ناهن، 10 روپين مان جيڪڏهن چار ئي وارڊن جي ڳوٺن تي فيروزه وارڊ جي ڳوٺن تي ٽي ڪروڙ پنجويهه لک خرچ ڪجن ته اهي ڳوٺ پئرس بڻجي وڃن۔ انهن ڳوٺن جو گليون پڪيون ٿي وڃن، نيڪالي جو سسٽم ٺهي وڃي، ۽ اتي پپلز پارٽي جا ووٽ به مضبوط ٿين پر هيئنر ڊجيٽل دنيا جو دور آهي ماڻهو هر شئي کي سمجهڻ لڳا آهن جنهن جو اندازو به چونڊيل نمائندن کي اليڪشن واري ٽائم ۾ ٿي ويو هوندو جڏهن ماڻهن طرفان اليڪشن ۾ بيٺل نمائندن کان سوال ڪيا ويا ، انهن جي رستا روڪ ڪئي وئي ۽ تمام گهڻي مشڪل کان پوءِ  وڃي اليڪشن انهن کٽي اها به اڻويهه ويهه جي فرق سان.

چمبڙ جو عوام انهيءَ  پروجيڪٽ جي انتظار ۾ آهي انهن پنهنجي اکين ۾ ڪيترائي خواب سجايا هئا ته اسان جون گليون پڪيون ٿينديون، صاف پاڻي ملندو، اسڪولن جا ڪم ٿيندا، نيڪال سسٽم ٺهندو پر انهي پروجيڪٽ سان جيڪو حشر ڪيو آهي انهيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، هاڻ چمبڙ جي عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر آهي، ۽ اها ڪاوڙ هو اليڪشن جي ٽائم تي ڪڍندا ، ۽ يقينن انهيءَ ميگا پروجيڪٽ ۾ ڪرپشن سان پپلز پارٽي جي مقبوليت چمبڙ ۾ تمام گهڻي گهٽجي ويندي اهي خدشا آهن ته اها زيرو تي نه وڃي پهچي، مختلف ڳوٺن جا ماڻهو انهي ميگا پروجيڪٽ کي وٺي تمام گهڻا سنجيده آهن ۽ هو اڃان تائين ان انتظار ۾ آهن ته ايم پي اي ان پروجيڪٽ ۾  نوٽس ضرور وٺندو،ان لاءِ ايم پي اي امداد پتافي کي ان بابت نوٽس ضرور وٺڻ گهرجي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري انهيءَ ميگا پروجيڪٽ جا 10 ڪروڙ روپيا چمبڙ جي عوام تي خرچ ڪرڻ گهرجن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.