حيدرآباد: اياز ميلي ۾ سرائيڪي ادب جي ليکڪ ۽ شاعر اسلم انصاري جي ڪتاب "پهلي مينه دي جهانور” تي ويهڪ ٿي. جنهن جي ماڊريٽر سعديه شڪيل هئي. ان موقعي تي سرائيڪي ٻولي جي شاعر ڊاڪٽر الياس ڪبير چيو ته اسلم انصاري گهڻ رخي شخصيت هو. هن خواجا غلام فريد جي ڪافين جا ترجما ڪيا. ناول ۽ افسانه لکيا. ملتان اسلم انصاري ۾ رچيل هو. ملتان تاريخي شهر آهي. هن ملتان تي به گهڻو ڪجهه لکيو آهي. اسلم انصاري ٻين ٻولين جا سرائيڪي ۾ ترجما ڪيا آهن. سرائيڪي ٻولي جي ليکڪ ڊاڪٽر عابد رونجها چيو ته چيو ته اسلم انصاري پنهنجي ڪتاب ۾ زندگي کي ٻيهر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اردو ۽ سرائيڪي ٻولي جي شاعر محبوب تابش چيو ته جيڪو پنهنجي ماءُ ٻولي ۾ لکي ٿو اهو تاريخ ۾ زنده رهي ٿو. خواجا غلام فريد جو وڏو ڀاءُ به وڏو شاعر هو. پر ان پنهنجي ٻولي بجاءِ فارسي ۾ لکيو ته ان جو نالو ڪنهن کي ياد ناهي، جڏهن ته سندس ننڍي ڀاءُ خواجا غلام فريد کي هر وقت عزت ۽ احترام سان ياد رکيو ويندو آهي ڇو ته ان پنهنجي ٻولي ۾ لکيو. هن چيو ته اسلم انصاري سرائيڪي وسيب جي خودمختياري وارو رستو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي. سعديه شڪيل سرائيڪي ٻولي ۾ ڳالهائيندي چيو ته ترقي جي نالي تي پاڪستان ۾ شامل قومن جي حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي.