ملير ايڪسپريس وي جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏير وزير سيد مراد علي شاھ ڪالهه آچر جي صبح جو  ملير ايڪسپريس وي جو اوچتو دورو ڪيو ۽ ڊسمبر جيآخر تائين ڪم مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ لاءِ کولي سگهجي.وڏي وزير  انجيئر خالد منصور کي ڪم جي رفتار وڌائڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته 30 ڊسمبر تائين منصوبو هر صورت ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي.هن شاهه فيصل انٽرچينج کان ايئرپورٽ تائين ايڪسپريس وي سان گڏ سموريون غيرقانونيون اڏاوتون ۽ پارڪنگ ختم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائي سگهجي. هن جو چوڻ هو ته ملير ايڪسپريس سبب ڄام صادق پل کان  شاهه فيصل ٽرمينل ذريعي  جناح ٽرمينل تائين سفر گهٽجي 15 منٽن جو رهجي ويو آهي. مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته هي  ايڪسپريس وي آهي، ان تي موٽر سائيڪل ۽ چنگچي رڪشن کي اجازت نه هوندي. هن واعدو ڪيو ته پهرين حصي جي افتتاح بعد شاهه فيصل کان ڪاٺوڙ تائين رهيل حصي جو ڪم تيزي سان ڪيو ويندو.وڏي وزير اعلان ڪيو ته هو جلد ملير ايڪسپريس وي جو رات جي پهر ۾ دورو ڪندو. هن اختيارين کي هدايت ڪئي ته هن جي اچڻ کان اڳ ايڪسپريس وي تي اسٽريٽ لائٽس لڳائي روشن ڪري ڇڏين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.