اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومتي ڪميٽي جوڙڻ کانپوءِ حڪومت سان ڳالهين لاءِ مطالبن جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي. تحريڪ انصاف حڪومتي مذاڪراتي ٽيم جوڙڻ سبب سول نافرماني بابت عملي قدم به روڪي ڇڏيا آهن.ذريعن موجب پي ٽي آءِ پاران 5 هزار سياسي قيدين جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو نالو سرفهرست آهي.پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورن سياسي قيدين جي آزادي مطالبن ۾ شامل آهي، هو 9 مئي ۽ 26 نومبر تي انڪوائري لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جا مطالبا برقرار رکندا.ٻئي طرف وزيراعظم جي قانون ۽ انصاف واري صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين ۾ عمران خان جي آزادي وارو معاملو ايجنڊا ۾ شامل نه هوندو.ٽيڪسلا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي رهيو آهي ته ڳالهين جي آڙ ۾ ڪا ڊيل يا ڍرحاصل ڪئي وئي ته اها انهن جي غلط فهمي آهي، ڳالهين ۾ ڪٿي به اهو لکيل ناهي ته توهان کي 9 مئي تي معافي ڏني ويندي ڪيس پنهنجي منطقي انجام تي پهچندا.