لنڊن(م ڊ)بچاءَ واري وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو باني آمريڪا جي ڪلهن تي سوار ٿي اقتدار ۾ اچڻ چاهي ٿو. لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته فوجي عدالتن مان سزا ٻڌايل 25 ماڻهن جون وڊيوز موجود آهن.هن چيو ته 9 مئي سانحي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو معاملو عدليه جي نااهلي سبب دير جو شڪار ٿيو، ملڪ جي دفاع کي ڪير به چئلينج نه ڪري سگهندو،2018 ۾ پي ٽي آءِ آر ٽي ايس ذريعي اقتدار ۾ آئي. ان وقت جنرل باجوا مائنس نواز شريف منصوبي تي ڪم ڪري رهيو هو،هن چيو ته جيڪي ماڻهو پي ٽي آءِ جي محبت ۾ پاڳل آهن انهن کي سندن ماضي ڏسڻ گهرجي. پي ٽي آءِ جو باني خود فوج جي وڏي پيداوار آهي،هن چيو ته 190 ملين پائونڊ سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ نه پر پراپرٽي ٽائيڪون جي اڪائونٽ ۾ ويا،عمران خان سميت تحريڪ انصاف جا سمورا ميمبر ڪرپشن ۾ ملوث آهن.هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا هڪ اڍائي هفتو اڳ رڳو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهين پيا، هاڻي ايتري تڪڙ آهي ته ڪميٽي جوڙي ڇڏي اٿن، عوام باشعور آهي ۽ سمجهن ٿا ته اهي ڪميٽيون ڇو اچي رهيون آهن.