190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف 190 پائونڊ ريفرنس جو  فيصلو اڄ نه ٻڌايو ويندو. گذريل ڏينهن احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو ۽ اعلان ڪيو ويو هو ته فيصلو 23 ڊسمبر تي ٻڌايو ويندو. ذريعن موجب 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ اڊيالا جيل بدران اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالتي عملي طرفان پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ اسلام آباد جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي فيصلي جي نئين تاريخ ٻڌائيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو جنوري 2025 جي پهرين هفتي ۾ ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.