عمران خان جي صحت تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي: وسيم اڪرم

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ واسيم اڪرم اڳوڻي وزيراعظم ۽ قومي ٽيم جي ڪپتان عمران خان جي صحت بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس صحت جي معاملي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نٿو ٿي سگهي.
واسيم اڪرم دي ائٿليٽڪ کي ڏنل هڪ ڊگهي انٽرويو ۾ چيو ته عمران خان سندس دوست آهي، هو کيس تمام گهڻو ساري ٿو ۽ گذريل ٽن سالن کان ساڻس ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي
هن چيو ته عمران سان سياسي طور جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو نهايت افسوس جوڳو آهي، عدالت جو قانون پنهنجي جاءِ تي، پر سندس صحت واري معاملي ۾ ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي.
گذريل ٻن هفتن دوران عمران خان جي صحت بابت ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي، 22 اڳوڻن ڪپتانن پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف کي کليل خط لکي عمران خان جي بنيادي عزت ۽ ضرورتن جو خيال رکڻ، ذاتي ڊاڪٽر ۽ خاندان کي ساڻس ملاقات جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو.
آسٽريليا جي موجودا ڪپتان پيٽ ڪمنز به ان مطالبي جي حمايت ڪئي، جڏهن ته برائن لارا عمران خان کي راند جو ليجنڊ قرار ڏيندي سندس بنيادي انساني حقن جو خيال رکڻ تي زور ڏنو.
پاڪستان ۾ به عمران خان جي صحت بابت آواز اٿارڻ وارن ۾ جاويد ميانداد سڀ کان اڳيان رهيو، جنهن روئيندي عمران خان جي آزاديءَ ۽ حڪومت توڙي اڳوڻي وزيراعظم وچ ۾ اختلاف حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
ان کانپوءِ معين خان ۽ رميز راجا به عمران خان جي صحت بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي.
هاڻي واسيم اڪرم به عمران خان جي ٻن پٽن سليمان ۽ قاسم جي ان انٽرويو جو به ذڪر ڪيو، جيڪو لارڊز ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن اسڪاءِ اسپورٽس تي نشر ٿيو هو، جنهن ۾ ٻنهي چيو هو ته کين جيل ۾ پنهنجي پيءُ جي زندگي بابت خدشو آهي.
اڪرم چيو ته ان انٽرويو کانپوءِ پاڪستان ۾ وڏو گوڙ ٿيو، ان کانپوءِ هن پڙهيو ته پاڪستاني حڪومت عمران خان سان ٿيل ملاقاتن، فون ڪالز ۽ ٻين معاملن جا انگ اکر پيش ڪيا، پر موجوده صورتحال ۾ اهو سمجهڻ ڏکيو آهي ته ڪهڙي ڳالهه تي يقين ڪجي.
واسيم اڪرم چيو ته رٽائرمينٽ کانپوءِ به هو ۽ عمران خان باقاعدگي سان رابطي ۾ رهندا هئا ۽ هو عمران سان وقت گذاريندو هو.
هن چيو ته سياست کي هڪ طرف رکندي هو عمران سان ڳالهائڻ ۽ کيس هڪ دوست طور تمام گهڻو ياد ڪري ٿو،.
اڪرم واضح ڪيو ته هو عمران بابت هڪ دوست جي حيثيت سان ڳالهائي رهيو آهي، عمران سزا يافته هجي يا نه، جيل ۾ هجي يا نه، سندس صحت جو تحفظ ضروري آهي.
اسان کي خبر ناهي ته اندر ڇا ٿي رهيو آهي. حڪومت چوي ٿي ته سندس صحت ٺيڪ آهي، پر مان فڪرمند آهيان ۽ کيس تمام گهڻو ياد ڪريان ٿو.

You might also like