اسڪواڊ ۾ تبديلين تي حيرت ٿي، پر پي سي بي جا فيصلا قبول آهن: بابر اعظم

لنڊن (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ٽيم ۾ تبديلين تي حيرت ٿي، پر فيصلن کي قبول ڪريان ٿو، نتيجا سٺا نه اچڻ تي تبديليون ته ٿينديون آهن، تبديلين بابت پي سي بي وڌيڪ بهتر ٻڌائي سگهي ٿو.
قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينيئر رانديگر طور ذميواري کڻڻي پوندي آهي.
هن چيو ته ايجبسٽن گرائونڊ منهنجي لاءِ خوش ڀاڳوند رهيو آهي، اميد آهي ته سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندس.
هن چيو ته ٽيم طور پوئين ميچ ۾ سٺو نه کيڏي سگهياسين، ٽنهي شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکارين، نون رانديگرن لاءِ هي سونهري موقعو آهي، ان مان لاڀ وٺن.
بابر اعظم چيو ته جڏهن توهان ڪارڪردگي نٿا ڏيکاريو ته ڳالهيون ته ٿينديون آهن، جيڪڏهن توهان ڪارڪردگي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو ته آخري سيريز ۾ مان ئي مين آف دي سيريز هئس.
ٽيم ۾ تبديلين بابت سوال جو جواب ڏيندي بابر اعظم چيو ته مختلف حالتن ۾ توهان کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي آهي.
هن چيو ته پي سي بي جيڪو فيصلو ڪيو آهي، اهو ڪجهه سوچي سمجهي ئي ڪيو هوندو، جيڪڏهن توهان پي سي بي کان پڇندا ته هو ان بابت وڌيڪ بهتر طريقي سان ٻڌائي سگهندا، اِها مون لاءِ به خبر هئي ته اسڪواڊ ۾ ڦيرڦار ٿي آهي.

You might also like