حيدرآباد: اياز ميلي ۾ "اياز جي شاعري ۾ ثقافتي حسناڪي” جي موضوع تي ويهڪ ٿي. جنهن جو ماڊريٽر رياضت ٻرڙو هو. ان موقعي تي نامياري شاعر عزيز گوپانگ چيو ته شاعر ثقافتي ناهن هوندا. پر شاعر قوم جي تقدير کڻي هلن ٿا. هن چيو ته اياز عالمگيريت واري سوچ تحت مسلسل وهندڙ درياهه جهڙي شاعري ڪندڙ شاعر آهي. ثقافت گڏيل رويي ۽ قوم جي سوچ آهي ۽ تهذيب صدين جي تاريخ جو نالو آهي. ليکڪه ۽ شاعره شبنم گل چيو ته شيخ اياز ڌرتي جي پاڙن جي ويجهو رهيو. شيخ اياز دنيا جي انهن ئي شاعرن ۽ اديبن کي ياد ڪيو جيڪي پنهنجي ڌرتي سان جڙيل هئا. اياز جي شاعري ۾ ثقافتي شعور ٿو ملي. هن چيو ته ثقافت جي سرواڻ عورت آهي. عورت ئي پنهنجي ثقافت کي اولاد ڏانهن منتقل ڪري ٿي ۽ اياز ان عورت تي لکيو آهي. شاعره گلبدن جاويد مرزا چيو ته شيخ اياز سنڌي شاعري ۾ جدت آندي. شيخ اياز سنڌ جي ثقافت ۾ انيڪ رنگ ڀريا آهن. شيخ اياز جي شاعري ۾ محبوبيت جو اثر آهي. هن چيو ته شيخ اياز پورهيت کي وڏي اهميت ڏني آهي. صحافي ۽ شاعر نياز پنهور چيو ته ٻولي، ڌرتي، درياهه، ٻيلا، ثقافت ۽ تاريخ جنهن شاعر کي ملي ٿي اهو خوشنصيب شاعر سمجهيو ويندو آهي ۽ شيخ اياز کي اهي سڀ شيون مليون. هن چيو ته شيخ اياز جي ڏات جو اهو ڪمال آهي ته هن فارسي غزل کي گيڙو رنگ ڏئي نج سنڌي غزل بڻائي ڇڏيو. اياز جي شاعري ۾ ثقافتي حسانڪي ڀرپور انداز ۾ موجود آهي.