لاهور ٽيسٽ: نعمان ۽ شاهين ڇائنجي ويا، ورلڊ چيمپيئن ڏکڻ آفريڪا کي پاڪستان هٿان 93 رنسن تان شڪست

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پهرين ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 93 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 سرسي حاصل ڪري ورتي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ جي چوٿين ڏينهن جي ڏکڻ آفريڪا پنهنجي ٻي اڻپوري اننگز 51 رنسن ۽ ٻن وڪيٽن جي نقصان تان شروع ڪئي، پر ٽوني ڊي زور زي پنهنجي گذريل ڏينهن واري اسڪور ۾ ڪو به واڌارو نه ڪري سگهيو ۽ شاهين شاهه آفريدي جو شڪار جو پهريون شڪار بڻيو.
ان کانپوءِ نعمان علي پهريان ٽرسٽن اسٽبس ۽ پوءِ ڊيولڊ بريوس کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ساجد خان ڏکڻ آفريڪا جي سيٽ بيٽر ريان رڪليٽن جي وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاهين شاهه آفريدي ورييني ۽ سبرائين کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته ساجد خان مٿو سوامي کي پنهنجو شڪار بڻايو ۽ آخري بيٽر کي شاهين آفريدي بولڊ ڪيو.
ٻئي اننگز ۾ نعمان علي ۽ شاهين شاهه آفريدي 4 – 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ٻه وڪيٽون ساجد علي جي حصي ۾ آيون، گڏيل طور ڏهه وڪيٽون وٺڻ تي نعمان عليءَ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ياد رهي ته راند جي ٽئين ڏينهن ڏکڻ آفريڪي ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ مانيءَ جي وقفي کان اڳ ئي آل آئوٽ ٿي وئي هئي ۽ پاڪستان جي پهرين اننگز ۾ 378 رنسن جي جواب ۾ رڳو 269 رنسون ٺاهي سگهي هئي.
پاڪستان ٽيم پنهنجي ٻي اننگز 109 رنسن جي سرسي سان ڪئي، پر ٽئين ڏينهن جي پڄاڻيءَ کان اڳ ئي 167 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ۽ اهڙيءَ ريت ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 277 رنسن جو هدف مليو.
ڏکڻ آفريڪي ٽيم ٻي اننگز ۾ ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 51 رنسون ٺاهيون هيون، ڪپتان ايڊن مارڪرم 3 ۽ ويان ملڊر کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.