سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جو لاڏاڻو، مختلف اڳواڻن پاران تعزيت

ڪراچي/ڳڙهي ياسين (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جو سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني 72 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
آغا سراج دراني گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان فالج جي حملي سبب ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل هو، اڄ ڊاڪٽرن سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪئي آهي.
سراج دراني 5 آڪٽوبر 1953 تي آغا صدرالدين جي گهر ۾ جنم ورتو، هن 1971ع ۾ سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان ايل ايل بي ڪئي.
هن سياست جي شروعات 1985ع ۾ ڪئي پر ڪامياب نه ٿيو، جڏهن ته 1988ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي.
آغا سراج دراني سنڌ ڪابينا ۾ مڪاني ادارن جو وزير رهيو ۽ سنڌ اسيمبلي جو ٻه ڀيرا اسپيڪر پڻ رهيو.
آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جي مضبوطي ۽ جمهوريت جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هو موجوده صدر آصف علي زرداري جي ويجهن ساٿين مان هو ۽ ”آصف زرداري آزادي ڪميٽي“ جو سرگرم اڳواڻ رهيو.
سندس لاڏاڻي تي صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سينيئر وزير شرجيل ميمڻ طرفان به آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آغا سراج دراني پيپلز پارٽي جو سچو، وفادار ۽ اصول پسند اڳواڻ هو.
اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جو مڙهه ڪراچي کان اباڻي ڳوٺ ڳڙهي ياسين روانو ڪيو ويو آهي، جتي سندس تدفين ڳڙهي ياسين ويجهو اباڻي قبرستان ۾ ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.