افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جا اسپن هولدڪ ۾ چئن هنڌن تي حملا، 20 طالبان مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج اسپن بولدڪ ۾ افغان طالبان ۽ فنته الخوارج جي حملن کي ناڪام بڻائيندي 20 طالبان کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج طرفان بلوچستان جي علائقي اسپن بولدڪ ۾ 4 هنڌن تي حملا ڪيا ويا،پر پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي افغان طالبان کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پاڪ فوج جي ڪارروائي ۾ 15 کان 20 افغان به مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جا دهشتگرد ڳوٺن ۽ معصوم ماڻهن کي ڍال طور استعمال ڪري رهيا آهن، افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاڪ-افغان دوستي گيٽ کي پنهنجي پاسي کان اڏائي ڇڏيو، اهو عمل سندن تجارتي ۽ قبائلي لاڳاپن بابت بي سمجهيءَ واري سوچ ظاهر ڪري ٿو.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ اڃا ڇڪتاڻ ۽ غير يقيني واري صورتحال ٻڌائي پئي وڃي، اطلاعن آهن ته فتنه الخوارج ۽ طالبان وڌيڪ حملن جي تياري ۾ آهن ۽ اِهو حملو اسپن بولدڪ تائين محدود نه هو پر هڪ وسيع منصوبي جو حصو هو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج فتنه الخوارج ۽ افغان طالبان طرفان گذريل رات ڪرم سيڪٽر تي ڪيل حملي جي ڪوشش به ناڪام بڻائي، جوابي حملي ۾ افغان طالبان جون 8 پوسٽون، 6 ٽينڪ عملي سميت تباهه ڪيا ويا ۽ 25 کان 30 طالبان ۽ فنته الخوارج جي ويڙهاڪن جي مارجڻ جا اطلاع آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، اِهو چوڻ ته حملو پاڪستان شروع ڪيو، سراسر ڪوڙي ۽ بي بنياد دعويٰ آهي، طالبان حڪومت جون ڪوڙيون دعوائون معمولي حقيقتن سان به غلط ثابت ڪري سگهجن ٿيون.
آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستاني هٿياربند فوجون ملڪ جي خودمختياري جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن، پاڪستان تي ڪنهن به اڳرائيءَ جو ڀرپور ۽ اثرائتو جواب ڏنو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.