ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) کروهي واري علائقي ۾ 5 عورتن کي ڪارنهن الزام ڏئي جرڳا ڪرڻ واري مامري جي 17 جرڳائين مٿان ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪيس ۾ شامل ماڻهن پاران شڪايتون ۽ دانهون ڪيون ويون ته کين جرڳن جي ڪيس ۾ ناحق ڦاسايو ويو آهي جنهن جي جاچ ڪرائي وڃي. اهڙين شڪايتن بعد ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران نوٽيس وٺندي معاملي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي گھوٽڪي انور شيخ جي اڳواڻي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي. جاچ ڪاميٽي ڊي ايس پي گھوٽڪي انور شيخ ۽ ڪمپلينٽ سيل انچارج افتخار آرائين جي اڳواڻي ۾ کروهي پهچي مختلف ڌرين کان بيان ورتا. جاچ ڪميٽي جي سربراهه ڊي ايس پي گهوٽڪي انور شيخ چيو ته جاچ دوران ماڻهن شڪايتون ڪيون آهن ته ايس ايڇ او يارولنڊ رشوت عيوض بيگناھ ماڻهن کي ڪارڪاري جرڳي ڪيس ۾ ڦاسايو آهي هڪ عورت 5 سال اڳ عدالت مان طلاق ورتي ان جو نالو به ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي جاچ رپورٽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي پيش ڪئي ويندي. ذريعن موجب ڳوٺاڻن شڪايتون ڪيون ته ايس ايڇ او يارو لنڊ رياض ڪورائي رشوت نه ملڻ ڪري کين ناحق جرڳي ڪيس ۾ ڦاسائي نامزد ڪيو آهي. هوڏانهن ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارو ڪاري جرڳن جو اهم ڪيس آهي جنهن ۾ 17 جوابدار نامزد آهن مختلف شڪايتن سبب جاچ ڪاميٽي جوڙي آهي جاچ ڪاميٽي متاثر عورتن سميت مختلف ماڻهن سان ملاقاتون ڪري رپورٽ پيش ڪندي، ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيندي حقي جوابدارن کي چالان ڪيو ويندو. هن چيو ته عورتن کي ڪاروڪاري قرار ڏئي جرڳا ڪري ڪچي پرڻايو ويندو آهي ڪاروڪاري جرڳن ۾ ملوث جوابدارن کي بخش نه ڪنداسين. هن چيو ته ملوث ماڻهن کي اسان ڪا رعايت نٿا ڏئي سگهون اسان ڪيس ۾ کين چالان ڪنداسين اڳتي عدالت سڳوري جيڪو فيصلو ڪندي. ڪيس ۾ ڄاڻايل عورتن جا پڻ بيان ورتا ويندا.
-
ايس ايڇ او کي عورتن خلاف گٿا لفظ نه ڳالهائڻ گهرجن ها: ايس ايس پي
ميرپورماٿيلو: ايس ايڇ او يارو لنڊ رياض ڪورائي پاران جرڳن ڪيس دوران عورتن بابت گٿا لفظ ڳالهائڻ واري معاملي تي ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران چيو ته عورت احترام لائق آهي اسان کي عورت بابت گٿا لفظ ڳالهائڻ نه گهرجن. اسان کي پنهنجي علائقائي ٻولي سنڌي ۾ ڳالهائڻ گهرجي. ايف آءِ آر به سنڌي ۾ داخل ٿئي ٿي علائقائي ماڻهو ٻولي به سنڌي سمجهن ٿا ان ڪري خاص طور حساس معاملن تي اهڙي ٻولي نه ڳالهائڻ گهرجي. ايس ايس پي گهوٽڪي چيو ته ايس ايڇ او يارو لنڊ مٿان شڪايتون ثابت ٿيون ته سخت ايڪشن ٿيندو .
-
مانڌل شر جي پٽن خلاف جرڳن بابت واويلا ڪئي پئي وڃي: سنڌ هاري ڪميٽي
حيدرآباد( پ ر) ڪامريڊ مانڌل شر ڪارو ڪاري جي رسم ۽ ان تي فيصلن ۾ چٽي جي خلاف ڀرپور جدوجهد ڪري ان مڪروهه ڌنڌي کي بند ڪرايو. ھاڻي ڪجھ وڏيرپ جا شوڪين ان ڪڌي ڪم کي ٻيھر جيارڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. اھي ڳالھيون سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر، جوائنٽ سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال ۽ مرڪزي ڪاميٽي جي ميمبر ڪامريڊ ڪٽو شر پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيون آهن. انھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ھاري ڪاميٽي آئنده به ان وڏيرڪي ڌنڌي جي خلاف ڀرپور جدوجهد جاري رکندي. پر پوليس ۽ وڏيرن جا واٺا سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ مانڌل شر جي پٽ نويد مانڌل شر، سنڌ ھاري ڪاميٽي جي ساٿين روشن شر ۽ ٻين ڪارڪنن تي پريس ۾ ڪوڙيون خبرون ھلرائي انهن کي ڪارو ڪاري جي فيصلن ۾ ملوث ڏيکارڻ جي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رھيا آھن. سنڌ ھاري ڪاميٽي انھن الزامن کي سختي سان رد ۽ مذمت ڪري ٿي.
-
سردارن رياست اندر پنھنجي الڳ رياست ٺاھي ڇڏي آھي
حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز، ماهه نور ملاح، حسنه راهوجو ۽ پرهه سومرو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي جاگيردار نواز سرڪار اغوا انڊسٽري کانپوءِ هاڻ ڪارو ڪاري کي به منافعي بخش ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي، جرڳا ڪري ڪاري ڪري عورتن کي قتل ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي، هنن چيو ته سنڌ ايپيڪس ڪميٽي عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي قبائلي سردارن کي جرڳن جا اختيار ڏئي سنڌ ۾ آئين ۽ قانون کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
-
ٻن ڏينهن ۾ انڪوائري رپورٽ تيار ڪنداسين: ڊي ايس پي گهوٽڪي
ميرپورماٿيلو: ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي جي سربراهه ڊي ايس پي گھوٽڪي انور شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کروهي پهچي مختلف ماڻهن جا بيان ورتا آهن جاچ دوران شڪ پيدا ٿيا آهن هڪ عورت جنهن 5 سال اڳ عدالت مان طلاق ورتي ان جو نالو به ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ماڻهن ايس ايڇ او يارو لنڊ خلاف پڻ شڪايتون ڪيون ته هن رشوت عيوض بيڏوهي ماڻهن کي ڪارڪاري جرڳي ڪيس ۾ ڦاسايو آهي. هن چيو ته اسان مختلف ماڻهن جا بيان وٺي رهيا آهيون هڪ ٻن ڏينهن ۾ انڪوائري مڪمل ٿي ويندي. سموري رپورٽ ٺاهي ايس ايس پي گهوٽڪي حوالي ڪنداسين.
-
ضمانت ڪرائي آيل سميت شر برادري جي ماڻهن جون شڪايتون
ميرپورماٿيلو : ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي کروهي پهتي جتي ضمانت ڪرائي آيل روشن شر سميت شر برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ پهتا ۽ جرڳي ڪيس ۾ بيگناهه ماڻهن کي ڦاسائڻ جون شڪايتون ڪيون. جاچ ڪاميٽي سربراهه ڊي ايس پي انور شيخ کين چيو ته ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي. ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل روشن شر، رهڙ شر، احمد خان شر، سهتو، سچل، الهڏوايو سميت ٻيا جاچ ٽيم وٽ پهتا. هنن چيو ته جرڳن سان اسانجو ڪو تعلق ناهي معزز گهراڻي سان تعلق آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.