سنڌ جي مڙني شهرن ۾ منشيات جو وڪرو ۽ واهپو ايتري قدر وڌي ويو آهي، جو منشيات جا عادي ماڻهو جن ۾ نوجوان ۽ شاگرد به شامل آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن نوعيت جي نشي آور شئيءَ واپرائيندي نظر ايندا آهن. اهي ماڻهو اڪثر هوٽلن تي ويهي نشو پتو ڪندا رهندا آهن ان لاءِ ِ ڪيترائي هوٽل ”مئخانا“ بڻجي ويا آهن. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته ظاهري طور هوٽل هلائيندڙ لڪ چپ ۾ منشيات جو وڪرو به ڪندا آهن. جيڪي پنهنجي مخصوص گراهڪن کي گهربل نشي آور شيءَ جهڙوڪ ٺرو چرس آفيم شراب وغيره ڏيندا آهن . منشيات فروش ايتري قدر بااثر هجن ٿا جو هوٽلن ۾ ويهي سرعام نشو واپرائيندڙن کي پوليس به ڪجهه چوڻ جي جرئت نٿي ڪري.
آساني سان هر هنڌ دستياب هجڻ سبب منشيات جي عادي ماڻهن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جنهن سبب هڪ پاسي انساني زندگيون ۽ ڪٽنب تباهه ٿي رهيا آهن ته ٻئي پاسي وري چورين، ڦرن، ڌاڙن ۽ بدامني ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. تازو سڪرنڊ ۾ پيش آيل هڪ ڏکوئيندڙ واقعي ۾ پڻ ڇهه انساني زندگيون موت جي منهن ۾ هليون ويون آهن. جيڪو هڪ وڏو سانحو آهي ڇاڪاڻ ته انساني زندگي جو ڪو به ملهه ناهي هوندو ۽ نه ئي ان نقصان جو ڪو ازالو ممڪن هجي ٿو. ڇو ته هڪ زندگي سان ڪيئي زندگيون جڙيل هونديون آهن، جڏهن هڪ زندگي جو خاتمو ڪيو ويندو آهي ته ٻيون زندگيون سخت متاثر ٿينديون آهن اهي اهڙي طرح وکري وينديون آهن جن کي پاڻ کي سنڀالڻ ۾ وڏو وقت لڳي ويندو آهي.
سنڌ ۾ رڳو امن امان جي صورتحال خراب ناهي پر بدانتظامي سبب ماڻهو انيڪ مسئلن ۽ مصيبتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هر هنڌ وک وک تي جوا، منشيات، فحاشي توڙي غير قانوني اسلحي جا اڏا هلندڙ آهن. جيڪي سنڌي سماج تي پنهنجا منفي اثر ڇڏي ان کي سخت متاثر ڪري رهيا آهن. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهن شين جي روڪٿام لاءِ باقاعده ادارا قائم ٿيل آهي، جن جي ملازمن کي پگهارن جي مد ۾ ڪروڙين رپيا سرڪاري خزاني مان جاري ڪيا وڃن ٿا، پر پنهنجيون ذميداريون نڀائڻ ۾ ناڪام ڇو ٿي رهيا آهن؟ انهن جي ڪارڪردگي ٻڙي هجڻ تي کانئن پڇاڻو ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ ڇا اها قانونيت ۽ ادارن جي ناڪامي ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ جڏهن ملڪي ادارا ناڪام ٿي ويندا آهن ۽ رياستي رٽ ڪمزور ٿيڻ لڳندي آهي ته ملڪ ۾ لاقانونيت ۽ جهنگ جو راڄ قائم ٿي ويندو آهي، اتي صرف اهي ئي ماڻهو پنهنجو وجود بچائي سگهندا آهن جيڪي طاقتور هوندا آهن باقي ڪمزور ماڻهن جو زندهه رهڻ تمام گهڻو ڏکيو بڻجي ويندو آهي. ۽ اهڙي ئي بدترين ۽ غير يقيني واري صورتحال مان سنڌ جا ماڻهو گذري رهيا آهن.
سڪرنڊ ۾ تازو پيش آيل واقعو ڪو پهريون واقعو ناهي، جنهن تي لاڳاپيل ادارن کي بري الذمه قرار ڏنو وڃي، جڏهن ته ان کان پهريان ٽنڊو آدم، بدين، مورو، سيوهڻ، اوٻاوڙو ، مريد شاخ، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ پڻ پيش اچي چڪا آهن، ٽنڊو آدم ۾ ته زهريلو ٺرو وپرائڻ سبب ڪيئي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا. سندن موت جي ذميدارن کي ڪابه قانوني طور سزا اچي ناهي سگهي. معلوم ٿيو آهي ته اتي ڪچي ٺري جو اڄ به وڪرو هلندڙ آهي. ايڏي وڏي انساني جانين جي نقصان کانپوءِ به آخر لاڳاپيل ادارا منشيات جو وڪرو بند ڪرائي ڇو ٿا سگهن.؟
سنڌ حڪومت پاران منشيات جي خلاف مهم هلائي پئي وڃي، جنهن دوران ڪٿي ڪٿي منشيات فروشن جي خلاف ڪارروايون پڻ ڪيون ويون آهن، پر منشيات فروشن جي خلاف پوليس جي ڪاررواين جي باوجود به اتي منشيات جو وڪرو مڪمل طور تي بند ٿي ناهي سگهيو. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت کي صوبائي سطح تي منشيات خلاف سگهاري مهم هلائڻ گهرجي ته جيئن سنڌ ۾ وڌندڙ منشيات جو وڪرو ۽ واهپو مڪمل طور تي بند ٿي سگهي.
سالن کان جاري سنڌي ماڻهن خلاف ڌارين جو ڏاڍ رڪجي ته ناهي سگهيو پر ڏينهون ڏينهن ان ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، بدمست ڌاريا جيڪي نه رڳو سنڌ جي امن جي تباهي جا ذميوار آهن پر اهي منشيات فروشي، اسلحي جي اسمگلنگ سميت ٻين غير قانوني ۽ تخريبي سرگرمين ۾ پڻ ملوث ڏٺا ويا آهن.جن جي هٿان هن وقت تائين ڪيترائي سنڌي نوجوان قتل ٿي چڪا آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ گهگهر ڦاٽڪ ڪراچي جي ويجهو ڳوٺ مراد کوسو جي رهواسين تي غير مقامي ڏنڊا بردار ماڻهن حملو ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي رتو رت ڪري ڇڏيو هو، ۽ ڪالهه گلشن حديد ۾ لڳندڙ اربع بازار ۾ هڪ پورهيت زاهد ميراڻي کي ڌارين ان ڳالهه تي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي ته اهو ان هفتيوار بازار ۾ پاٿارو لڳائي پنهنجي ٻچن جي روزي ڇو ٿو ڪري. ۽ اهڙي طرح ڪالهه گڊو شهر ۾ پڻ اهڙو واقعو رپورٽ ٿيو آهي، سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل نوجوان اديب ۽ پرائمري استاد شڪسته مزاري هڪ پٺاڻ دوڪاندار کان گهر جو سوڌو سامان وٺي رهيو هو ته حساب جي معاملي تي دوڪاندار مڇرجي پنهنجي ملازمن سميت مٿس تشدد ڪري کيس ڌڪا ڏئي دڪان مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جڏهن هُن پاڻ سان ٿيندڙ ڏاڍائي جي دانهن گڊو ٿاڻي تي کڻي ويو ته پوليس کانئس فرياد نه ئي ورتي.
سنڌ ۾ رهندڙ ڌاريا ڪيڏا نه طاقتور ٿي ويا آهن، جو اهي معمولي ڳالهه تي به ڌرتي ڌڻين کي قتل ڪرڻ کان به نٿا ڪيٻائين ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ئي شهرن ۾ پنهنجي ٻچڙن جو روزگار ڪرڻ نٿا ڏين، جيتوڻيڪ سنڌ پنهنجي طويل تاريخ ۾ ڪيترائي غلامي جا دور ڏٺا، پر جيترو ڌرتي ڌڻين تي ڌارين جو ظلم ۽ ڏاڍ موجوده دور ۾ آهي، ان جو مثال شايد ئي تاريخ ۾ ملي سگهي. سوال اهو آهي ته سنڌي ماڻهن تي ڌارين جا وڌندڙ حملا آخر ڪڏهن ختم ٿيندا ان معاملي ۾ سنڌ حڪومت ۽ سياسي ڌرين وٽ ڪهڙي حڪمت عملي آهي جنهن سان سنڌي ماڻهن جو تحفظ يقيني بڻجي سگهي.