ھن وقت اسان جو ملڪ ھڪ وڏي ڪرپشن ۽ سياسي بحران جي ور چڙھي انتھائي خراب موڙ تي بيٺل آھي گھڻي وقت کان ميرٽ جي ھڪ طرف کلي لتاڙ ٿي رھي آھي ۽ ٻئي پاسي ھر ڪم رشوت کان سواءِ نٿو ٿئي وري جيڪڏھن ترقياتي ڪمن کي ڏسنداسين ته انھن تي ڪرپشن جي ڀرمار ھجن سبب انھن تي رقم خرچ نٿي ٿئي اھو به ھڪ وڏو الميو آھي هونئن ته سڄو ملڪ ڪرپٽ سياستدانن جي ڪري ڀوڳي ٿو پر خاص ڪري سنڌ ۾ سواءِ ڪجھه علاقن جي ترقياتي ڪمن تي مذاق لڳو پيو ھوندو آھي اصل انھن ڪمن جو ٺيڪيدار سياسي ڀوتار پاڻ ھوندا آھن پر فرضي ماڻھن جي نالي تي اھي ڪمن جا ٺيڪا کنيا وڃن ٿا جتي غير مياري ڪم ٿيڻ ڪري اھي روڊ رستا اکڙي وڃن ٿا اھوئي سبب آھي صوبي جو تقريبن سڄو انفرا اسٽروڪچر تباهه برباد لڳو پيو آھي سائيڊ تي فقط ويهھ سيڪڙو ڪم وڏي مشڪل سان ٿيندو آھي باقي رقم ڪميشن ۽ ڪرپشن جي ور چڙھي ويندي آھي ڇو ته ڪم ڪندڙ ڪرائيندڙ انجنيئر اورسيز داروغي سميت ان وھندي گنگا مان ھٿ ڌوئين ٿا وري اجتماعي رشوت جي رجحان کي ڏسنداسين ته سنڌ جي تقريبن آفيسن ۾ رشوت کان سواءِ ڪو به ڪم ٿيڻ وڏو مسئلو آھي سياسي ڀوتار به ان مسئلي تي خاموش تماشائي بڻيل بيوس لڳندا رھندا آھن.
اسان جون سياسي ڌريون ھر چونڊ مھم وقت علاقي يا ملڪ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وڏيون دعوائون ڪنديون رھن ٿيون پر اھي واعدا صرف واعدا ئي رهجي ويندا آھن .
سياسي نظام مجموعي طور تي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت يا سھاري تي تَڳندو آھي جيڪو سياسي ۽ جمهوري بندوبست اسان کي نظر اچي ٿو اهو به ڪنھن جي رحم ڪرم تي ڪنھن جي سهولت سان جڙيل آهي اھو به ھاڻ ھر ماڻھو سمجھي ٿو اهو ئي سبب آهي جو حڪومت پنھنجي محسنن کي سمجهي ٿي ۽ محسن به حڪومت کي پنهنجي بقا جو رستو سمجھن ٿا پر سياست ايتري ته ڪمزور ٿي وئي آھي جو هن پاور پالٽڪس ڊرامي ۾ اسان پنهنجي سياسي مخالفن کي ڀت سان لڳايو آهي . ماضي وانگر هن راند ۾ به سياسي مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ڇو ته ھتي هڪ جمهوري نظام هڪ ڪنٽرولڊ يا هائبرڊ سياسي نظام جي طور تي موجود آهي جتي طاقت جو مرڪز پس منظر قوتن ۽ فيصلا سازي جي ريموٽ ڪنٽرول سان هوندو آهي رياست ۽ حڪومت جي حڪمت عملي سياسي حڪمت عملي ناهي پر سياسي مسئلن جي حل لاءِ طاقت جو استعمال آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سياست تي سياسي اختلافن بدران سياسي رقابت جو غلبو آهي ۽ اسان پنهنجي سياسي مخالفن کي طاقت ذريعي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. مفاهمت جي سياست ۾ جبر جي بنياد تي هڪ ٻئي تي پنهنجي ايجنڊا مسلط ڪرڻ سياسي ۽ غير سياسي قوتن جي ترجيحن جو حصو بڻجي وڃن ٿا انساني حقن ۽ سياسي ۽ جمهوري حقن جي لتاڙ زور زبردستيءَ سان ڪيو پيو وڃي. اظهار راءِ جي آزادي تي ڪيترائي سواليا نشان آهن ۽ مختلف قانونن جي مدد سان راءِ جي اظهار تي مختلف قسن جو دٻاءُ آهي ملڪ ۾ ڊجيٽل ميڊيا تي تمام گهڻيون پابنديون لڳل آهن ۽ جيڪو به رياست ۽ حڪومتي نظام تي متبادل آواز اٿاري ٿو، ان کي مختلف حربا استعمال ڪري خوفزده ڪيو پيو وڃي.
ملڪ جون اندروني حالتون تيزي سان خراب ٿي رھيون آهن سياسي، جمهوري يا آئيني ۽ قانوني مسئلن سميت سيڪيورٽي ۽ گوڊ گورننس جي بحران سڄي رياستي نظام جي ساک تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي لڳي ٿو ته اسان ماضيءَ جي غلطين مان ڪجھه به سکڻ لاءِ تيار نه آهيون.
اسان جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ ان بنياد تي اڳتي وڌڻ جو عزم ڪيو آهي ته پوءِ هي رياست ۽ حڪومت جو نظام پنهنجي ساک وڃائي ويهندو اهو عمل سياسي ورهاڱي ۽ سياسي دشمنيءَ جي راند کي وڌيڪ داغدار ڪندو، جنهن جي ذميواري رياست ۽ حڪومت ٻنهي کي برداشت ڪرڻي پوندي. اسان کي ماضي جي تجربن مان سبق سکڻ گهرجي ته ڪنهن به سياسي پارٽي کي طاقت ۽ انتقام جي زور تي تباه نٿو ڪري سگهجي ۽ سياسي قيادت کي گهرجي ته ان کي سياسي ۽ جمهوري عمل ۽ سياسي نظام جي اندران ڪمزور ۽ ختم ڪرڻ جو رستو ڳولين ڇو ته جبر جي بنياد تي ٿيندڙ سياست خلاف اپوزيشن جون مهمون خود رياست ۽ جمهوري نظام کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون ان ڪري وقت ۽ حالتن کي مدنظر رکي ملڪي اسٽيڪ ھولڊر کي گھرجي ملڪ مان سڀ کان پھرين مفادن واري ڪرپٽ سياست جو خاتمو آڻين، جنهن سان ملڪ بهتري ڏانهن وڌڻ شروع ڪندو.
سياسي قيادت کي گهرجي ته ان کي سياسي ۽ جمهوري عمل ۽ سياسي نظام جي اندران ڪمزور ۽ ختم ڪرڻ جو رستو ڳولين ڇو ته جبر جي بنياد تي ٿيندڙ سياست خلاف اپوزيشن جون مهمون خود رياست ۽ جمهوري نظام کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون ان ڪري وقت ۽ حالتن کي مدنظر رکي ملڪي اسٽيڪ ھولڊر کي گھرجي ملڪ مان سڀ کان پھرين مفادن واري ڪرپٽ سياست جو خاتمو آڻين، جنهن سان ملڪ بهتري ڏانهن وڌڻ شروع ڪندو.