غيرقانوني افغاني سنڌ سميت ملڪي وسيلن ۽ زمين تي بار آهن:اياز پليجو

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته غير قانوني افغانين کي تحفظ ڏيڻ وارا ملڪ ۽ سنڌ جا دشمن آهن. هن مطالبو ڪيو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت سڄي سنڌ مان انهن کي نيڪالي ڏئي واپس افغانستان موڪليو وڃي. پليجي چيو ته غير قانوني افغاني منشيات، هٿيارن ۽ ڏوهن ۾ ملوث آهن ۽ سنڌ ۽ ملڪ جي وسيلن تي بار بڻجي ويا آهن. هن زور ڏنو ته سمورن غير قانوني پرڏيهي ماڻهن کي ملڪ مان ٻاهر ڪيو وڃي، ڪو به انتظامي عملدار افغانين کي تحفظ ڏئي ته ان کي گرفتار ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.