ٺارو شاهه ۾ اڄڻ برادري ۾ زميني تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل

ٺارو شاهه (رپورٽ: تنوير قريشي) ٺاروشاه ويجهو ڳوٺ خير محمد ڪنڊاڻي اڄڻ ۾ پلاٽ جي ماپ تان ٻن ڀائرن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران نوجوان سچل اڄڻ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيو ۽ بعد ۾ فوت ٿيويو. زخمي کي ٺاروشاهه اسپتال کان ضلعي اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ويو. سندس پيءُ محمد بچل اڄڻ جي فرياد تي پنج ڄڻن، ساجن، اختر، منصور اڄڻ خلاف ڪيس داخل قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو. ايس ايچ او ٺاروشاه وڪيل جعفري موجب، واقعو ڀت کڻڻ تان پيش آيو ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.