ڪراچي: صدر جي علائقي مان 2 ڀينرون گم، اغوا جو ڪيس داخل

ڪراچي(رپورٽر) صدر عبدالله هارون روڊ تان ٻه ڀينرون ڳجهي نموني غائب ٿي ويون،پريڊي پوليس طرفان مبينا اغوا جو ڪيس اسڪول جي استاد سلطان جي خلاف داخل ڪيو ويو،والد محمد عظيم موجب سندس رهائش عبدالله هارون روڊ، الله واري ڪالوني ڪچي آبادي ۾ آهي عظيم موجب 15 سالن جي آمنه ۽ 7 سالن جي عائشه ڇنڇر ڏينهن گهر جي ڀرسان مدرسي پڙهڻ ويون هيون، پر واپس نه موٽيون،ايف آءِ آر جي متن موجب جاچ دوران معلوم ٿيو ته اسڪول ٽيچر سلطان پنهنجي ڪار ۾ ٻارن کي پاڻ سان وٺي ويو هوٻنهي نياڻين جي غائب ٿيڻ کان پوءِ ٽيچر سلطان جو موبائل فون بند آهي،پوليس موجب ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ ٻارن جي تلاش شروع ڪئي وئي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.