اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ پيغام ڏنو ويو آهي ته فيض حميد جي معاملن کان اسان جي جان چٽڻ واري ناهي، فيض حميد جي ڪري اسان ڦاسي ويا آهيون. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هن جي ڪري اسان کي ڪو به فائدو ناهي ٿيو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت جو چوڻ آهي ته آءِ ايس پي آر جي پريس رليز پيغام ڏنو آهي ته جنرل (ر) فيض حميد جي ڳالهين کان اسان جي جان نه ڇٽندي، فيض حميد اسان لاءِ ايترو ئي نقصانڪار هو جيترو جنرل باجوه هو، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته فيض حميد جي ويجهو اچڻ سبب حڪومتي تبديلي ۾ به قيمت ادا ڪرڻي پئي. هن چيو ته اسان اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل (ر) فيض حميد جي ڪري ڦاسي ويا آهيون. ان جي ڪري اسان کي ڪو به فائدو نه پهتو. هن چيو ته پي ٽي آءِ لاءِ نئون ۽ سنگين مسئلو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن ڪو ثبوت هو ته 9 مئي کان پوءِ فوري طور تي سامهون آڻڻ ضروري هو.