لاهور(م ڊ)قومي احتساب بيورو (نيب) پاڪ عرب هائوسنگ اسڪيم ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪيس جي جاچ دوران اڳوڻي سينيٽر وقار احمد خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ڊان نيوز جي رپورٽ موجب اڳوڻي سينيٽر وقار احمد خان کي خانگي هائوسنگ اسڪينڊل ۾ 6 ارب رپين جي فراڊ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جوابدار وقار احمد خان جي هڪ ڏينهن جي حفاظتي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي،ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي جوابدار چيو ته منهنجو فراڊ سان ڪو به تعلق ناهي، مون پاڻ کي نيب آڏو پيش ڪيو آهي.