اڄ سڄيءَ دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. جيتوڻيڪ سال جي 365 ڏينهن منجھان هر ڏينهن ۽ ان جو هر لمحو هر انسان کي، انساني حقن جي مڪمّل فراهميءَ جي عملي اظهار طور ملهايو وڃڻ گھرجي. گڏيل قومن (اقوامِ متحده) پاران انساني حقن جي مقرر ڪيل وصف مُوجب هر انسان کي ڄمندي ئي موروثي طور تي، قوميت، جنس، شهريت، نسل، رنگ، مذهب، ٻوليءَ سميت ڪنهن به ٻئيءَ مَت ڀيد کانسواءِ هيٺيان حق حاصل هجڻ گھرجن، جيڪي کيس ڪنهن به رياست يا حڪومت طرفان ناهن مليل، پر آفاقي ۽ فطري طور مليل اٿس. انساني حقن جي عالمي پڌرنامي (UDHR) موجب انهن بنيادي انساني حقن ۾ (1) آزاديءَ سان جيئڻ جو حق (2) غلاميءَ ۽ تشدد کان آجپو (3) پنهنجي راءِ رکڻ ۽ ان جي اظهار جي آزادي (4) روزگار ڪرڻ ۽ تعليم جي حاصلات جي آزادي (5) سماجي تحفظ جو حق ۽ مناسب معيار واري زندگي گھارڻ جو حق (6) ڪٿي به گڏ ٿيڻ، گڏجاڻي ڪرڻ ۽ سماجي واسطا رکڻ جو حق (7) پنهنجي پنهنجي ملڪ جي سرڪار ۾ حصيداريءَ جو حق (8) آزاد ۽ غير جانبدار ٽريبيُونل اڳيان منصفاڻي ٽرائل جو حق ۽ (9) بنا ڏوهه گرفتاريءَ ۽ جلاوطنيءَ کان بچاءَ جو حق (ته ڪنهن به شهريءَ کي رڳو ڪنهن جي پسند يا ناپسند تحت گرفتار، نظربند يا جلاوطن نه ڪيو ويندو) شامل آهن.
دي گلوبل اڪانومي“ نالي اداري جي تحقيق موجب، انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ دنيا جي 10 سرِفهرست ملڪن ۾ ترتيبوار ايران، برما، چين، لبيا، رُوس، اُتر ڪوريا، سُوڊان، يمن، هيٽي ۽ جمهوريه ڪانگو شامل آهن. جڏهن ته ”بنگهيمٽن يونيورسٽي“ (اسٽيٽ يُونيورسٽي آف نيُويارڪ) جِي تحقيق موجب، انساني حقن جي پاسداري ڪندڙ دنيا جي 10 سرِفهرست ملڪن ۾ ترتيبوار ڪينيڊا، سوئيڊن، نيوزيلينڊ، ناروي، پُرتگال، ڊينمارڪ، آئرلينڊ، فِن لينڊ، نِيڌَرلينڊز ۽ ليگزمبرگ شامل آهن.
انساني حقن جي ڀڃڪڙي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هڪ لڳاتار مسئلو آهي. هُو ڏسو ايٿوپيا، جتي سڄي ملڪ ۾، خاص طور تي ”ٽگاري“ علائقي ۾ جاري تڪرار جي نتيجي ۾ جنگي ڏوهن ۽ انسانيت سوز واقعن سميت انساني حقن جي شديد ڀڃڪڙي معمول بڻجي چُڪي آهي. جتي معصومن تي جاري جنسي ڏاڍايُن، تشدد ۽ جبري گمشدگين جي ڀيانڪ واقعن سبب ملڪ جي صورتحال بيحد ڳڻتيءَ جوڳي آهي. پريان ”بُـرُونڊي“ نالي ٻيو افريڪي ملڪ ڏسو، جتان جي ڪمزور ادارن، رهنمائيءَ جي اڻاٺِ ۽ انتظامي مداخلت، بِنا جواز گرفتارين، تشدد ۽ اظهار جي آزاديءَ تي پابندين سبب، ملڪ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو مرڪز بڻيل آهي. هوڏانهن يُوڪرين ۾ جاري تڪرار جي نتيجي ۾ جنگي ڏوهن، تشدد ۽ جبري گمشدگي هاڻي نئين ڳالهه ناهي رهي. جتي جاري ويڙهه ۾ عام بيگناهه شهرين جي موت سبب امن امان جي صورتحال انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ته بيلارُوس ۾ (جنهن جو پرڌان منتري تازو ئي اسان جي وزيرِاعظم سان گرمجوشيءَ وارا ڀاڪُرَ پائي ويو آهي) ۾ سِول سوسائٽيءَ خلاف ڪيل تازي ڪريڪ ڊائون سبب، اتان جي سرڪار جي مرضيءَ تي گرفتارين، تشدد ۽ اظهار جي آزاديءَ تي پابنديون عالمي سطح تي رپورٽ ٿي رهيون آهن ۽ حڪومت تي مخالف ڌر جي ڪارڪنن خلاف انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا الزام به لڳايا ويا آهن. ته هوڏانهن پيُوٽن جو ديس ــ روسُ، يوڪرين جنگ جي حوالي سان جنگي ڏوهن، تشدد ۽ جبري گمشدگين سميت اظهار جي آزاديءَ ۽ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندين جي ڏس ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اهم ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
اسان جيڪڏهن ٻي دنيا وساري پنهنجي پياري پاڪستان جو ئي ذڪر ڪريون ته، پاڪستان جو انساني حقن جو ريڪارڊ پڻ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو آهي. اسان جو ملڪ به انساني حقن جي ڪيترن ئي خلاف وَرزين جو شڪار آهي، جن ۾ جبري گمشدگيون، عدالت کان مٿانهان قتلَ ۽ بي ڏوهين تي تشدد جهڙا ڏوهه شامل آهن. پاڪستان کي هن وقت انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جي حوالي سان جن سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، تن ۾ هيٺيان مسئلا عالمي سطح تي منظرِ عام تي آيا آهن، جن کي بين الاقوامي ميڊيا ڳنڀير مسئلن طور پنهنجي ڪوريج ۾ جاءِ پڻ ڏني آهي:
اظهار ۽ پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ جي آزادي: اسان جي حڪومت تي مسلسل تنقيد ٿي رهي آهي، ته عوام جي راءِ جي اظهار ۽ پاڻ ۾ ڪٿي به گڏجڻ جي آزاديءَ تي زوريءَ پابنديون لڳايون وڃن ٿيون. ڪٿي به ڪا باشعور ڌُر ڪنهن به پُرامن احتجاج جي ڪال ڏئي ٿي ته ”جمهُوري سرڪار“ پاران زوريءَ 144 قلم لاڳو ڪري، عوام جي نمائنده باشعور فردن کي روڊن تي گِـهِلي گرفتار ڪيو وڃي ٿو. (جهڙا عملي مظاهرا ويجھڙ ۾ اوهان سڀني ڏٺا آهن.) صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن کي هِراسان ڪري، ڌمڪائي تشدد ۾ ڌوڪيو وڃي ٿو.
مذهبي آزادي: پاڪستان جي توهينِ رسالت جا قانون ويجھڙ ۾ عام جام مذهبي اقليتن کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا آهن.عورتن جا حق: عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف تشدد اسان جي ملڪ ۾ عام جام آهي، جن ۾ غيرت جي نالي تي قتل (ڪارو ڪاري)، ننڍيءَ عمر جي نياڻين کي ڏاڍائيءَ جو شڪار ڪري ماري ڦٽي ڪرڻ جهڙا لونءَ ڪانڊارينڊر واقعا ۽ گهريلو تشدد وغيره وڏي پئماني تي رپورٽ ٿي رهيا آهن.
ٻارن جا حق: ٻارن کان مزدوري ڪرائڻ، ننڍيءَ ۽ نابالغ عمر ۾ زوريءَ ڪرايلَ شاديون، ۽ ٻارن کي ڏني ويندڙ جسماني سزا، اسان جي ملڪ جا عام ڏوهه بڻجي چُڪا آهن. اسان جا لکين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن.پاڪستان ۾ ”وسَ وارا“ ته پنهنجي شهرين سان انساني حقن جي انهيءَ ڀڃڪڙيءَ جي بازار گرم ڪيو ويٺا آهن، پر عالمي برادريءَ پاڪستان جي انساني حقن جي ريڪارڊ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. يورپي پارليامينٽ جي انساني حقن بابت ذيلي ڪميٽيءَ پاڪستان تي زور ڀريو آهي، ته هُو انساني حقن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سڌارا ۽ قانون سازيءَ ۾ تبديليون ڪري. امريڪا پڻ پاڪستان جي انساني حقن جي ريڪارڊ تي (خاص ڪري اظهار جي آزادي ۽ مذهبي آزاديءَ جي حوالي سان) خَدشن جو اظهار ڪيو آهي. پر اهو ”صاحب بهادر“ امريڪا، جيڪو انساني حقن جو چيمپئن بڻجي، اسان کي پيو تلقين ڪري ته اسين انساني حقن جي مامري ۾ ”صراطِ مستقيم“ تي اچون، ان وٽ پاڻ وٽ انساني حقن جو ٻِٽو معيار هئڻ سبب ان جو انساني حقن تي عمل جو ريڪارڊ ڪافي پيچيده ۽ مشڪوڪ آهي.
بظاهر ته امريڪا ملڪي توڙي عالمي سطح تي، انساني حقن جي واڌاري ۽ تحفظ لاءِ دنيا کي ٻُڌائڻ لاءِ اهم پيش رفت ڪندو رهيو آهي، پر ان جي انسان دوست هجڻ جي حوالي سان اڃا به ڪئين خدشا ۽ چيلينجز موجود آهن، جن کي کيس حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن ۾ (1) نسلي مت ڀيد ۽ اڻ برابري (گورن جو ڪارن تي ڏاڍ، جيڪو امريڪا ۾ عام جام آهي) (2) پوليس جو عوام تي ظلم ۽ تشدد جو استعمال (3) اميگريشن ۽ بارڊر ڪنٽرول (4) سڄيءَ دنيا کي اظهار جي آزاديءَ جا ڀاشن ڏيندڙ جو پنهنجو اظهار جي آزاديءَ جو مشڪُوڪ ريڪارڊ ۽ (5) بندوق رستي دهشت تي ضابطو نه آڻي سگھڻ جهڙا معاملا شامل آهن. امريڪا ۾ بندوق جي ملڪيت ۽ بندوق سان لاڳاپيل تشدد جي لحاظ کان اڄ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ شرح موجود آهي. بندوق جي استعمال جي ڏس ۾ ضابطي جي قانونن ۾ نرميءَ سبب اتي بندوق رستي ڏاڍَ ۾ واڌارو ٿيو آهي. امريڪا ۾ رڳو سال 2022ع دؤران بندوق جي تشدد ۾ 80 هزارن کان مٿي ماڻهو مارجي ويا يا زخمي ٿيا. ٻيو ته ٺهيو پر خود اقوامِ متحده، جيڪو پنهنجي رڪن قومن وچ ۾ امن، سلامتيءَ ۽ سهڪار وڌائڻ ۽ منجھن انساني حقن جي حفاظت لاءِ قائم ڪيل ادارو آهي، ان تي به پنهنجين ميمبر قومن اندر جنسي استحصال ۽ بدسلوڪي نه روڪي سگھڻ، انساني حقن جِي ڀڃڪڙي ۽ بدانتظاميءَ بابت آواز اٿاريندڙن خلاف سخت گير روّيي، احتساب جي اڻاٺ، نسل پرستيءَ ۽ رنگ توڙي قوميت جي آڌار تي متڀيد ۽ گڏيل قومن جي انتظامي علائقن ۾ ٻين انساني حقن جي ڀڃڪڙين سميت انساني حقن جِي لتاڙَ جا مختلف الزام لڳندا رهن ٿا ۽ تنقيد ٿيندي رهي ٿي.
سال ۾ اڄوڪو هي هڪ ڏينهن گھٽ ۾ گھٽ انساني حقن جو استحصال ڪندڙ هر قوّت کي اهو جھٽڪو ڏيڻ لاءِ ڪارگر ضرور ثابت ٿيڻ گھرجي، جنهن سان اها قوّتَ پنهنجي ظلمن جو پَد جانچي ان ڳالهه جو احساس ۽ ادراڪ ڪري سگھي، ته هن گوناگون سرشٽيءَ جي ننڍڙي ڪهڪشان جي هڪ معمولي گرهَه تي رهندڙ سوا 8 ارب ماڻهن منجھان اها قوّتَ ڪيترن جا بنيادي حق غصب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار پئي ادا ڪري ۽ کيس انهن حق غصب ڪيل ماڻهن جا اهي بنيادي ۽ پيدائشي حق واپس ڏيڻ ۾ اڃا ڪيترو وقت لڳندو!؟