اسان دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن کان اڪثر ڪري بي خبر هوندا آهيون، پر دنيا ۾ جيڪي به تبديليون اچن ٿيون، ان جا سِڌي ۽ اڻ سڌي طرح اثر پاڪستان تي پڻ پون ٿا.اڄ کان ڏيڍ ڏهاڪي کان به ڪجهه سال اڳ دنيا ۾ مالياتي بحران سامهون آيو ۽ آمريڪا، يورپ ۽ ڪجهه ملڪن ۾ مارڪيٽون ويهجي ويون. دبئي ۾ پڻ ريئل اسٽيٽ وڃي پٽ پئي ۽ ڪيئي سيڙپڪار جايون ۽ آفيسون ڇڏي ڀڄي ويا. اُنهن ئي ڏينهن ۾ (2008-2007) ۾ عالمي طور تي کاڌ خوراڪ ۽ ٻارڻ (فيول) جون قيمتون پڻ چوٽ چڙهيون. اُن ئي عرصي ۾ ڏٺو ويو ته زرعي زمينن ۾ عالمي طور تي ڪافي وڏي سرمائيڪاري ڪئي وئي. اِهو ڪم ايترو تڪڙو ۽ وسيع هو جو عالمي ”زمين جو ڦٻائڻ“ جو اصطلاح سامهون آيو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ لينڊ گريبنگ چيو وڃي ٿو.
تحقيق ٻڌائي ٿي ته سرڪاري ۽ خانگي سيڙپڪار، هيج فنڊز، فرد ۽ ٻين گهاڙيٽن جي ذريعي خوراڪ، ناڻي ڪمائڻ وارا فصل (ڪئش ڪراپ) ۽ بايو فيول (حياتياتي ٻارڻ) جي پيداوار لاءِ وسيع ايراضيون حاصل ڪيون. ان طريقي سان ڌرتي سان جُڙيل مقامي ماڻهن، ايڪولاجي، چرند پرند ۽ فطري ماحول کي سڌي ۽ اڻ سڌي بيدخلي ڏسڻي پئي. جيتوڻيڪ اِهو بي دخليءَ جو عمل ڪو نئون نه هو! زمين تي مالڪي ۽ لاڀ لاءِ ڇڪتاڻ ”جيڪو عالمي اُتر (گلوبل نارٿ) ۽ عالمي ڏکڻ (گلوبل ساؤٿ) ۾ ڏسڻ ۾ آيو، سو حقيقت ۾ نو آبادياتي، سامراجيت ۽ رياستي جوڙجڪ سان لاڳاپيل آهي. ان دؤر ۾ ئي سول سوسائٽي ۽ ڪجهه سڄاڻ ادارن زمينن کي ڦٻائڻ جي ان عالمي مهم تي تحقيق، احتجاج ۽ ابلاغي ڄاڻ ۽ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ان ۾ گرين (Grain) لينڊ ڊيل پوليٽيڪل انٽيسٽِو (ايل ڊي پي آءِ) انٽرنيشنل لينڊ ڪوليشن، برن يونيورسٽي، فرانس جا ڪجهه ادارا، ماحول ۽ ترقيءَ جو عالمي انسٽيٽوٽ (آءِ آءِ اِي ڊي) لنڊن، سام . مايو آفريقن انسٽيوٽ هراري (زمبابوي) ۽ فائونڊيشن فار سوشل اسٽڊيز (اديس اَبابا ــ اٿوپيا) جهڙا ادارا شامل هئا. مطلب ته عالمي طور تي ان تي ڪافي ڪم ڪيو ويو ۽ هاڻ تائين تبديل ٿيل حالتن مطابق هلندڙ آهي. جيڪڏهن ملڪن جي حساب سان ڏسنداسين ته زميني قبضن جا مثال ڀارت، چين، آفريقا کنڊ،اولهه يورپ، اوڀر يورپ، آسٽريليا ۽ اُتر آمريڪا ۾ ڏسڻ ۾ ايندا.
هن صديءَ جي پهرين ڏهاڪي ۾ ٿيل انهن وڏن وڏن سودن ۾ شايد اهو مالياتي لاڀ ادارن کي نه ملي سگهيو. ان زمين کي هٿ ڪرڻ واري ڪاروبار ۾ ”آفريقا ۾ وڏين ڪمپنين جي هٿان لکين ايڪڙ حاصل ڪرڻ“ واري پراڻي ڪهاڻي کي نئين رمزن سان ورجايو ويو. ان ڪم ۾ صرف ٻاهران سيڙپڪار نه هئا، بلڪل مُلڪَ، ان جا مقامي ادارا ۽ مقامي سگهاريون ڌريون ۽ اشرافيه پڻ شامل آهن، جنهن دنيا جي مختلف خطن ۾ اٻوجهه عوام کي ڪنڊائتو ڪندي، ترقي ۽ ملڪي مضبوطيءَ جي نالي ۾ وڏا زميني وسيلا پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا آهن.
اَوهان غور ڪيو پنهنجي ڳوٺن، واهڻن، ننڍن شهرن، وڏن شهرن، پنهنجي پسگردائيءَ ۾ پيل پَٽن، پراڻن ڍورن، ٻيلن، قبرستان جي ڀرپاسي وارن علائقن، دريا جي ڇڏيل ٻيٽن، قدرتي ٻيلن، پراڻن پيل دڙن، جانورن لاءِ پاڻي پيئڻ جي گَهٽن، ٻارن لاءِ ويڪرن ميدانن جتي ونجهه وٽي، ڪرڪٽ، ڪوڏي ڪوڏي، والي بال ۽ ٻيون رانديون رهيون، اِهي سڀ علائقا ۽ ايراضيون ايئن سمجهبو هو ته ”سڀني جا آهن، گڏيل آهن“، ڪنهن هڪ جي ان تي مالڪي ڪونهي. اِهي بظاهر فطري آهن ۽ هر ڪنهن جو ان تي حق آهي. پوءِ ڏسندي ڏسندي ڪشمور کان ڪراچي تائين، اِهي خانگي ظاهر ٿيندا ويا. گهڻو ڪري هر جاءِ جي سگهارين ڌرين ۽ سگهارين جي مٿان اڃان طاقتور ڌرين جا ٿيندا ويا. دڪان، گهرَ، ڪارخانا ۽ آباد زرعي زمينن ۾ تبديل ٿي ويا! ڪٿي ته وڏن ماڻهن جون خانداني دعوائون ظاهر ٿيون، ڪٿي ڏاڍن جي قبضي ۾ وڃي پوءِ پڪيون رجسٽريون ٿيون، ڪٿي نوان واهه ۽ سرشتا کوٽائي هزارين ايڪڙ الاٽ ٿيون، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مقصديت ڪهڙي به بيان ٿيل هئي، پر انهن جي پويان ”اشرافيه طرفان ڦٻائڻ“، ۽ عام عوام جي گڏيل ملڪيت تان بي دخلي ٿي!
سو اِهو قدرتي وسيلن خاص ڪري زمين ۽ پاڻيءَ کي ۽ زمين جي اندر معدنيات ۽ گئسن کي عالمي ۽ مقامي اشرافيه ملي ڀڳت ڪري، نه صرف ترقي پذير ملڪن ۾ بلڪه ترقي يافته ملڪن ۾ پڻ پنهنجن پنهنجن منعافن کي وڌايو. گهڻو ڪري زرعي پيداوار وڌائڻ، خوراڪ ۾ اضافو ڪرڻ جي بظاهر مقصديت رکندي ان زمينن جون ليزون اتان جي تاريخي طور تي جُٽيل ماڻهن ۽ حقدارن کي بي دخل ڪري، پوري اقتصادي، سماجي ۽ ماحولياتي سرشتي کي تبديل ڪري ٿيون وجهن! دريائي ۽ غير دريائي ٻيلن ۽ لکين ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ زرعي زمين ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ڪيئي ڳوٺ واهڻ ۽ صدين جي مالڪي وارا پٽ بحريه جھڙي اسڪيمن ۾ ظاهر ٿين ٿا. انهن زمينن کي حاصل ڪرڻ جو شروعاتي محرڪ جيتوڻيڪ زراعت سان لاڳاپيل رهيو آهي، پر ان سان گڏ، شهري ڪالونيون ۽ رهائشي اسڪيمون ۽ وڏيون بلڊنگون، معدنيات ۽ ڌاتن کي ڪڍڻ، اڏاوتي ڪم، فليڪس فصل جنهن مان مارڪيٽ جي گهرج مطابق کاڌو، مختلف فارمي جانورن ۽ پکين جي فيڊ، ٻارڻ ۽ ٻين صنعتي استعمال وارن فصلن کي اُپائڻ شامل آهي، جيئن سويابين کاڌو به آهي ته چارو پڻ ۽ ان سان گڏ حياتي ٻارڻ ربايو فيول ۽ ٻين استعمالن لاءِ گهرج ۾ هوندو آهي. ڪمند مان اِٿانول، بايو بجلي ۽ بايو ماس کنڊ کان سواءِ ٺهن ٿا.
تحقيقون، تجربا ۽ مشاهدا ٻڌائين ٿا ته اِهي عالمي ۽ مقامي ”زمينن کي هٿيڪو ڪرڻ“ وارو ڪاروبار جو هڪ ٻيو وڏو قسم وڏي پئماني جو مقاطعو/ٺيڪيداري فارمنگ پڻ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ڏهاڙي واري مزدوري، يا وڌ ۾ وڌ فصلي مزدوري وارو رواج وڌيو آهي، جنهن جي ڪري هارپي وارا حق آهستي آهستي گم ٿيندا نظر اچن ٿا. بظاهر ننڍن ننڍن کاتيدارن جون ٻنيون ڪنهن وڏي مقاطعي کڻندڙن وٽ مالڪي جي حساب سان محفوظ آهن ۽ انهن کي ان مقاطعي جي عيوض پئسا ملن ٿا، پر هو زمين سان لاڳاپيل سماجي سرشتن ۽ ڳانڍاپن کان محروم ٿي ٿا وڃن ۽ ڪنهن وڏي سيٺ جي، ڪنهن کنڊ جي ڪارخاني جي مالڪ جي هٿان محتاج ٿي ٿا وڃن ۽ ان جي نتيجي ۾ هڪ نئون سماجي ۽ سياسي سرشتو پروان چڙهي ٿو، جيڪو سماجي سگهه ۽ ان سان لاڳاپيل اخلاقيات، پنهنجائپ ۽ ثقافتي لاڙن کي پڻ تبديل ڪري ڇڏي ٿو!
آفريقا جي پوري کنڊ ۾ يورپي قبضي تاريخي طور تي ڌرتيءَ جو ونڊ ورهاءُ ڪيو. هي زمين تي قبضن واري نئين جستجو ان ڳالهه جو تسلسل آهي. سب صحارا آفريقا ۾ چراهه گاهن ۽ ٻين ٻنين جا پٽ وڪري ۽ خريد جا وکر ڪيا ويا، جيڪي تاريخي طور تي ماڻهن جي گڏيل ملڪيت هئا، جيئن ’گائوچر‘ وارو گهاڙيٽو ٿر ۾ آهي. بظاهر اُتي ايئن چيو ويو ته ماڻهن کي مالڪيءَ جا حق ٿا ڏيون پر حقيقت ۾ ان مالڪي جي پويان پڻ اڻ سڌي طرح ماڻهن جي بي دخلي ٿي. ان زمين جي سودن ۾ شهري سيڙپڪار ۽ ڪامورا ڪاهي پيا. ڪامورن، ادارن ۽ ٻين دعوائي مالڪن جي نئين جوڙيل ۽ وڏين زميندارين جا مثال اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن کان لڪل ڪونه آهن. انهن ۾ سياسي ۽ حڪومتي سگهه رکندڙ ۽ هلائيندڙ پڻ اڳي کان اڳرا آهن.
عالمي تحقيقون ٻڌائين ٿيون ته ڪيترائي اهڙا ڪيس آهن، جن ۾ ڳوٺاڻن جون زمينون کسيون ويون، انهن جي بي دخلي ٿي. جيتوڻيڪ انهن جي ڳوٺن کي (بظاهر) خالي نه ڪرايو ويو، پر انهن جي زميني، پاڻي، مال چارڻ ۽ ٻين سماجي وسيلن تائين رسائي گهٽجي وئي. وڏي ڪارپوريٽ زراعت جي ڳالهه هجي، معدنيات ۽ کاڻن جي ليز هجي، جبلن جي ڪٽائي هجي، توانائيءَ ۾ سيڙپڪاري هجي يا ڪن حالتن ۾ نيشنل پارڪ، ڪنسرويشن/حفاظت واري ماحول کي بهتر بڻائڻ جو بظاهر ڪاوشون هجن، ان تي سرمائيدار ۽ سيڙپڪاري سرڪاري ادارا اِهو چوندا آهن ”اهي ته ناڪاره، غير آباد ٿيل ۽ غير استعمال ٿيل وسيلا ۽ زمينون آهن، اسان ته انهن کي بهتر ڪري ترقيءَ ڏانهن وڌڻ ٿا چاهيون!“ پر عالمي طور تي ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اِهي سڀ زمين تي قبضي ڪرڻ لاءِ نوان محاذ آهن. ميانمار (برما) کان وٺي ايٿوپيا تائين ان قسم جا اسان کي ڪيترائي مثال ملندا، جتي رياست ڌر بڻجي ڪٿي سڌي طرح ۽ ڪٿي اڻ سڌي طرح پنهنجن کي ئي زمينن ۽ وسيلن کان بي دخل ڪيو آهي.
لاطيني آمريڪا ۽ اوڀرــ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن وري ”فليڪس/گهڻن استعمال وارن فصلن“ جنهن ۾ آئل پام، ڪمند ۽ هُڙين ۾ وڏي سيرپڪاري ڪئي وئي آهي، ان جي نتيجي ۾ مزدوري، ماحول، نسلي متڀيد جهڙا مسئا سامهون آيا آهن. ’زمين ڦٻائڻ‘ جي وارتا تي تحقيق ڪندڙ ٻڌائن ٿا ته ڪيئن هڪ منظم طريقي سان آمريڪا ۾ آفريقي ــ آمريڪي زميندارن ۽ هارين کان سندن زمينون وڏا ٽيڪس هڻي، سفيد آمريڪي ماڻهن هٿ ڪيون. ايئن هزارين ڪاري رنگ وارا آمريڪي خاندان پنهنجي ٻنين ۽ حقن تان بي دخل ٿيا ۽ نسلي دولت جي ورڇ ۾ وڏي وٿي جو سبب بڻيا! حقيقت ۾ اهڙن عملن جا اثر ڪيترن ئي نسلن تائين ھلن ٿا!
پاڪستان ۾ ڪمند جي پوک، ٻيلن جي زمين ۾ تبديلي، ٻيلي کاتي/شماليات جي ڪيئي هزار ايڪڙن تي قبضا يا ليزون، هاڻ وري وسيع ٻنين جي آبادي وارا ڪارج، ڪڏهن ڪارونجهر ڪٽڻ يا ٻي ٻنيءَ کي ترقيءَ جو نالو وٺي اشرافيه طرفان پنهنجو ڪرڻ پڻ ان عالمي وهنوار جو حصو آهي. سماجي ۽ ترقي واري اقتصاديات تي ڪم ڪندڙن، استادن، محققن ۽ يونيورسٽين ۾ ويٺل محترم پروفيسرن، سياسيات تي تحقيق ڪندڙن کي عرض آهي ته ان تي وڌيڪ تحقيقون ڪري عام عوام جي سامهون آڻين.