شام ۾ بغاوت عالمي راند جو حصو آھي

تحرير: يوسف سيف

شام ۾ صدر بشار الاسد جو تختو 15 ڏينھن کان بھ گھٽ وقت ۾ اونڌو ٿي ويو آھي.جنھن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آھي. ميڊيا رپورٽس موجب  27 نومبر تي باغي گروپ ”حيات تحرير الشام ۽ ان جي اتحادين شام جي حڪومت تي  اتر اولهھ ۾ شھرين تي وڌيڪ  حملي ڪرڻ جو الزام ھڻندي. شام جي شهرن ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو.

30  نومبر تي شام جي فوج تصديق ڪئي ته باغي حلب جي "وڏي حصي” تي قابض ٿي ويا آھن. 5 ڊسمبر تي باغين ھڪ چڱي خاصي ويڙھ بعد  حما نالي شھر تي قبضو ڪري ورتو. 6 ڊسمبر تي اهو باغين  ڏکڻ شام جي علائقي ديرا تي قبضو ڪيو، اھو علائقو  بشار الاسد جي خلاف 2011 جي بغاوت وقت باغين جو مضبوط قلعو سمجهيو ويندو هو.7 ڊسمبر تي باغين اعلان ڪيو ته اھي ٽئين وڏي شھر حمص تي قبضو ڪيو آهي. 8 ڊسمبر جي صبح جو باغي دمشق ۾ داخل ٿيا ۽ حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ اعلان ڪيو ويو ته ’ظالم صدر بشار الاسد ملڪ مان فرار ٿي ويو آهي.“

ھاڻي باغين جو ملڪ تي قبضو تھ آھي، پر باغين جي وڏي گروپ حيات التحرير شام ( ايڇ اسي ٽي) جنھن ھن بغاوت جي قيادت ڪئي آھي. اھو خود مختلف ويڙھاڪ گروپن جو اتحاد آھي.گروپ جي قيادت ڪندڙ اڳواڻ ابو محمد الجولاني اعلان ڪيو آھي تھ اقتدار جي باقاعدا منتقلي تائين وزيراعظم محمد الجلالي پنھنجو ڪم جاري رکندو.حيات التحرير شام باغي گروپ 2011 ۾ قائم ٿيو ھو.جنھن جو پھريون نالو جڀھ النصرھ ھو، جيڪو القاعدا سان لاڳاپيل ھو.ھن گروپ کي داعش اڳواڻ ابوبڪر بغدادي جي بھ پٺڀرائي حاصل رھي آھي.بعد  ۾ ايچ ٽي ايس، داعش کان جدا ٿيڻ جو اعلان تھ ڪيو پر اھو اڃان بھ آمريڪا، برطانيا ۽ گڏيل قومن وٽ دھشتگردن واري فھرست ۾ شامل آھي.

شام لاءِ بدترين صورتحال اها ٿيندي جيڪڏهن شام ٻين عرب آمريتن جي رستي تي هلي پيو تھ ان سان رتو ڇاڻ جو دور شروع ٿي سگھي ٿو.عراق، لبيا توڙي ٻين ملڪن اڀري سڀري سسٽم ڊھڻ بعد اتي شروع ٿيل بي يقيني ۽ خونريزي، گھرو ويڙھ تاريخ جا ڏکوئندڙ باب آھن.

سياست جي دنيا ۾ عالمي قوتون ڪھڙي ريت  راند وڇائين ٿيون، ان جو اندازو آچر واري ڏينھن شام ۾ بشار الاسد جي تختي اونڌي ڪرڻ مان ڪري سگھجي ٿو.مستقبل جو مورخ ئي وچ اوڀر جي  جڙندڙ تاريخ واري باب  جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪري سگھندو، پر ڪي ڳالھيون چٽيون نظر اچي رھيون آھن.

اھو سمجھڻ تھ ويڙھاڪ گروپ جي ڪيل قبضي سان شام۾ آزاديءِ جو سج اڀريو آھي اھو غلط آھي، ويڙھاڪن جي مھم جوئي کانپوءِ ملڪن ۾ شروع ٿيندڙ اڻ کٽندڙ گھرو ويڙھ سان ڪئين ڪتاب ڀريا پيا آھن.شام ۾ حيات يا ھئيت التحرير شام نالي ھڪ ويڙھاڪ گروپ دمشق تي قبضو ڪري آزاديءِ جو اعلان ڪيو آھي.صدر بشار الاسد ملڪ مان فرار ٿي ويو آھي،ميديا رپورٽس موجب ھو روس جي راڄڌاني ماسڪو پھتو آھي.جتي کيس سياسي پناھ ڏني ويندي.ٻئي پاسي روس  جي درخواست تي شام جي صورتحال تي ويچارڻ لاءِ ھنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

ميديا ۾وڌيڪ ان سوال تي بحث جاري آھي تھ شام جي فوج ويڙھاڪن سان مزاحمت ڇو نھ ڪئي ؟  ٻيو ھي سوال بھ اھم آھي تھ فقط ڏھن ڏينھن جي جدوجھد ۾ بنا ڪنھن رنڊڪ جي ويڙھاڪ گروپ سموري شام تي ڪئين قبضو ڪري ورتو ؟ ڪي مبصر ان سموري راند ۾ آمريڪا، اسرائيل ۽ ترڪي جي ڳجھي ھٿ طرف اشارو ڪري رھيا آھن.ھفتو اڳ اھو سوچڻ بھ ممڪن نھ ھو تھ بشار الاسد جي جو تختو ايتري آساني سان اونڌو ٿي سگھي ٿو.پر اھو سڀ  ڪجهه دنيا جي آڏو ٿي ويو آھي.

ھن تبديلي لاءِ وقت جي وڏي اھميت آھي.اھڙي گھڙي جڏھن ايران، روس ۽ لبنان جو ويڙھاڪ گروپ حزب الله پنھنجن مسئلن ۾ ڦاٿل ھئا، شام جي باغين بھ ان وقت جي چونڊ ڪئي.جنھن ڪري شام کي اتان گھربل مدد نھ ملي سگھي.نھ رڳو ايترو پر ڪي مبصر اھو بھ چون ٿا تھ شام جي فوج ۽ صدر بشار الاسد ويڙھ ڪرڻ جي لاءِ تيار ئي نھ ھئا. اھا ڳالھھ بھ سمجھڻ گھڻي ڏکي آھي، پر سامھون آيل رپورٽس ۽ خبرن مان اھو ئي ظاھر ٿي رھيو آھي.

آمريڪا جي چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تھ ھنن جو شام جي مسئلي ۾  ڪجهه اچي نھ وڃي، پر اھو تھ رڳو بيان آھي،آمريڪا جو دنيا جي ڪنھن معاملي ۾ سڌو يا اڻسڌو ھٿ نھ ھجي اھو ممڪن نھ آھي.آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو تاريخي موقعو آهي.آمريڪي پرڏيھي وزير اينٿوني بلنڪن چيو آهي ته بشارالاسد جي حڪومت جو هڪ معتبر سياسي عمل ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ۽ روس ۽ ايران تي غيرضروري ڀاڙڻ ھن جي انت جو سبب بڻيا.ميڊيا رپورٽس موجب ماڻھن  ان تبديلي بعد جشن ملهايا آھن ۽  شام جي مفرور صدر بشار الاسد جي رهائشگاهه کي ُلٽيو بھ ويو آهي.

2024  جي گلوبل فائر پاور انڊيڪس موجب، شام عرب دنيا ۾ فوجي لحاظ سان ڇهين نمبر تي ۽ عالمي سطح تي 60 نمبر تي آهي.شامي فوجوٽ پيرا ملٽري فورسز ۽ مليشيا بھ هئي.هٿيارن ۾ ان وٽ سوويت دور کان خراب ٿيل ۽ روس کان حاصل ڪيل نوان اوزار ۽ ھٿيار بھ آهن.هوائي طاقت جي لحاظ کان شامي فوج وٽ جنگي جهاز، هيلي ڪاپٽر ۽ تربيتي جهاز آهن. بظاھر اها هڪ مضبوط فوج آهي، پر ڪيترن ئي عنصرن  ان کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.گهرو ويڙهه جي شروعاتي سالن ۾ شام جي فوج  لڳ ڀڳ اڌ ٿي وئي ھئي. ڪيترائي سپاهي باغي گروپن ۾ شامل ٿي ويا ھئا. گهرو ويڙهه ۾ وڏي تعداد ۾ سپاهي مارجي بھ ويا ھئا.شام جي هوائي فوج کي آمريڪي حملن ۽ گهرو ويڙهه ۾ تمام گهڻو نقصان پهتو ھو.

ھڪ پاسو ھي بھ آھي تھ،شام جي معاشي صورتحال ٽن سالن دوران انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، جنهن جو وڏو سبب آمريڪي پابنديون آهن.سپاهين کي مناسب کاڌو ملڻ بھ ممڪن نھ رھيو ھو.ماھرن موجب ايران، حزب الله ۽ روس طرفان سڌي فوجي امداد بند ٿيڻ سبب شامي فوج جو مورال  گهٽجي ويو ھو.شام لاءِ گڏيل قومن جي خاص نمائندي گيئر پيڊرسن چيو آهي ته  اسان کي محتاط رهڻ جي ضرورت آهي. ھن وقت سڀ کان وڏي ضرورت مستحڪم انداز ۾ اقتدار جي منتقلي آهي.

خطي جا عرب ملڪ جن تازو ئي بشار الاسد سان لاڳاپا بحال ڪيا  ھئا. اهي شام جي صورتحال کي اسلام پسند گروپن جي اڳواڻي ۾ ڏسي رهيا آهن.سفارتي ماھرن جو چوڻ آھي تھ شام ۾ خطرو اڃا ختم ناهي ٿيو. مختلف گروهن ۾ هم آهنگي برقرار نھ رھڻ جي صورت ۾ ھڪ ٻي خطرناڪ ويڙھ شروع ٿيڻ جو خطرو آھي.

پينٽاگون جي هڪ اهلڪار جو چوڻ آهي ته آمريڪي فوج داعش کي منھن ڏيڻ لاءِ اتي رهندي، کين خدشو آهي ته داعش فائدو وٺي، ڪارروايون  تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي.يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه ڪايا ڪلاس جو چوڻ آهي ته روس ۽ ايران ٻئي شام جا اتحادي هن وقت ڪمزور ٿي چڪا آهن. روس جو چوڻ آهي ته شام ۾ سندس ٻه فوجي اڏا هن وقت هاءِ الرٽ آهن. بهرحال، ماسڪو جي مطابق، اهي اڪيڊمي هن وقت فوري خطري هيٺ نه آهن.آمريڪي چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي جو مطلب آهي روسي صدر پيوٽن کي فوري طور تي يوڪرين ۾ جنگ بندي تي راضي ٿيڻو پوندو.

ميڊيا رپورٽس موجب اسرائيل جي فوج گولان جي پھاڙن ۾ لھي آئي آھي ۽ وڌيڪ علائقي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.اھو سمجھڻ بروقت ڏکيو آھي تھ ھن راند ۾ ڪير ڪير شامل آھن، پر اھو چٽو نطر اچي رھيو آھي تھ ان جو فائدو، اسرائيل ۽ آمريڪا کي ٿي رھيو آھي. ڇا اھو سڀ  ڪجهه ھڪ عالمي راند  جو حصو نھ آھي.؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.