اسان کي ڀلائي جي ڪمن ۾ حصو وٺڻ گهرجي

تحرير: ذوالفقار راڄپر

هن مضمون   پڙهڻ کان اول ڪو اها ڳالهھ ٻڌائيندو ته پهرين ۽ ٻي مهاڀاري ويڙهه ۾ روس جي غربت ۽ ادب بابت اسان کي ڪهڙي ڄاڻ آهي.ان دور جي روسي غربت جون جهلڪيون اسان کي نظر اچن ٿيون يا نه، ڪنهن کي اها خبر ۽ ڳالھه ياد آهي ته اٽڪل ٽي چار مهينا اڳ خيرپور ميرس جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ والد پنهنجي ٽن چئن مهينن جي نياڻي کي زنده دفن ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪيترين مائرن پنهنجن ٻارن سميت يا اڪيلي سر بک بدحاليءَ ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، ساڳيو طريقو بک تي پلجندڙ ٻارن جي پيئرن طرفان جون خبرون گهڻيون پراڻيون يا ماضيءَ جي تاريخ جو حصو نه آهن، اڃان ته ان تي به سروي ٿيڻ گهرجي ته ڪيترين عورتن جون ٻانهون، آڱريون بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي ٻن ٽن هزارن لاءِ وٺندي ٽٽي پيون، ڪي ته بيهوش ٿي مري به ويون، ڪيترا ٻار ٻڍا نانگن جي ڏنگن ۾ اسپتالن ۾ ويڪسين نه هجڻ ڪري مري ويا، ڪاري ڪامڻ سنڌ جو گهيرو ڪيترو تنگ ڪيو آهي وغيره وغيره.

اسان مان جيڪي ماڻهو سنڌ ۽ سنڌي سماج ۽ پنهنجي عوام جي سکن ڏکن سان دلي طور جڙيل آهن، جن جا دماغ، دليون، کيسا ۽ ٽجوڙيون ڪشاديون آهن،هي مضمون انهن لاءِ لکيل آهي، باقي  جيڪي پنهنجي پوڊاهي طبقي جي غلاظتن کي ڌوئي چالو دنيا کان الڳ ٿي پنهنجي ماضيءَ جي غربتن جي احساس ڪمتري جي فراريت جو شڪار ٿي ان کان بچاءُ ۽ ٽوڙ جو حل پنهنجن ٻارڙن جي عياشين تي خرچ  ڪرڻ ۾ ڳولهي رهيا آهن  ، نئين دوستين نون مائٽن ٺاهڻ تي لکين روپيا وڃائن ٿا، پنهنجن ٻارڙن جي تربيت ۾ انهن کي پاڻ وانگر پنهنجي سماج جي غريبن، ڳوٺ وارن، پاڙي ۽ مٽن مائٽن کان لاتعلق بڻائي پيسي جو پٽ يا ڌي بڻائي انهن جي تعليم جي جديد تعليمي نظام وسيلي سرمائيداري نظام جو هڪ پرزو بڻائن ٿا ،اولاد کي پنهنجي ٻولي ۽ وطن، سماجي سياسي جدوجهدن کان الڳ رکي  فخر محسوس ڪن ٿا، جيڪي پنهنجي زالن يا مڙسن جي انساني تربيت ڪرڻ بدران انهن جي ڪوڙي دنياداري ۾ انهن جا ساٿي ٿي هلن ٿا، جيڪي نه ڪنهن جا دوست نه مٽ آهن، هو ڪوڙي ۽ وقت پاس ڪرڻ واري دوستي ۾ هڪٻئي سان نين گاڏين، جاين خريد ڪرڻ ۽ ٻارن جي عياشين جي سهولتن تي مقابلي بازي ڪن ٿا. اهڙا اڻ پورا انسان قبرستانن ۾ انهن شاهوڪارن ۽ بادشاهت جهڙي زندگي گذارڻ ۽ حسن جي ديوي جا خطاب حاصل ڪندڙ عورتن ۽ پنهنجي پويان ڪروڙن روپين جي ملڪيت تان ٻارن کي ويڙهائي ۽ وڏا محل ۽ ماڙيون ڇڏڻ وارن جي ويران قبرن جي خوفناڪ اجڙيل صورتحال مان به سبق حاصل نه ٿا ڪن، جيڪي اهو نه ٿا ڏسن ته ڪنهن جي به ڪفن ۾ کيسو نه هوندو آهي، سندن ٻار، دوست قبرستان جي ويراني ۽ اونداهي ۾  آخر اڪيلو ڇڏي وڃن ٿا، سڀني کي اهو به معلوم آهي ته نيڪ پرهيزگار ۽ انقلابي وطن دوست ۽ انسانيت جي پرچار ڪندڙ به پئسي جي گڏ ڪرڻ جي معاملي ۾ هڪ ٻي کان مختلف نه آهن، ۽ ڪيترائي  ڪروڙين روپيا هجڻ جي باوجود اسپتالن ۽ گهرن ۾  اڪيلا ٿي مري وڃن ٿا، سندن جنازن ۾ اهي ملڪيت جا وارث به پهچي نه سگهندا آهن، جن جي لاءِ ملڪيتن ۾ واڌاري جي چڪر ۾ پاڻ کي انسانيت، فلاح ڀلائي ۽ ڀلائي، وطن سان محبت جي جذبي کان پاڻ کي بي نياز رکيو، جيڪي پنهنجو ماضيءَ  وساري ويهن ٿا ته غربت جي تنگي ڇا آهي، سندن والدين ڪهڙيون تڪليفون کڻي کين  ان منزل تي پهچايو، پر اهي پنهنجي پيءُ ماءُ کي پنهنجي چنڊين، نڀاڳين ۽ بي رحم زالن ڪري گهرن ۾ گڏ رهائڻ لاءِ تيار نه آهن،پاڻ وڏن بنگلن ۾ وڃي ۽ پيءُ ماءُ ۽ ڀائرن ڀينرن کي پراڻين اباڻي جاين ۾ ڇڏي وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي اولاد ۾ پنهنجي والدين جو احترام پيدا نه ٿا ڪن ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ واري ڳالهه تي هڪ اڌ غلط تجربي يا ڪوڙ جي بڻياد تي غريبن کي فراڊي ۽ ڪوڙو سمجهي ملڪ اندر يا ملڪ کان ٻاهر رهندي غريبن کي چور، نمڪو سمجهي رد ڪن ٿا.

هي مضمون اهڙن ماڻهن لاءِ هرگز به نه آهي. اسان ته ڪراچي جي وڏن بنگلن ۽ فليٽن ۾ اهڙا ڌپ ٿيل مردن عورتن جا لاش به نڪرندي ڏٺا آهن، جن وٽ ڪروڙ ارب روپيا هئا پر پنهنجي پڇاڻي ۾ اڪيلا ۽ لاوارث ٿي  مري ويا جن پنهنجي اولاد کي ملڪ کان ٻاهر موڪلي روبوٽ بڻائڻ تي پئسو خرچ ڪيو. ڇا اوهان اهڙو ڪو پوڙهو يا پوڙهي شاهوڪار ڏٺي آهي، جنهن پنهنجي ملڪيت جو ڪجهه حصو پنهنجي انهن وفادار عمر ڀر ٻارن ٻچن سميت خدمت ڪندڙ نوڪرن نوڪرياڻين يا ڪنهن غريب مائٽ يا ڪنهن فلاحي اداري، انقلابي، فلاحي تبديلي آڻڻ واري جماعت جي نالي به ڪيو هجي، پر هو پنهنجي ملڪيت ان ذليل ترين اولاد جي نالي ڇڏي وڃن ٿا، جيڪي پنهنجن زالن، ٻارن ڪري ملڪ يا شهر ڇڏي هليا ويا يا پوڙهن والدين کي بيمارين ۾ لاوارث ڪري پوڙهن جي هاسٽلن ۾ ڇڏي وري نه موٽيا. پورهيت ۽ مزدور فلاسافر ڪارل مارڪس ان ڪري سماج جي سمورين اهڙين فردن ۽ سماجن جي بي حسي ۽ خرابين ۽ انسانيت جي قاتل جاگيرداري ۽ سرمائيداري سماج جو بڻ بڻياد ذاتي ملڪيت کي قرار ڏنو هو، جيڪا ڳالهه اڄ به هڪ حقيقت آهي.

ان دور جي يورپي مزدور جي ويڳاڻپ، روسي چيني سماج جي غربت هجي يا هاڻي واري مالياتي سرمائيداري نظام جي وحشيت هجي يا سنڌ ۾ جمهوريت ۽ آمريت جي ڏينهن جي جاگيرداري، سرداري نظام، ٻوڏيون، برساتون ۽ ڪرونا وغيره وغيره جون تباهيون برباديون هجن، انهن ۾ مخصوص آڱرين تي ڳڻڻ واري سنڌي شاهوڪار  فردن کان سواءِ وڏيرن ڀوتارن ۽ انهن جي پڇ لٽڪائو خوشحال وچين ڪلاس جو مجموعي ڪردار پنهنجي قوم ۽ غريبن جي تباهي کان مالي ۽ هر قسم جي مدد کان لاتعلق رهي آهي ،خاص طور سنڌ ۾ نئون پيدا ٿيل پوڊاهو ڪلاس پنهنجي ماضيءَ کي پٺي ورائي ڏسڻ بعد پنهنجي هڪ ڏينهن يا هڪ مهيني جي ڪمائي به غريب مائٽن، پاڙيسرين يا تعليم ڏيندڙ استاد يا زبون ٿيل ڪلاس يا لائبريري کولڻ يا سياسي سماجي تنظيمن ۽ خدمتن تي خرچ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

برساتن جي تباهي جي ڏينهن ۾ وڪيل ساجد مهيسر ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جي لاهوري ڪيمپ ۾ لڳايل ڪئمپ تي اسان جا اڳوڻا انقلابي ۽ هاڻي شاهوڪار ترين دوست هڪ ڏينهن به ڪئمپ تي اچي نه ويٺا ۽ نه ئي ڪا بخار کنگهه جي دوا يا ڪي غريبن لاءِ ڪپڙا ڏنا،  اسان جو هڪ فلاحي ڪم ڪندڙ ميهڙ جو رهاڪو ڊاڪٽر دوست ۽ پنهنجا سڀ ڪم ڇڏي جيڪو ٻوڏن برساتن ۾مڏينهن رات ميهڙ ۾ بند ٻڌڻ وارن سان آخر تائين بيٺو رهيل هو ان کان هڪ دفعو ڪنهن پروگرام جو فنڊ وٺڻ ويس ته هن پهريون انڪار ڪيو ته هو انهن ماڻهن کي ان ڪري فنڊ نه ڏيندو آهي جيڪي قوم ۽ انقلاب دوستي، اسلامي انقلاب جي شاگرد سياست ڪرڻ بعد هاڻي غريب مريضن، مزدورن ۽ مائٽن دوستن کان لاتعلق ٿي ڏينهن رات پئسن ميڙڻ ۾ مصروف آهن. ساڳيو حال انهن پڙهيل لکيل وڪيلن ۽ ٻين جو به آهي جيڪي وڏيرن جي پارٽين جي چمچا گيري ڪندي ناظم ڪائونسلر، اسيمبليءَ ميمبر ۽ وزير ٿي ويا، انهن به ٻاهران آيل غريبن جو راشن، ٽينٽ، ڪپڙا ،ٻارن جا بسڪوٽ، ڪمبل ڪرونا جي ڏينهن واري امداد وانگر پاڻ ۾ وڙهي کائي ويا ۽ غريب ماڻهو پينو فقير ٿي ويا، اڄ به لکن جي تعداد ۾ ماڻهو برساتن جي ڊٿل گهرن ۾ رهن ٿا ۽ جمهوري سربراهه ماڻهن کي گهر ڏيڻ جا ڪوڙا افتتاح ڪري رات جو ٽهڪ ڏين ٿا.

جن کي خبر ناهي ته روس ۽ چين وانگر غريب مردن، عورتن ۽ ٻارن وانگر سنڌ ۾ به مستقبل قريب ۾ هتان جو غريب غربو سرخ فوج بڻجي ڪوڙن جمهوري شهيدن جي فوٽن کي ديوارن تان لاهيندو ۽ انهن جمهوريت جي سربراهن جي محلن تي قبضا ڪندو، جن عورتن کي بنگلاديش وانگر پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ مستقل روزگار ڏيڻ وارن منصوبن بدران پينو انڪم پروگرام ٺاهي کين خوار ڪيو  آهي. ان جو بدلو حاڪمن ۽ سندن ايندڙ نسل کي ضرور ڏيڻو پوندو.  سنڌ جي صنعتن کي بند ڪرڻ، برساتن، ٻوڏن کان وٺي سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ، بي روزگاري، مهانگائي تائين هن وقت  سنڌ جي اڪثر عوام غربت جي ان خوفناڪ ۽ بدترين ظالمانه گهيري ۾ اچي ويو آهي، جنهن جو ادراڪ سنڌ جي اڄوڪن شاعرن اديبن وٽ به نه آهي، نه ته هو سنڌي ادب کي روسي چيني ادب سان ڪلهو ڪلهي ۾ بيهاري ڇڏين ها. اڪثر غريب علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ماڻهو پنهنجي معصوم نينگرن کي ٻن ويلن جي ماني ۽ ٻن ڪپڙن ملڻ جي اميد تي مدرسن جي تشدد ۽ جنسي ڏاڍائي جي حوالي ڪري رهيا آهن، ننڍڙيون نينگريون وڪامجي رهيون آهن، ٻاڙريون ۽ عورتون پنهنجو جسم وڪڻي رهيون آهن.

انقلاب کان اول واري آفيمي چين وانگر سنڌ جي هر ڳوٺ، شهر، رستي ۾ سنڌي قوم کي نشئي ۽ ناڪاره بڻائڻ لاءِ رياست جي سربراهي ۾ نشو عام جام وڪرو ٿي رهيو آهي، ڪيترائي مرد خود پاڻ پنهنجي عورتن کي ان ڪري جسم وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي رهيا آهن ڇو ته اها جڏهن گهر موٽندي ته اٽو ۽ ڀاڄي پاڻ سان گڏ آڻيندي، خيرپور طرف ڪجهه مهينن جي ڄاول ڌيءَ کي هڪ ماڻهو ان ڪري زنده دفن ڪيو ڇو ته هو ان جو علاج نه ڪرائي سگهيو ۽ ٿڪجي پيو هو ، پرائيويٽ ڪلينڪ تي ويهندڙ انقلابي، غير انقلابي، شاعر اديب ڪتابن جا ليکڪ ، نيڪ نمازي پرهيزگار ڊاڪٽرن مان اوھان کي گهٽ ڪو انسان دوست ڊاڪٽر ملندو جيڪو پنهنجي ميڊيڪل سينٽر يا ڪلينڪ تي ايندڙ غريب جي اکين ۾ لاچاري ڏسي ان کي دوائن ڏيڻ سان گڏ مفت علاج يا آپريشن ڪري، پنهنجي هڪ ڏينهن جي ڪمائي غريب مريضن تي خرچ ڪري ڇڏي، جيڪو دوائن جي ڪمپنين مان ڪاروبار ڪرڻ لاءِ نقلي يا مهانگيون ۽ هروڀرو گهڻيون دوائون نه لکندو هجي. پر انسان جو درجو نه رکندڙ ڊاڪٽر غريب مريضن کي في نه ڀري سگهندڙ مريضن کي سرڪاري اسپتال وڃڻ جي تاڪيد ڪندو آهي، جتي هو صحيح ۽ وقت جي پابندي سان ڪم ڪرڻ بعد ڊڪندو پرائيويٽ اسپتال پهچندو آهي، جيڪو اسپتال ۾ نقلي دوائن، دوائن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽرن جي ڊيوٽي نه ڪرڻ تي اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿو، بعد ۾ رات جو ٻارن کي قيمتي برڪر ۽ ڪيڪ کارائي ٿو لاڙڪاڻي جي ڊويزن جي وڏي اسپتال چانڊڪا اسپتال ۾ گذريل 20 ڏينهن کان پتي جي آپريشن جي مشين خراب آهي ۽ ايم آئي آر جي مشين اڪثر خراب رهي ٿي جنهن تي پئراميديڪل مافيا کان وٺي ڊاڪٽرن جي تنظيمن ۽ ميڊيا خاموش رهي ٿي، هڪڙو ڪلارڪ فنانس جو ڊائريڪٽر لڳل آهي،ڪروڙين روپيا ڀري ايم ايس ٿيندڙ ان جو نوڪر بڻيل آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي اسپتالن جي بدترين صورتحال تي خاموش رهي ٿي،  غربت، بي روزگاري، بيمارين، جر جو زهريلو ٿيل پاڻي، ڪارو ڪامڻ، ٽي بي ۽ ٻيون بيماريون، بک بدحالي ۾ وڪوڙيل سنڌ جي اخبارن ۾ آيل ٻارن جي بک، بيمارين، مرد جي بي روزگاري، نشي ڪري غريب عورتن جي خودڪشين، ٻارن سميت والدين جي واهن ۾ ٽپا ڏئي خودڪشين جون خبرون  پيزا کائيندڙ، عمرن ۽حجن تي ويندڙ نيڪ انسانن ۽ اڳوڻن انقلابي خوشحال فردن جي نظر مان نه ٿيون گذرن، اڄوڪي سنڌ گذريل 20 سالن کان غربت جي جنهن گهاڙي مان هر روز پيسجي رهي آهي.

ان صورتحال ۾ ان کي انقلاب سان گڏ سماجي خدمت، سنڀال جي سخت ضرورت آهي، ان سان اسان سوين يا شايد هزارين گهر بچائي انهن کي وڏيرن ۽ وڏيرڪي جمهوريت کان به آزاد ڪرائي سگهون ٿا، سنڌ جي انقلابي جماعتن کي هن سوال تي سوچڻ گهرجي ۽ سنڌ جي خوشحال واپارين، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ ٻين کي به اهو سمجهڻ گهرجي دنيا جي مهذب ملڪن جي اميرن وانگر پنهنجي ڪمائي جو 10 يا 20 سيڪڙو حصو غريبن جي امانت ۽ اوڌر سمجهي ڀلائي تي خرچ ڪن  ، سنڌ اندر يا ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي اڪثريت کي وطن جي حب سان گڏ لازمي غريبن جي سنڀال ڪندڙ انسان به ٿيڻ گهرجي جيئن سکر جي ڪنهن غريب کي پنهنجي زنده ڌي کي دفن نه ڪرڻ گهرجي، عورتن کي ٻارن سوڌو زهر نه کائي مرڻ نه گهرجي ۽ نوجوان نينگرين جو وڪرو ۽ انهن جي جسمن جي بازار نه لڳي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.