عدالت کان مٿانهان قتل ۽ هاف فراءِ فل فراءِ وارو الميو!

تحرير: ثوبيا کوسو

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص ڪري پوليس نوجوانن کي کنڀي انهن کي مقابلو ڏيکاري ماري ڇڏيندي آهي، ويجهڙ ئي راڻيپور لڳ  هڪ واقعو پيش آيو آهي جو پوليس هڪ نوجوان رضا حسين زنگيجو کي جيڪو بس ۾ ڀيڻ سان گڏ وڃي رهيو هو ان کي لاهي مقابلو ڏيکاري قتل ڪري ڇڏيو، انهن صرف هڪ نوجوان  نه ماريو  پر ٽن ڀينرن جي اڪيلي اميد کي قتل ڪري ڇڏيو، ڳالهه صرف اتي ۽ پوليس جي نه پر ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي به آهي مظفر ڀٽو ، افضل پنهور سميت ٻيا به اهڙا ڪيترائي سياسي اڳواڻ آهن جن کي پهرين کنڀي پوءِ ماروائي عدالت  قتل ڪيو ويو آهي.

رياستي قانون ٿو چئي ته جيڪڏهن ڪو ڏوهاري آهي ته ان کي چوويهه ڪلاڪن اندر ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻو آهي پر اهو قانون به صرف هڪ مزاق بڻجي رهجي ويو آهي، جيڪڏهن انهي قانون تي عمل ٿئي ها ته رضا، شاهنواز ڪنڀر ، مظفر ڀٽو، افضل پهنور سميت سڀني نوجوانن کي عدالت کان مٿانهان قتل ڪندڙن کي سزا ضرور اچي ها، تازو ئي رضا زنگيجو جو قتل قانون ۽ رياست جي بي فڪر ۽ اڻڄاڻ بڻيل پوليس آفيسرن جي منهن تي چماٽ آهي.

جيڪڏهن غيرجانبداراڻو تجزيو ڪجي ۽ سموري سنڌ تي نظر ڦيرائجي ته خبر پوندي هتي قانون صرف ڪتابن ۾ پڙهايو ويندو آهي، ۽ قانون صرف غريب لاءِ ئي آهي سرمائيدار، وڏيري ، مير، پير ، جاگيردار لاءِ ڪو به قانون ناهي، انهن تي ڪو به قانون لاڳو نٿو ٿئي، سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن، عدالت کان مٿانهن قتل کان سواءِ هڪ ٻيو ٽرينڊ به ڪيترن ئي سالن کان هلي رهيو آهي جنهن کي فل فراءِ ۽ هاف فراءِ چوندا آهن، فل فراءِ مطلب ڪنهن انسان کي قتل ڪري ڇڏڻ، ۽ هاف فراءِ مطلب ان کي زندگي ڀر معزور ڪري ڇڏڻ، شروعات ۾ پوليس جڏهن ڏوهارين کي هاف ڪرائي ڪرڻ شروع ڪيو تڏهن ڪافي ماڻهن ان عمل جي مخالفت ڪئي ته ڪافي ماڻهن وري مخالفت ڪرڻ وارن ماڻهن کي گهٽ وڌ چيو ۽ انهن جو موقف اهو هو ته ڏوهاري ڀلين فل فراءِ ٿين ته جيئن ڏوهه گهٽجن، ۽ فل فراءِ جي مخالفت جن ڪئي انهن جو موقف هو ته پهرين ڳالهه ڪنهن کي به عدالت کان مٿانهون قتل نٿو ڪري سگهجي ، پوءِ بيشڪ هو ڪهڙي به قسم جو ڏوهاري هجي ۽ ڪيترو به وڏو ڏوهاري هجي، ۽ پوليس هڪ ڏوهاري کي قتل ڪندي ته ان جي آڙ ۾ ڏهه بيگناهه به قتل ڪندي۔ ۽ وقت ٻڌايو ته انهن جي ڳالهه بلڪل صحي نڪتي، ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن کي فل فراءِ ڪيو ويو جن سان حد جي ايس ايڇ او جي يا وري ڪنهن ٻي آفيسر جي ذاتي رنجش هئي، ڪافي ماڻهن کي ته وڏيرن جي چوڻ تي فل فراءِ ڪيو ويو، وقت اڳ پهرين ٽنڊوغلام علي واسي ديپڪ راج کي حيدرآباد پوليس ڦورو سمجهي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو ۽ هن جي زندگي برباد ڪري ڇڏي، هو اڃان تائين بستري تي آهي.

سڄي سنڌ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي ۽ افسوس ته ان ڳالهه جو ٿو ٿئي ته جڏهن به ڪو اهڙو انسان پوليس جي هٿان ڪنهن ذاتي رنجش يا وڏيري جي چوڻ تي معذور ڪيو ويو يا وري قتل ڪيو ويو ته ان جو ڪوشش ڪو داد فرياد ئي نه ٿو ٿئي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو مثال اوهان جي سامهون آهي، کيس فل فراءِ (قتل) ڪيو ويو ته ماڻهن پوليس کي اچي هار اچي پارايا ۽ پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن به وڏي فخر سان اهي هار پائي ڳاٽ اوچا ڪيا ته اسان هڪ مبينه گستاخ کي قتل ڪيو آهي، انهي فل فراءِ ۽ هاف فراءِ جهڙي غيرقانوني عمل تي آخر اسان جا ادارا ڇو خاموش آهن؟ عدالت ڇو خاموش آهي، سنڌ حڪومت ڇو خاموش آهي؟ مطلب ته پوليس جي مرضي ته جنهن کي معزور ڪري يا جنهن کي قتل ڪري؟ جيئن آئون منشيات خلاف لکي رهي آهيان ۽ پوليس مون تي ۽ منهنجي فيملي ميمبرن تي ڏمريل آهي، سڀاڻي منهنجي گهرواري يا ٻئي ڪنهن به فيملي ميمبر کي گرفتار ڪري کڻي وڃي ۽ مقابلو ڏيکاري ماري ڇڏي ته وس واري آهي۔

ڪافي اهڙا واقعا به ٿيا آهن جو جن کي پوليس مقابلو ڏيکاري هاف فراءِ ڪيو آهي اهي انهيءَ ڪيس مان باعزت بري به ٿي ويا آهن پر انهن کي زندگي ڀر لاءِ معزور ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي ڪجهه نه ناهي ٿيو، انهن کي قانون سزا ئي ناهي ڏني، آئون ته چوان ٿي ته ڪهڙي به وڏي ڏوهه ۾ ڪير گرفتار ٿيل هجي ان کي مارجي نه ، هر جوابدار کي فيئر ٽرائل جو موقعو ضرور ڏيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت کي به انهي معاملي تي سوچڻ گهرجي ته ماروائي عدالت قتلن ڪيترن ئي مائرن جو جهوليون خالي ڪري ڇڏيون آهن، ڪيترن ئي زالن کان سندن ڳڀرو وري هميشه هميشه لاءِ کسي ڇڏيا آهن.

راڻيپور ويجهو بس مان لاهي  پوليس هٿان قتل ٿيل ڳڀرو نوجوان رضا جي ڀيڻ جو موقف ٻڌم ته منهنجي اکين مان به نير وهي آيا، هن جي ڀيڻ چئي رهي هئي ته اسانجو هڪ ئي ڀاءُ هو جنهن کي ظالمن بيگناهه شهيد ڪري ڇڏيو. آئون عدالت سميت سڀني ادارن کان پڇڻ ٿي چاهيان ته  سنڌ ۾ عدالت کان مٿانهان قتل ٿيلن جي وارثن کي جڏهن انصاف نٿو ملي ته هو ماٺ ڪري ويهي رهندا آهن؟ نه قطئي نه، پر هنن جي دل ۾ قانون لاءِ ڪو به احترام ناهي رهندو، ۽ پوءِ ته اهي يا ته هٿيار کڻي نفرت جي باهه دل ۾ سانڍي ڪچو وڃي وسائيندا آهن ته ڪي وري هن سسٽم خلاف جدوجهد ڪندا آهن ۽ اسان جي پوليس پوءِ رڳو ويهي دانهون ڪندي آهي ته ڏوهاري هيئن ڪري ڇڏيو ۽ سسٽم سان ويڙهه وڙهندڙن جي نالي چوندا ته دهشتگردن هيئن ڪري ڇڏيو، سڀني کي خبر هوندي آهي ۽ سڀ ڄاڻن ٿا ته اهي مقابلا سئو مان 99 سيڪڙو ڪوڙا هوندا آهن، ۽ جيڪڏهن پوليس مقابلا سچا هوندا آهن ته پوءِ  پوليس مقابلي ۾ پوليس جي گولي صرف گوڏي ۾ ئي ڇو لڳندي آهي؟

سنڌ حڪومت سميت سڀني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن کي انهيءَ هاف فراءِ   فل فراءِ تي مڪمل پابندي هڻڻ گهرجي ۽ قانون پاس ڪرڻ گهرجي ته جنهن به شخص کي مقابلي ڏيکاري هاف فراءِ ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو شخص ڪورٽ مان باعزت بري ٿيو وڃي ته ان حد جي پوليس کي سخت سزا ڏني ويندي۔ ۽ گڏوگڏ تاحيات لاءِ ان کي ڊسمس آف سروس ڪيو ويندو، مونکي يقين آهي ته جيڪڏهن اهڙو ڪو قانون پاس ٿيو ته  پوليس ڪنهن کي به هاف فراءِ نه ڪندي۔

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.