هن سال به اڳ جيان 5 ڊسمبر تي ڪمپيٽيشن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. هيءُ ڏينهن 5 ڊسمبر 1980 تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي منظور ڪيل ٺهراءَ جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي. ان ٺهراءَ اندر مارڪيٽ ۾ مثبت مقابلن جي فضا کي محدود ڪرڻ وارن محرڪن کي ضابطن ۾آڻڻ لاءِِ عالمي اصول ۽ قانون واضح ڪيا ويا هيا.
آزاد معيشت کي هٿي ڏيڻ ۾ مقابلي بازي جو بنيادي ڪردار آهي، اهو معيشت ۾ صحت مند مقابلو پيدا ڪندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپنيون صارفين کي بهتر معيار جون شيون ۽ خدمتون گهٽ اگهه تي مهيا ڪرڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن. اهڙي طرح معيشت ۾ جدت جي لاڙي کي هٿي ملندي آهي، روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا آهن ۽ ملڪ ۾ معاشي خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو آهي.
آزاد معيشت ۾ ڪاروباري ادارا پنهنجي محنت ۽ سرمائي ڪاري جي ذريعي ترقي ڪري سگهندا آهن جيڪو عمل معيشت جي روح پٽاندڙ آهي، پر ڪجهه ڪاروباري ادارا ان ترقي ۽ بالادستي جو غلط استعمال ڪندي مارڪيٽ ۾ مقابلن کي نقصان پهچائيندا رهندا آهن يا ڪجهه ڪمپنيون ملي ڀڳت ذريعي اگهن جي مقري، مارڪيٽ جي ورڇ ۽ پبلڪ ٽينڊرز ۾ ٻولي جي عمل ۾ ملي ڀڳت ڪري صارفين جي مفادن ۽ معيشت کي نقصان پهچائيندا آهن. وڌيڪ اهو ته گمراهه ڪندڙ مارڪيٽنگ سان صارفين کي خراب ۽ غلط شين جي چونڊ ۽ معاشي نقصان جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اهڙي ريت مرجزر ذريعي ڪاروباري ادارا مارڪيٽ ۾ بالادستي حاصل ڪري ڪاروبار ۽ صارفين جي مفادن کي ڇيهو رسائيندا آهن.
جيئن ته آزاد معيشت ۾ رياست جو ڪردار محدود هوندو آهي ۽ حڪومت سڌو سنئون ڪاروباري معاملن ۾ مداخلت ڪري ناهي سگهندي ان لاءِ دنيا ۾ ڪمپيٽيشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهڙا ڪمپيٽيشن قانون لاڳو ڪيا ويندا آهن ۽ اهڙا ڪاروباري ضابطا رائج ڪيا ويندا آهن جنهن سان معيشت ۾ مقابلي سازي جي مثبت ۽ صحت مند ماحول کي قائم رکندي ڪمپيٽيشن مخالف روين جي روڪ ٿام ڪري سگهجي.
دنيا جي 120 ملڪن کان وڌيڪ ملڪ ان سلسلي ۾ ڪمپيٽيشن قانون ٺاهي ورتا آهن ۽ انهن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪمپيٽيشن ايجنسيز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، جيڪو انهن ملڪن ۾ ڪمپيٽيشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ مرڪزي اداري جي طور تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ صحت مند مقابلا سازي کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
پاڪستان ۾ ڪمپٽيشن جو قانون 2007ع ۾ هڪ آرڊيننس جي طور لاڳو ڪيو ويو ۽ 2010ع ۾ پارليامينٽ ان کي باقاعدي ايڪٽ جي شڪل ڏني. ڪمپيٽيشن ڪميشن آف پاڪستان جيڪو نومبر 2007 ۾ هڪ خودمختيار اداري جي حيثيت سان قائم ٿيو هو .سو ملڪ ۾ مقابلا سازي کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪمپيٽيشن قانون کي لاڳو ڪرڻ لاءِ مسلسل سرگرم آهي. ڪمپيٽيشن ڪميشن آف پاڪستان 2007ع کان وٺي اڄ تائين هڪ سرگرم اداري جي حيثيت سان ملڪي معيشٽ ۾ صحت مند مقابلن کي زور وٺرائڻ لاءِ ۽ ڪمپٽيشن مخالف سرگرمين جي خاتمي لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن ۽ اڄ تائين مختلف ڪمپنين ۽ ايسوسئيشن تي ڪمپيٽيشن ايڪت 2010 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اربين رپيا ڏنڊ لڳايا آهن. ان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏنڊ ملي ڀڳت يعني ڪارٽيل ٺاهڻ ۽ بالادستي جي غلط استعمال جهڙين سنگين ڪمپيٽيشن مخالف سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي لڳايا ويا آهن.
ڪمپيٽيشن ڪميشن آف پاڪستان جي طرفان اهي ڏنڊ لڳائڻ جو مقصد فقط پئسا ڪمائڻ نه هو ڇو ته ڪميشن ڏند ۾ حاصل ٿيندڙ رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جي پابند هوندي آهي. بلڪه ان جو مقصد ڪمپيٽيشن قانون کي ۽ ڪاروباري روين کي ڪمپيٽيشن جي روح پٽاندڙ لاڳو ڪرڻ آهي ۽ صارفين کي ڪمپيٽيشن مخالف سرگرمين کان محفوظ ڪرڻ آهي.
قانون جي نفاذ سان گڏو گڏ ڪمپيٽيسن ڪميشن آف پاڪستان ايڊووڪسي جي ذريعي به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان ايڊووڪسي جي ذريعي ڪميشن تمام لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن کي ڪمپيٽيشن قانون جي ڄاڻ ڏيندو آهي ته جيئن ڪمپيٽيشن قانون جي رضاڪاراڻي تعميل ۾ واڌارو ٿئي ۽ صارفين جي حقن جو تحفظ ٿي سگهي. صحت مند مقابلن کي هٿي ڏيڻ سان ملڪي معيشت تي عالمي سيڙپ ڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ معيشت ۾ غير ملڪي سيڙپ ڪاري سان روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا . ان مقصد کي ماڻڻ لاءِ ڪمپيٽيشن آف ڪميشن پاڪستان ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي.
ڪميشن جي موجوده چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد سدهو، جيئن ته ڪمپيٽيشن جي موضوع ۽ قانون تي گهري مهارت رکي ٿو ، ان لاءِ ان ڪمپيٽيشن قانون جي موثر نفاذ جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن.ان رڪيل عدالتي ڪيسن کي تيزي سان اڪلائڻ ۽اسٽي آردر ختم ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو آهي. ان سان گڏوگڏ مارڪيٽ ۾ اجاره داري، ڪارٽلز، ۽ ڪاروباري ايسوسيئشن جي ذريعي ٿيندڙ ڪمپيٽيشن قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي پڪڙڻ لاءِ سي سي پي جي قانوني ٽيم کي مضبوط ڪيو، ڏنڊ جي وصولي ۾ بهتري آندي. ڪارٽلز جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ۽ ري ايڪٽوانفورسمينٽ کان پروايڪٽو انفورسمينٽ ڏانهن اڳڀرائي لاءِ هڪ مارڪيٽ انٽيليجنس يونٽ قائم به ڪيو.
پاڪستان جي موجوده معاشي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي، هڪ مضبوط ڪمپيٽيشن ڪيمشن ۽ مارڪيٽ قانون جو سخت هئڻ نهايت ضروري آهي. صارفين پهريان ئي مهانگائي ۽ ٻين مسئلن ۾ پريشان آهن ۽ حڪومتي مالي حالت اهڙي ناهي جو انهن کي فوري طور ريليف مهيا ڪري سگهجي. تنهن ڪري ملٽي نيشنل ۽ وڏين ڪاروباري ڪمپنين جي موثر نگراني ضروري آهي ته جيئن اهي صارفين جو استحصال نه ڪري سگهن.
مارڪيٽ ۾ مقابلي جو ماحول هجڻ گهرجي ته جيئن بهتر شيون، خدمتون ۽ جائز اگهن جي فراهمي جي لاءِ پاڻ ۾ هڪجهڙائي هجي.وڏين ڪمپنين جي ملي ڀڳت کي روڪيو وڃي، نئين ڪاروبار ۽ برانڊن کي هٿي ملي ۽ مارڪيٽ ۾ شفاقيت يقيني بڻائي وڃي. ان سان نه صرف سرمائي ڪاري کي هٿي ملندي بلڪه نئين شين جي تخليق ۽ روزگار جا به موقعا به پيدا ٿيندا. جيڪي 24 ڪروڙ جي هن مارڪيٽ جي لاءِ اڻٽر آهي.
(ليکڪ : ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪمپيٽيشن ڪميشن آف پاڪستان آهي.)