اردوءَ جي نامياري ليکڪا زاھدہ حنا، مسلم شميم جي ڪتاب لاڙڪانا ڪي چار درويش ۾ لکي ٿي ته، ھڪ زماني ۾ جڏھن ھندوستان جي آزادي جي لڙائي مختلف سياسي جماعتن، گروھن، اديبن، دانشورن طرفان وڙھي پئي ويئي، ان ۾ ڪميونزم جو جهنڊو کڻي شامل ٿيڻ ائين ھو، جيئن موت کي دعوت ڏيڻ. اھي لفظ چئن درويشن مان ھڪ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ لاءِ لکيل آھن، جيڪو 1925ع ۾ ڪانپور ۾ قائم ٿيندڙ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي تاسيسي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ انقلاب جي راھ تي نڪري پيو ھو.
سنڌيڪا پاران 2023ع ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، شخصيت ۽ سياسي جدوجھد نالي ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آھي، جنھن کي پڙھندي ويساھ نٿو اچي ته سنڌ ڪو اھڙو عھد به ڏٺو ھو، جنھن ۾ جمال الدين بخاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي سياست ۾ ھيجان برپا ھو. ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جي سوانح عمريءَ تي لکيل ھن ڪتاب ۾ مسلم شميم جي ڪتاب لاڙڪانا ڪي چار درويش ۾ لکيل، ايڊٽ ۽ اپڊيٽ ٿيل پروفائيل سميت 37 مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ ڪامريڊ جي پُٽ مڪرم سلطان، ڊاڪٽر رياض شيخ، صحافي محمود شام، صحافي محمود الحسن شرف صديقي، ڪميونسٽ اڳواڻ اعزاز نذير، سياستدان عبدالغفور ڀرڳڙي، وڪيل سياستدان عبدالرزاق سومرو، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، صحافي، دانشور سھيل سانگي، ڊاڪٽر ڪريم دين احمد، سعيد رضا سعيد، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، منظور ڪوھيار، اشتياق اظھر، عبدالحليم شيخ، ڪريم بخش خالد، ترقي پسند اديب مظھر جميل، سليم علوي، صحافي فقير محمد لاشاري، ڊاڪٽر عسڪري حسين، رياض صديقي، ذوالفقار قادري، بشير احمد شاد، عبدالستار ڀٽي، خان محمد پنھور، تاج مري ۽ لياقت راڄپر سميت ڪامريڊ بخاريءَ جي ساٿين سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، علي احمد بروھي، گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي ڪي ھنگل جا ڪارائتا ۽ معلوماتي مضمون شامل آھن.
ڳچ ۽ حق شناس ۾، مڪرم سلطان پنھنجي يادگيرين ۾ مارچ 1900ع ۾ احمد آباد ۾ جنم وٺندڙ ڪامريڊ، جنھن کي سامراج دشمني سُتيءَ ۾ پيل ھئي، جي پوري سياسي، صحافتي، ادبي، سماجي، ذاتي زندگي، بغاوت، ڪيسن مٿان ڪيس، ارڙھن جيلن ۾ 21 سال قيد، مجلس احرار، خاڪسار، خلافت تحريڪ سان تعلق، محمد علي جوھر، جمال الدين افغاني، ڪمال اتاترڪ ۽ مولانا حسرت موھاني کان متاثر ٿيڻ، آڪٽوبر انقلاب جو اثر ۽ انکي ڏسڻ لاءِ افغانستان کان روس جو ٻن سالن جو جان کي جوکي ۾ وجهندڙ سفر، معاشي تنگدستي، علي ڳڙھ جو سفر ۽ اتان جا ساٿي، ڪانپور ۾ 1925ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي تاسيسي اجلاس ۾ سرگرم شرڪت، الوحيد اخبار ۾ ڪم ڪرڻ، ٽريڊ يونين سياست ۾ حصو وٺڻ، مزدور ڪسان پارٽي، ڀارت ڪسان سڀا، سنڌ ھاري ڪميٽيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ، ڪميونسٽ پارٽي جي ڪلڪته ڪانفرنس ۾ سنڌ جي نمائندگي، سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ جي جدوجھد ۾ اھم ڪردار، گوبند مالھيءَ جي ھٿ ھيٺ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪرائڻ، 1942ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري ٿيڻ دوران سنڌ ۾ پارٽيءَ جي تنظيم سازي ۽ جدوجھد، ڪراچيءَ ۾ 1946ع ۾ جهازين جي بغاوت، ڪامريڊ شانتا سان شادي، ڪراچي پارٽي آفيس ۾ ڪميُون قائم ڪرڻ، پارٽي جي ڪميونل بنيادن تي پاڪستان ٺھڻ جي حمايت، ڪراچي پارٽي جي سيڪريٽري قاضي مجتبيٰ کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرڻ، 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي بي ٽي رانڊيو لائين سان اختلاف ۽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي تشڪيل، انڊيا ۾ ٿيندڙ ڪانگريس ۾ پاڪستان جي مرڪزي ڪميٽي جي نامزدگي تي اختلاف ۽ ان کان الڳ ٿيڻ باوجود ھاري ڪميٽي اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ، قاضي فضل الله، ذوالفقار علي ڀٽو، مسلم ليگ جي سياست جو حصو بنجڻ سميت سندس بيماري، لاچاري ۽ وفات جو ڊگهو داستان آھي.
ڪامريڊ بخاريءَ جو پٽ مڪرم سلطان پنھجي مضمون ۾ لکي ٿو ته ڪامريڊ بخاري جا جي ايم سيد سان به ويجها لاڳاپا سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي جدوجھد دوران ٿيا. سيد پارٽي آفيس ۾ ايندو ھو ۽ ساڻس گڏجي بمبئي پارٽي آفيس ۾ به ويو، جڏھن ته ڪامريڊ شانتا سان شاديءَ جي پھرين دعوت به جي ايم سيد جي گهر ٿي ھئي. سوڀو گيانچنداڻي لکي ٿو ته، مونکي پارٽيءَ ۾ جمال الدين بخاريءَ شامل ڪيو ۽ ڪوئيٽ انڊيا تحريڪ مان الڳ ٿيڻ لاءِ چيو، جنھن کان مون انڪار ڪيو. سوڀو لکي ٿو ته، اھا ڳالهھ اڄڪلھه جي پيڙھيءَ کي عجيب لڳندي ته ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا پاڪستان کي مسلم گهڻائيءَ وارن علائقن جي حق خود اختياري سان تشبيھ ڏني ھئي ۽ گانڌي ۽ جناح جي ملڻ ۽ ٺاھ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ھيون. علي احمد بروھي لکي ٿو ته، جهازين جي بغاوت سان يڪجھتيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ پارٽيءَ جلسو ڪيو، جنھن ۾ مُنو لک ماڻھو موجود ھئا. 1946ع ۾ 19 فيبروري کان 25 فيبروري تائين جھازين جي بغاوت، جنھن ۾ برطانوي فوجين، خلاصين کي ڪوارٽرن ۾ واڙي بندرگاھ ۽ جھازن تي قبضا ڪيا ويا ھئا، جي سھڪار ۾ جڏھن ڪراچيءَ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ته ان وقت پارٽيءَ جو سيڪريٽري جمال الدين بخاري ۽ سندس نائب سوڀو گيانچنداڻي گرفتار ٿي چڪا ھئا.
1951ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي مار پئي، ڪيئي ڪميونسٽ گرفتار ٿيا، سجاد ظھير کي چار سال کانپوءِ جيل مان ڪڍي ملڪ بدر ڪيو ويو. 1954ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پھل سان قائم جگتو فرنٽ چونڊ کٽي ۽ ساڳي سال ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش پئي ۽ اولهھ پاڪستان ۾ ون يونٽ قائم ٿيو. 1948ع کان پوءِ جي سياست ۾ سرگرم ڪميونسٽ مداخلت بي ٽي رانڊيو لائين جو نتيجو آھي پر ايندڙ ڪانگريس ۾ ھڪ ڀيرو وري اسٽالن جي چوڻ تي قومي بورجوازي جماعت ڪانگريس تي ھٿ ھلڪو رکجي ٿو ۽ دنيا جي مضبوط ۽ وڏي ڪميونسٽ پارٽي ٻن حصن ۾ ورھائجي وڃي ٿي. جمال الدين بخاري 1935ع کان اڌيڪاري ٿيسز سان بيٺل رھيو، پوءِ جي سياست انھيءَ جو شاخسانو آھي. 1948ع جي فيبروري، مارچ ۾ ڪانگريس جي روشني ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا سجاد ظھير کي پاڪستان جي پارٽيءَ جو سيڪريٽري نامزد ڪندي اٺ رڪني مرڪزي ڪميٽي ٺاھي، جنھن ۾ جمال الدين بخاري به شامل ھو پر کيس آڪٽوبر 1948ع ۾ پارٽيءَ سان غداري، پورٽ يونين جي اڳواڻ شرف علي جي گرفتاري دوران بزدلي، ڊسيپلين جي ڀڃڪڙيءَ ۾ سمورن تنظيمي عھدن تان ھٽائي سندس ميمبرشپ ختم ڪئي ويئي ته ھن الزامن کي رد ڪيو ۽ اعتراض واريو ته مرڪزي ڪميٽي پاڪستان جا ڪميونسٽ ڪارڪنن پاڻ گڏجي ٺاھين ھا. سنڌ ۾ اھڙي ڪوشش 1937ع ۾ امين کوسي ۽ قادر بخش نظاماڻي ڪئي ھئي ته کين پارٽي مان خارج ڪيو ويو ھو ۽ ان وقت ڪامريڊ جمال الدين پارٽي فيصلي سان گڏ ھو. سنڌ ۾ 1942ع کان 1948ع تائين پارٽيءَ ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي، مشھور مقبول ٽريڊ يونين ليڊر نارائڻداس بيچر، پوھو مل، ھاسا رام، قاضي مجتبيٰ، حشو ڪيولراماڻي، علي احمد بروھي سرگرم ھئا. ڄاڻايل ڪتاب ۾ ڪنھن ويل حسن ناصر جي بازگشت به ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، جيڪو به مسلسل روپوشيءَ کانپوءِ ھڪ ڏينھن پڪڙجي مارجي ٿو ۽ سندس لاش ماءُ جي سڃاڻڻ جهڙو به نٿو رھي.
ڪامريڊ بخاريءَ کي ھٽائڻ کانپوءِ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جي پارٽيءَ جو سيڪريٽري ٿيو. سوڀي کان سواءِ ٻيا سڀ ھندو ڪامريڊ وقت جي جبر آڏو آھستي آھستي ڀارت ھليا ويا. قاضي مجتبيٰ کي مسلم ليگ راس اچي ويئي. سوڀي گيانچنداڻي 1950ع ۾ آزاد ٿيو. عزيز سلام بخاري روپوشيءَ کانپوءِ 1950ع تائين جيل ۾ رھيو، نتيجي ۾ سنڌ ۾ ڪميونسٽ پارٽي اھڙي گم ٿي، جو ويساھ ئي نٿو اچي ته اھڙي انقلابي صورتحال به ڪا ھئي، جو سنڌ جي وڏي وزير ۽ محمود ھارون جهڙو سگهو وزير گوبند مالھيءَ کي احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندي نظر پئي آيا. ڪامريڊ جمال الدين بخاري ھڪ دفعو ٿڙيو ته پوءِ کيس ڪٿي به چين نه مليو. 1949ع کان 1984ع تائين واري زندگيءَ کي علي احمد بروھي لاچاري، بيوسي ۽ گهاڻي ۾ وھائڻ واري زندگي چوندي ان لاءِ لکي ٿو: جياپي جون گهڙيون گهارڻ، پنھنجي اھل عيال جي پرورش ڪرڻ، پاڻ کي مشغول رکڻ لاءِ ھر پليٽفارم تي بار ڍوئيندو رھيو، جنھن مسواڙي سياست سان سندس ذھن ۽ ضمير جو ڪو واسطو ڪونه ھو. مولانا ابوالڪلام آزاد ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جي سياسي اوج واري عھد ۾ قلعه احمد نگر ۾ قيد ھو. 11 آگسٽ 1942ع غبارِ خاطر ۾ جيل يادگيرين ۾ هو لکي ٿو، ھتي ڪجھ ماڻڻ جو مزو اھو وٺي سگهي ٿو، جيڪو ڪجھ وڃائڻ ڄاڻندو ھجي. جنھن ڪجھ وڃايو ئي نه ھجي انکي ماڻڻ جي مزي جي ڪھڙي خبر؟. ھڪ تاريخي عھد جي سياست جي مھندار ڪامريڊ جمال الدين بخاري سياسي ورثو ڇڏي جيڪو ماڻي ويو، ھن ملڪ ۾ اھو مان مرتبو ڪنھن خوش نصيب جي پلئه ئي پيو ھوندو.
(نوٽ: ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري جي 14 مارچ تي 146 هين سالگرهه هئي)