اسان ننڍي هوندي کان جيڪو اسڪول جو ڪورس پڙهيو اهو 50 سالن تائين ساڳيو پڙهايو ٿو وڃي ان ۾ ڪا به معلومات اهڙي ڪانهي جيڪا اڄ جي دور ۾ڪم اچي، صرف سنڌ ۾ پڙهائي کي اهميت ڇو نه آهي؟ ٻيو اهو مسئلو آهي ته هتي جيترا شاگرد اسڪول ۽ ڪاليج مان پڙهي نڪرڻ ٿا ته تن لاءِ ڪي مناسب يونيورسٽيون ڪونهن ٻيو ته اسڪول جو ٻار جڏهن ڪاليج ۾ اچي ٿو ته ان لاءِ وڏن شهرن توڙي سندن شهرن ۾ ڪاليجن جو تعداد تمام گهٽ آهي جيڪو ٻار پرائيويٽ اسڪول مان پڙهي اچي ٿو ته ان لاءِ ڪاليج به پرائيويٽ ڳولجي ٿو هن هيڏي مهانگائي جي دور ۾ ڪاليج جي فيس به آسمان سان ڳالهيون ٿي ڪري پر مائٽ مجبور ٿي ان کي ڪاليج ۾ وجهيو ڇڏي .
هاڻي اچون ٿا شاگردن جي صورت حال تي جيڪو ٻار گهڻو هوشيار آهي ان جي واھ واھ آهي پر جيڪو پڙهڻ ۾ ڪمزور آهي ان جا وري والدين پريشان آهن الائي اسان جو ٻار پاس ٿي سگهندو الائي نه. پڙهڻ جو شوق ٽڪي جو نه هوندو والدين جي خواهش هوندي آهي ته ڪنهن طرح منهنجو ٻار پاس ٿي وڃي ٽيوشن تي خرچ ڪرڻ ڳوريون فيسون ڏيڻ کان پوءِ به ٻار ايورج مارڪون کڻي ٿو اچي ٿو ته والدين کي ڳڻتي ورائي ٿي وڃي، هتي هڪڙي ڳالھه چوندي هلان ته والدين جو سڀ کان گهڻو ٻار مٿان اهو بار وجهڻ هوندو ته پٽ توکي ڊاڪٽر ٿيڻ گهرجي توکي انجنيئر ٿيڻ گهرجي اهو ٽارچر ٻار کي پڙهڻ ناهي ڏيندو. والدين اٿندي ٻار مٿان پنهنجي مرضي مڙهي وقت به وقت ٻار مٿان تارچر ڪندو رهندو آهي. ان صورتحال ۾ ٻار کان هر قسم جي دلچسپي ختم ٿي ويندي آهي هن جو ذهن ايترو مفلوج هوندو آهي جو هو ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جي قوت وڃائي ويهندو آهي هاڻي ڪنهن کي ڏوھ ڏجي تعليم کاتي کي اسڪول کي يا پنهنجي پاڻ کي آئون اڪثر سوچيندي آهيان ته هن ڪمپوٽر جي دور ۾ به اسان جو ٻار جيڪو ٽائيپنگ ڪرڻ لڳو آهي تنهن جا هٿ اکر ڪيئن بهتر ٿيندا. مٿان استادن جي رڙ ته ٻار جي رائٽنگ تي ڌيان ڏياريو. اسپيڊ گهٽ اٿس اکر خراب اٿس؟ ڇا ڪجهه سالن ۾ ان ڪورس جي مطابق اسان جو ملڪ ترقي ڪندو جن ڪتابن ۾ دفن ٿيل شين جي ساراهه کان سوا ٻيو ڪجهه ناهي اسان جي ڪتابن ۾ هر شئي سون آهي پر ظاهري طرح سان واري پئي اڏامي.
ٻيو الميو اهو آهي جو ٻار پنهجي مادري ٻولي نٿو پڙهي لکي سگهي آئون هڪ ماءٌ آهيان پنهنجي ڌي کي سنڌي پڙهائڻ چاهيان ٿي پر منهنجو بلڊ پريشر وڌيو وڃي سبب اندر اسٽينڊنگ نه هجڻ، جو آهي. مونکي ان ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي آهي ته آخر ٻار پنهنجي ٻولي سان پيار ڇو نٿا ڪن پر اسان جا ليڪچر ڳالهيون ڪنهن به صورت انهن ٻارن کي سڌاري نٿيون سگهن مٿان وري ڏک جي خبر اها ته اسڪول سنڌي پڙهائڻ لاءِ اردو ڳالهائيندڙ رکي ويندي آهي لفظ جو اُچار غلط ٻڌي اڃان طبعيت خراب ٿي ويندي آهي پر ان هوندي جيڪو پڙهڻ وارو ٻار هوندو آهي اهو ان لاءِ آهي سڀ حيلا وسيلا ڪا معنى نه رکندا.
اسان جو ٻار تعليم کي هڪ بار ٿو سمجهي ان ڪري هو ڪورس کان هٽي جيڪي ڪتاب پڙهي ٿو سي ان جي سمجهه ۽ سوچ ۾ اضافو ڪن ٿا اسان اڄ به دنيا کان گهڻو پوئتي آهيون. اسان وٽ تعليم کي وٺي هر گز ڪم نٿو ڪيو وڃي نه ڪورس ۾ ڪا تبديلي آندي ٿي وڃي نه وري ان ڳالهه تي سوچ ويچار ڪئي ٿي وڃي.
اسان ان فرسوده سماج جو حصو آهيون جنهن ۾ استاد پاڻ ڪاپي جي پيداوار آهن جن کي علم سان ڪا دلچسپي ناهي. تعليم جا ٺيڪيدار هن ملڪ جي ٻارن جو ڪهڙو فائدو ڏئي سگهندا هتي نوڪري پئسن سان بدلي پئسن سان اسڪولن ۾ فرنيچر ناهي اسڪولن ۾ پکا ڪونهن پاڻي جا ڪولر ڪونهن ڪٿي ته اهو معيار آهي جو ماستر پگهار پوري کڻي ٿو پر نه اسڪول نه ٻار ن جو ڪو وجود هوندو آهي. هن قسم جي ديس ۾ ڪهڙي تعليم ملي سگهندي پرائيويٽ اسڪول ڪاورربار لڳايو ويٺا آهن ايئن سرڪاري اسڪول نه هجڻ جي برابر آهن، جڏهن اسان پنهجو پاڻ نه سڌارينداسين تيسن تعليم کي سڌاري نه سگهنداسين.